ڪراڙ ڪناري اياز، اڄ به اڪيلو!!

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪراڙ ڪناري اياز، اڄ به اڪيلو!!
    ضراب حيدر




    الف شاهه شهيد جي درگاهه سامهون هڪڙي سنهڙي گھٽي شڪارپور شهر جي شيخ محلا وٽ وڃي دنگ ڪري ٿي، جتي اقبال بيگم مدفن آهي. هيءَسنهڙي سِڌي گِھٽي پنهنجي اُداسي سان اڄ به وِڇائي پئي آهي جنهن کي شايد ڪنهن جي قدمن جي آهٽ جو اوسيئڙو آهي.

    مڃون ٿا ته شڪارپور جون ڳِليون دهلي جي محلي ”بليماران“ جي گلي (گِهٽي) قاسم جهڙيون ڀل نه هجن، جتان غالب اُڀريو، پر هي سخي ڳِليون بني هاشم جي سخاوت جهڙا وڏا سلسلا کڻي هَلن ٿيون. ڇوته شيخ محلا مان هڪڙي آڏي تِرڇي گھٽي ڪربلا وٽ اچي کُٽي ٿي، ڪربلا جو پِڙُ، جيڪو لکِيدر وٽان ڪر کنيون بيٺو آهي، هيءَ گھٽي پڻ ’الف شاھ شهيد‘ واري درگاھ کان ايندڙگھٽيءَ جهڙي آهي، پرروزانوسوَن هزارن ماڻهن جوراهگُذرآهي. اهڙي ئي هڪڙي گِھٽي قاضي حبيب الله اسڪول جون ديوارون ڇُهندي چُمندي شيخ محلا ۾ وڃي پنهنجو پاڻ گُم ڪريو ڇڏي. اهڙيون ٻيون پڻ ڪي گھٽيون ڍڪَ بازارمان وڃي شيخ محلا ۾ کُٽنديون آهن جن تي ايازجون آهٽون اڄ به شايد ڌڙڪن ٿيون.

    شڪارپور جي اُنهن پيچيده سنهڙين گھٽين مان جڏهن ساميءَ جا سلوڪ، سِلوٽون ڀريندا جڳ ۾ وائکاٿين ٿا ته جيون دان بڻجيو پون جن جو پڻ مٽُ ثاني ڪوڪونهي. اُنهن ئي سنهڙين کيچلين ڳلين مان هڪ ’مبارڪ‘ ماڻهو، مَها سوچون کڻي ڪُلاچيءَ جي ڪُن ۾ گم ٿي ويو (ها اياز ڪراچيءَ ۾ ئي گُم ٿي ويو هو نه!؟) جيتوڻيڪ اڄ به اُهي سموريون ڳليون اُن شخص جي آهٽ لاءِ اٻاڻڪيون آهن، جيڪو اهڙيءَ رٿَ تي سوار ٿي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو، جتان اڃا تائين ڪوئي به واپس نه وريو آهي.

    اياز، جنهن جي جنم ڀُومي شڪارپور آهي، شڪارپور، جنهن اياز کي اعلان ڪيو!!

    اِهڙو اعلان، جيڪو ڪيترن ورهين کان ڌرتيءَ جي دامن ۾ دٻيل هو!!!

    شڪارپور، جتي سونهن ۽ چاهه سدائين ساماڻِيل هوندو آهي، اِهو اِن لاءِ به چوان ٿو، جو شڪارپور جي گِھٽين ۾ مون ڪيڏيوناکيونمانديونڏٺيون آهن،منهنجوٻاروتڻ اُن شهرشڪارپورجي گھٽين ۾ رانديون کيڏندي گذريوآهي جن گھٽين مان اياز ڏِيَا ۽ شاعريءَ جون جھولِيون ڀري ويو. ها مان فخروچان اِهو به چئي سگھان ٿو ته شڪارپورجي مڻيا ئي اياز کي پيدا ڪيو، جنهن شڪارپور جي عمارتن جا بادگير اياز جيان اُچا آهن. جنهن شهر ۾ ساميءَ جا سُلوڪ سَلاٽيل آهن، جنهن شهر ۾ ’منچُرُ شاهه غازي‘ ۽ ’فقيرالله علوي‘ جهڙا مڙس مانجھي ۽ اولياءَ سُتل آهن، تنهن شهر جون ڪرامتون ۽ ڪرم ڪهڙا ڳائجن؟! هي شهر جيڪو پنهنجي ويرانين ۽ بربادين ۾ به اياز جون ساکون کڻي ٿو، سو اياز هڪ دؤر، هڪ اتهاس آهي، جنهن ۾ ارڏائي، هوشياريءَ کان وٺي اُها معصوميت سمايل آهي، جيڪا هڪ شاعر جو حصو هوندي آهي. شڪارپور جي ريوَڙين، نِباتُن، نقُلن ۽ ڀُڳڙن جهڙو مِٺڙو، اُجرو ۽ارڏو شاعر شيخ اياز، شڪارپور جي ’شاهه ڪڙڪ‘ ۽ ’پنجن پيرن‘ کان گھٽ ناهي، جنهن جي هر رنگ ۾ زندگي ائين پئي نظر اچي، جيئن ڪنهن زماني ۾ سُڪَ پُلِ کان بگين جو گذر ٿيندو هو.جيئن لکِيدر۽ شاهي باغ ۾ زندگي جا ميلا مچندا هئا. ٽانگي جي نالن جي ٽُٻڙاڪ ٽُٻڙاڪ سان فاعلُن فاعلُن۽ مُفاعيلن مُفاعيلن جا اُهي آواز، اُهي ادائون ۽ صدائون اڄ به ائين اياز جي مداحن جو احاطو ڪن ٿيون، جيئن ڪِڙي عطا محمد کان اسٽول گنج، واڳڻيدر، سِويدر، لکِيدر، جُماڻي هال ۽ هاٿيدر تائين ڦري ايندڙ موڪرو رستو، شهر شڪارپور جو احاطو ڪري ٿو. جيئن شڪارپور )جيڪا اصل آهي) اُن موڪِري راهه جو احاطو ٽوڙي نه سگھي آهي، ائين ئي اسين اياز جي شاعري جي سحر کان ٻاهر ڪٿي نِڪري سگھيا آهيون؟!!

    زندگي هجي يا بندگي، ڪا ڪِرت هجي يا شاعري، جيڪڏهن اُن ۾ سڀ سانگ سجايو ٿي پوي ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟ تنهنڪري اِهو چئي سگھجي ٿو ته اسان جي محبوب شاعر شيخ اياز جو هر سانگ سجايو آهي، جنهن جو اظهار هن پاڻ به پياري انداز ۾ ڪيو آهي.

    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي،

    ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦُٽي

    ائين وقت ڪٽيو ائين عمر لُٽي

    سڀ سانگ سجايو آ پيارا...

    مون اڳـ۾ به ڪٿي لکيوهوته حسن درس جي جوانيءَ جھمپيرکان موٽ کاڌي،ايئن منهنجي جوانيءَ ڪراڙ تي دنگ ڪيو ڇوته مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي لطيف سائين جي نگري ۾ رُلندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي مُرشد جي عقيدت ۾ مون جيڪو به پِرايو آهي اُن جو دنگُ ڪراڙ تائين ئي آهي) ۽ ايازاُنهي ڪراڙ جي ڪناري سمورا سانگ سجايا ڪري وڃي سُتو. اِهاهڪ وڏي منزل آهي وڏي سعادت آهي. پرالائي ڇو؟ مونکي شاھ جي نگري ۾ تنبوري چؤڪ کان درگاھ تائين هزارن آوازن جا پڙاڏا محسوس ٿيندا آهن، جن مان هڪ پڙاڏو اِهوبه هوندوآهي ته،

    ”ڪهڙي منجھ حساب هئڻ منهنجوهوت ريءَ“

    پرجڏهن ڪراڙ جي ڪناري گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، ثقافتي مرڪز واري ميوزيم جي ڀِڪ ۾ بيهندو آهيان ته مونکي شيخ اياز جي هنن سِٽن جا پڙاڏا ٻُڌجندي محسوس ٿيندا آهن، اياز جيڪو هرسانگ رچائي هرسانگ سجايوڪري، لطيف سائين جي چَرنن ۾ سندس پيرانديءَ کان سجايو ٿيو. اڪثرسوچيندوآهيان ته آسپاس واري واءُ ۾ هي ڪهڙا آواز آهن جيڪي اڄ به انهي ساڳئي تاثير سان ڀٽڪي رهيا آهن، جهڙي تاثيرسان ماضيءَ ۾ محسوس ٿيندا هئا،

    ” ڇوايازاڄ وري ڇانؤَ ڳولهين پيو“

    مونکي هن لمحي ماضيءَ ۾ پڙهيل هڪ انٽرويو ياد اچي رهيو آهي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هو، جنهن ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ بلوچ صاحب چيوهوته ” اياز کي جيتوڻيڪ مٿي کنيو ويوآهي پرايازکي ٻوليءَ جي ڪا به خبرڪونهي“

    اڄ بلوچ صاحب ڪونهي نه وري اياز ئي هن دنيا ۾ موجود آهي، بلوچ صاحب جو ڏنل جواب جيتوڻيڪ هينئرسوڌوسوال بڻيل آهي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بلوچ صاحب ٻوليءَ جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو، سندس ڪم ۽ محنت تي ڪوبه حرف آڻي نٿو سگھجي. پرايازجنهن انداز سان ٻوليءَ جي پريذنٽيشن ڪئي آهي اهڙو انداز يا ڏانءُ ته لطيف سرڪار کانپوءِ ڪنهن وٽ به نٿو ملي. سومنهنجو پنهنجو خيال آهي ته ٻوليءَ تي مهارت يا ڄاڻ هجڻ هڪ الڳ ڳالھ آهي ۽ ٻوليءَ کي ايڪسرسائيز (مشق) ۾ آڻڻ ٻئي ڳالھ آهي مطلب ته ٻولي کي ٻولائڻ، سَرگمائڻ، رِڌمائڻ الڳ ڳالھ آهي، ٻوليءَ تي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سُٺي ڳالھ آهي پر ٻوليءَ کي بيان يا پيش ڪرڻ هڪ ٻئي ڳالھ آهي جيڪا ڳالھ اياز وٽ هُئي. ايازتي ڀل ڪيڏيون به تنقيدون ٿين پرايازهن ڌرتيءَ جوشاعرآهي جنهن ڏات انوکي آندي، هُن هرسِٽ هر جُملي ۾ ڌرتيءَ کي سمايو، ٻوليندي ٻوليندي پنهنجوسيسُ نمايو، ڪينجھرکان ڪارونجھر تائين کيس چِشمن چايو،

    آئون ته اِن خيال جوآهيان ته ڪنهن کي به ڪنهن سان ڀيٽڻ نه گُھرجي، شاھ لطيف، شاھ لطيف آهي اُن جهڙو ڪوئي ڪونهي ۽ اياز ايازآهي اُن جهڙو به ڪوئي ڪونهي. نه ڪولطيف ثاني آهي نه وري ڪو ايازمُقابل آهي، هرشاعرپنهنجي دؤرجو نمائيندو۽ معصوم ماڻهوآهي جنهن جي پنهنجي رمز، پنهنجي ڪائنات آهي، پنهنجي نِهار پنهنجو مُشاهدو ۽ پنهنجواظهارآهي.

    سوجنهن رنگ ۾ ايازاظهاريوآهي اُهو رنگ بنھ نيارو ۽ سگھارو آهي، جنهن ۾ پرين ۽ پيار، سنڌ ۽ هُٻڪارهاڻ سوڌو مِهڪندي مِلن ٿا.

    آئون اڄ به شڪارپور ويندو آهيان ته شڪارپور جون اُداس وِڇايل ڳِليون مونکان هڪ شخص جو پتو پُڇنديون آهن جيڪو سکر جا سانگ ڇڏي ڪراچي ڪناري ويوته وري اُنهن گھِٽين ۾ نه آيو جيڪي اڄ سوڌو سندس منتظر آهن. اُنهن بي نانءُ گھٽين کي ڀلا ڪهڙي خبر ته اياز ڪڏهوڪو پرين پياري جون گھٽيون وڃي وسايون جيڪي لولاڪ نگر ۾ آهن، سو هاڻي ڪڏهن به وري شڪارپورنه ايندو.

    اياز، هڪ ڀيرو شڪارپور اچي سگھيو پئي اُنهن اُداس گھٽين جو داس يا داسڙو بڻجي، جيڪي ڪنهن داسي وانگي پنهنجي ديداور لاءِ روئي رهيون آهن. ايازکي هڪ پل لاءِ ئي سهي شڪارپور کي اُهي جوتُون ۽ روشنيون موٽائي ڏيڻ کپن ها جيڪي هو شڪارپور مان کڻي، شهرِ جانان کي اڪيلو ڪري ويو، شايد اياز اُن شهرِجانان کي ايئن هميشه لاءِ ترسايو جيئن هُو ’ٽڙي پوندا ٽاريهن‘ ۾ اظهاريندو رهيو، ورهاڱي جو درد پنهنجي جاءِ تي پر ايازکي پنهنجي شڪارپور جوبه دردهو، جنهن کي هو ڪنهن مصلحت تحت اڪيلو ڪري ته آيو هو پرڪڏهن به وساري نه سگھيو،

    سؤ ڏک هئا سؤ درد هئا پرزندگي پياري هئي،

    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان ڇا چاندني پياري هئي،

    اڄ آڪاش ۾ چند ڏي ٿو وِک وڌايان الوداع.

    شايد اياز اِن سِٽ کانپوءِ شهرِ جانان جو تصورڪٿي ڪو ٻيولهي ورتو، يا وري شايد معصوم شاعر جي معصوميت کيس اُن مِٽيءَ کان ڏور ڪري ڇڏيو جيڪا آخري دؤر ۾ پروان چڙهندي چڙهندي اڌوري رهجي وئي. هو يورپ جي مشهور گائيڪ گروپ ”انيگما“ جي هڪ شاندار سانگ وانگي معصوميت ڏانهن موٽي ته آيو پر پنهنجي مِٽي منجھ مِلي نه سگھيو جنهن جي خوشبوءِ سدائين اياز مان ايندي رهندي هئي.

    اياز پنهنجي معصوميت طرف موٽي آيو، انيگما جي ڳايل اُن سانگ جي تَت جيان جنهن جا ٻول ڪرانفاوَ لکيا هئا ۽ ٻڌايوهيائين ته ’ماڻهوءَ کي پنهنجا سمورا خول لاهي اُڇلائڻ گھرجن، لازوال مُرڪ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو روئي به وٺي، ماڻهوءَ کي اِهو ڊپُ نه ڪرڻ گھرجي ته هو ڪمزور آهي نه وري اِهو فخرڪرڻ گھرجي ته هو ڪو مظبوط آهي، بس ماڻهوءَ کي پنهنجي دِل ۾ ليئو پائڻ گھرجي ۽ اِهائي معصوميت آهي.‘ اياز تي ڀل ڪيڏيون به تنقيدون ٿين پرهُن آخري وقت ۾ به پنهنجي دِل ۾ ليئو پائي ورتو هو ۽ جيڪي ڪجھ کيس نظر آيو هو هُن اُن کي دُعائن ۾ اظهاريوهو. ايازهردؤر ۾ روئيندو کِلندو رهيو، جتي هو ارڏو هواُتي سندس من پشم جيان مُلائم به رهيو، ظاهرآهي ’سرتيون سارو ڏينهن هينئڙوهنڌ نه هيڪڙي‘ وانگي ايازهڪ انسان به هو جيڪو زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جو شِڪار رهيو.

    اياز ويهين صدي جو وڏو ماڻهو هو،هو ڏاهوبه هوته معصوم به .اياز جي پنهنجي هڪ سُڃاڻپ آهي، جيڪا هميشه رهندي پر پوءِ به الائي ڇو آئون جڏهن به ڀٽ شاھ ڪراڙ ڪناري ويندو آهيان ته مونکي اُهو ئي پڙاڏو محسوس ٿيندو آهي جيڪو اياز جو ئي پڙاڏو آهي ڇو ته آئون سالن کان محسوس ڪريان ٿو ته اياز ڪراڙ ڪناري سَجايوهوندي به بنھ اڪيلو آهي،

    ”ڇو اياز اڄ وري ڇانؤَ ڳولهين پيو!!!!......

    هڪڙي ڇانؤَ جيڪا اياز پاڻ سان ويڙهي سمهي رهيو ۽ ٻئي ڇانؤَ جيڪا اياز شڪارپور مان وِسائي شهرِ جانان کي اُساٽ ڏئي ويو. بس هاڻ ته هڪ طرف ڪراڙ ڪناري اُهي پڙاڏا آهن ته ٻئي طرف شڪارپور جون انتظاريون آهن، ڇانؤَ نه شڪارپور ۾ آهي نه وري اياز وٽ.
     
    آخري ترميم: ‏12 مارچ 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو