ڪنهن جي ناهي هيءَ سراء،ِ

'استاد بخاري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سوچي قاتل جو قاتل،
    آيو قاتل تي ڪهڪاءُ.

    پر جي ڪوئي نانگ هُجي،
    تنهن کان ڪهڙو آهه بچاءُ!

    سِر جي بدلي ڏين ٿو سون،
    پو ڀي تو وٽ ناهه وِڪاءُ!

    او وڻجارا وائيءَ جا،
    مَن جو موتي ڪهڙي ڀاءُ!

    گھايل مَن جا گھايل گيت،
    جِن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ.

    جِن ۾ ڌَرتيءَ ڌرتيءَ دُک،
    جِن ۾ ماڻهوءَ ماڻهوءَ گھاءُ.

    ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ’اياز‘
    جُڳ جُڳ جلندا منهنجا ڀاءُ!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو