محمد سليمان وساڻ سائين جنم ڏينهن جون واڌايون

'مختلف موضوع' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سنـــڌ سلامت ويبسائيٽ جو جاکوڙيندڙ ساٿي محترم سائين محمد سليمان وساڻ هڪ سٺو ليکڪ، بھترين انسان هجڻ سان گڏ همدرد، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي چاھ رکندڙ شخص آهي، انتهائي سادي طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن وٽ دوستن لئه اڻ کُٽ پيار ۽ سچائي آهي، مختلف وقتن تي خوبصورت لکڻين وسيلي سنڌ جي املھ هيرن کي ڀيٽا ڏيڻ سندس ڄڻ ته ذميواري آهي، ليکڪن، شاعرن، فنڪارن توڙي ٻين حوالن سان مڃتا ماڻيندڙ شخصيتن کي مان ڏيندي خوبصورت ليک لکندو رهي ٿو.
    ساڻس منهنجي ملاقات “ صاف “ جي پهرين سالگره ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار، ممتاز مرزا هال ڪراچي ۾ ٿيل پروگرامن ۾ ٿي، پهرين ملاقات ۾ ائين مليو ڄڻ ساڻس ان کان اڳ به کوڙ ساريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيل هجن، وڏي سڪ ۽ پيار منجهان ڀاڪر ڀري پنهنجائپ منجهان ملندڙ شخص محمد سليمان وساڻ اتي موجود هر دوست سان ائين ئي مليو، قرب ۽ پيار ڏنو، سندس ملاقات ۽ پيار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
    هن اڄوڪي سوشل ميڊيا جي دور ۾ سرگرم دوستن ۽ خدمتگارن ۾ سندس نالو هميشه لئه سونن اکرن سان لکجي چڪو آهي، محمد سليمان وساڻ جون ادبي حوالي سان ڪيل خدمتون ۽ مختلف ادب دوستن جون لکڻيون سهڻي ڊزائين ۾ سجائڻ ۽ دوستن سان ونڊڻ وارو ڪم ساراھ جوڳو آهي،
    سنڌ سلامت ويب سائيٽ سميت سوشل ميڊيا تي مختلف گروپن ۾ سرگرم رهندڙ محمد سليمان وساڻ جي اڄ 13 مارچ تي سالگره آهي، سندس جنم ڏڻ جي موقعي تي کوڙ سارو پيار، نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته شال سدائين کوڙ ساريون خوشيون ماڻي.
     
    فيض محمد درس فقير هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿورا ناهن ٿورا .....

    سچ اهو آهي ته دوست آهن، محبتون آهن ته سالگرهه جا مزا به آهن.

    اوهان سهڻن لفظن ۾ ڀيٽا ڏني، جواب ۾ مهرباني چوڻ لاءِ مون وٽ محبتون ۽ دعائون ئي آهن.
     
    فيض محمد درس فقير هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لاجواب ماڻهون آهي
    الله تعالي کيس وڏي حياتي ڏئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو