ميت کي غسل ، ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو

'مذهب' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    ميت کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو
    مرتب . فقير قمر الدين نائچ
    ڪمپوزنگ. امداد علي قادري
    فهرست
    نمبر عنوان صفحه نمبر
    01 سڪرات مهل قرآن پاڪ بخشائڻ جو طريقو
    02 توبه ڪرڻ جو طريقو
    03 ڪفن تيار ڪرڻ جو طريقو
    04 غسل ڏيڻ جو طريقو
    05 نماز جنازه پڙهڻ جا آداب ۽ طريقو
    06 قرآن پاڪ بخشائڻ جو طريقو
    07 ميت کي قدمي ڪرائڻ
    08 ميت کي قبرڻ ۾ لاهڻ ۽ قبر مڪمل تيار ڪرڻ
    ۷۸۶
    ۹۲
    ٻہ اکر
    نحمدہ ونصلي علٰي رسوله الڪريم
    سڀ سا راهون سنسار جي سرجڻهار لاءِ آهن جنهن پنهنجي ڪرم سان هن دنيا جي تختي تي هدايت جا آفتاب چمڪايا ۽ لکين صلواتون ۽ سلام هجن ان پياري محبوب صلي الله تعالي عليه وسلم ۽ سندن جي آل ۽ اصحابن (عليم الرضوان) تي جن انسانيت کي گمراهي مان ڪڍي هدايت ۽ ايمان سان سنواريو. هن ڪتابڙي ۾ “ ميت کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو” چٽي طرح سان لکيو ويو آهي.هن دور ۾ هن موضوع جي سخت ضرورت آهي .ٽائيم ڪڍي حافظ علي گل فقير خشڪ وٽ ويس جنهن ميت کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو واضح ۽ چٽي طرح سان ٻڌايو، جيڪو مان لکي ميان عبد الحميد عرف ميان اڇل سائين رحمۃ الله تعالي عليه ۽ ميان عبد الحي عرف ميان شمن سائين دامت برڪاتهم العاليه کي پڙهي ٻڌايو جن تصديق ڪئي ۽ ڪتاب لکڻ جو حڪم ڏنائون.هي ڪتاب مختصر هئڻ جي باوجود ميت کي ڪفن ۽ دفن ڪرائڻ ۾ بهترين مددگار ۽ هڪ رهنما ثابت ٿيندو.
    دعاگو فقير قمر الدين نائچ
    سگ دروازه خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف
    بسم الله الرحمن الرحيم
    1.سڪرات مهل قرآن شريف بخشرائڻ جو طريقو : ڪو بہ شخص سڪرات ۾ هجي ۽ ڳالهائي نہ سگهي تہ ان جو وارث قرآن پاڪ تي هٿ رکي بخشائيندڙ جي پٺيان هي الفاظ چوي.“ هي ڪلام الله، ڪلام آهي الله تعالي جو، وسيلو آهي ٻنهي جهانن جو، وسيلو ورتو سون بخشائيندو آهيان مان فلاڻي کي(ان جو نالو وٺڻ گهرجي) واسطي صحت اچڻ جي وڃڻ هن مرض جي، ظاهري ۽ باطني،هي ڪلام الله، ڪلام آهي الله تعالي جو ملڪ تنهنجي ڪيم.لا اله الا الله محمد رسول الله صلي الله تعالي عليه وسلم.” جيڪڏهن مريض کي ڳالهائڻ جي طاقت هجي تہ پوءِ فلاڻي وارو لفظ نہ چوي. جيڪڏهن گهڻا ماڻهو قرآن پاڪ بخشائڻ چاهين تہ هن طرح ڪلما چون“هي ڪلام الله شافي ٿي (فلاڻي کي) ان جو نالو وٺڻ گهرجي. منجھ قبر جي،ڏينهن قيامت جي، مٿان پل صراط تي، روبرو الله تعالي جي. لا اله الا الله محمد رسول الله صلي الله تعالي عليه وسلم.”
    02. توبه ڪرڻ جو طريقو: توبه ڪئي مان جيڪي غير شرعي ڪم آهن سڀني کان، لا اله الله محمد رسول الله صلي الله تعالي عليه وسلم.
    03. ڪفن تيار ڪرڻ جو طريقو. مرد ميت لاءِ 9 ميٽر ڪپڙو هجي، ڪپڙي جي ويڪر 4 هٿ هجي، ۽ 3 ڪپڙا ٺاهجن ، 2 ڪپڙا چادرن لاءِ ۽ هڪ ڪپڙو حلفي لاءِ هجي مرد لاءِ حلفي ڀيڏي کان مٿي هجي،۽ 3 عدد دستانہ ٺاهڻ گهرجن. عورت ميت لاءِ 10 ميٽر ڪپڙو هجي،۽ 5 ڪپڙا ٺاهجن، 2 عدد چادرون ٽيون ڪپڙو حلفي لاءِ، چوٿون ڪپڙو سيني بند لاءِ ۽ پنجون ڪپڙو ٽوپي لاءِ. عورت ميت جي حلفي ڀيڏي کان هيٺ هجڻ گهرجي. 3 عدد دستانہ ٺاهڻ گهرجن، مرڻ مهل ميت جو منهن ڪعبي شريف ڏانهن ڪجي ۽ ذڪر الا اله الا الله بلند آواز سان ڪرڻ گهرجي.ميت جي مٿان روئڻ ۽ پار ڪڍڻ سخت منع آهي.
    حلفي تي هيٺين طرح عهد نامو لکيو ويندو. اَلّلهُمَّ فَاطِرِالسّمواتِ وَالارضِ عَالِمَ الغَيبِ وَالشَّهَادَۃِ هُوَالرَحمن الرَّحِيم.اَلّلهُمَّ اِنِّي اَعهدُ اِليڪَ فِي هذهِ الحيٰوۃِ الدُّنيا بِاَنِّي اَشهَدُ اَنَّڪَ اَنت وحدڪ لا شريڪ لڪ واشهدُ انَّ سيدنا مُحمدًا عبدڪ ورسولڪ ونبيڪ وصفيڪ وخليلڪ فلا تڪلني اليها تقربني الي نفسي طرفۃً عين فانڪ ان تڪلني اليها تقربني الي الشر وتباعد ني من الخير فاني لا اثق الا برحمتڪ فاجعلني عندڪ عهدا حتي توفيني به يوم القيامۃ انڪ لا تخلف الميعاد. وصلي الله علي خير خلقله سيدنا محمد و اله صحبه اجمين برحمتڪ ياارحم الرحم الڙاحمين.
    سائين مالڪن جن رحمۃ الله تعالي عليه جن پنهنجي زماني ۾ هيٺين طرح حلفي تي بيت لکرائيندا هئا.
    وفدت الي الڪريم بغير زادمن الحسنات
    والقلب السليم محمل الزاد
    القبح ڪل شئ اذا ڪان الوفود الي الڪريم.
    04۔ ميت کي غسل ڏيڻ جو طريقو: ٻن دلن جيترو پاڻي ٽهڪائي ان ۾ ٻير جا پن ڌوئي وجهڻ گهرجن،7 دلا ڌوئي پاڪ ڪري انهن ۾ ٿورو ٿورو ٽهڪيل پاڻي وجهي باقي ٻيو پاڻي ملائجي،پاڻي تمام ٿڌو يا گرم نہ ھجڻ گهرجي،غسل ڏيارڻ لاءِ کڏ کوٽي ان جي مٿان تختو رکڻ گهرجي ،اوڀر وارو پاسو ميت جي سيراندي وارو هوندو .اوڀر واروپاسو مٿي ۽ اولھ وارو پاسو جهڪو هجڻ گهرجي.ڪجھ ماڻهو اعتراض ڪندا آهن تہ ميت جا پير اولھ ڏانهن ٿي ويندا آهن. ان جو جواب هي آهي تہ جڏھن تختي جو اوڀر وارو پاسو مٿي هوندو آهي تہ ميت جو منهن ڪعبۃ الله شريف ڏانهن ٿي ويندو آهي.ميت کي تختي آڻجي تہ ان جو مٿو اوڀر طرف هجي هڪ شخص مٿي کي جهلي ويهندو، غسل ڏيارڻ وارو کاٻي طرف ويهندو، پاڻي ڏيڻ وارا ساڃي طرف ۽ اهي ميت کي نہ ڇوهيندا.ڪپڙي جا دستانا (پليتا) 3 عدد ٺاهجن،غسل ڏياريندڙ هڪ دستانو پنهنجي کاٻي هٿ تي چاڙهيندو،جيڪڏهن غلاظت گهڻي نہ هجي تہ ٽي عدد ڀتر ٺاهجن، غسل ڏيارڻ وارو ميت کي ٿورو پاسيرو ڪري ٻن ڀترن سان غلاظت پائخاني واري جاءِ صاف ڪندو ۽ ٽيئن ڀترسان پيشاب واري جاءِ صاف ڪندو،جيڪڏهن غلاظت گهڻي آهي تہ 7 ڀتر استعمال ڪجن 6 ڀتر پائخاني واري جاءِ تي ۽ هڪ ڀتر پيشاب واري جاءِ تي.غسل ڏياريندڙ دستانو لاهي کڏ ۾ وجهندو، هٿ ڌوئي ٻيو دستانو کاٻي هٿ تي چاڙهيندو۽ ميت کي استنجو( پيشاب ۽ پائخاني واري جاءِ تي) ڪرائيندو، اهو دستانو لاهي هٿ ڌوئي ٽيون دستانوکاٻي هٿ تي چاڙهيندو وري بہ استنجو ڪرائيندو اهو دستانو کڏ ۾ وجهي هٿ ڌوئي ميت کي وضو ڪرائيندو،پهريان ساڃو هٿ ۽ پوءِ کاٻو هٿ ڌئارجي ڪپھ پاڻي سان پسائي سڪائي وات صاف ڪجي ائين ٽي ڀيرا وات صاف ڪجي،ڪپھ جو ٻڙو ٺاهي پاڻي ۾ پسائي نڪ جي ساڃي ناس صاف ڪجي پوءِ کاٻي ناس ائين ٽي ڀيرا نڪ صاف ڪجي پوءِ ڪپھ جو ٻڙو پُسائي هڪ ساڃي ناس ۾ ڏجي ۽ ٻيو کاٻي ناس ۾ ، هڪ ڪپھ جو ٻڙو وات ۾ رکجي جئين وات ۾ پاڻي نہ وڃي، ڪپھ جو هڪ ٻڙو ساڃي ڪن ۽ ٻيو کاٻي ڪن ۾ ڏجي ، ان کان پوءِ ميت جو منهن ڌئارڻ گهرجي ، منهن ڌئارڻ کان پوءِ پهريائين ساڃي ٻانهن پوءِ کاٻي ٻانهن ٺوٺن تائين ڌوئارڻ گهرجي،هٿ پُسائي مٿي ۽ ڪنن جو مسح ڪرائبو، ان کان پوءِ ساڄو پير ۽ پوءِ کاٻو پير ڌئارڻ گهرجي پوءِ پاڻي مٿي کان هارڻ شروع ڪندو،ميت کي پاسيرو ڪري صابڻ هڻندو ۽ صاف ڪندوويندو ان کان پوءِ کاٻو پاسو پاسيرو ڪري پٺي کان پيرن تائين صابڻ هڻي صاف ڪندو، ٻيو ڀيرو بہ ائين صابڻ هڻي صاف ڪندو، ٽيون ڀيرو مٿي کان پيرن تائين پاڻي هاري صاف ڪجي.ميت جي مٿان پُسيل ڪپڙو پري ڪري سڪل ڪپڙو وجهڻ گهرجي،کٽ تي ميت جون چادرون ۽ حلفي وڇائجي ، ميت کي کٽ تي رکي پهريائين هڪ چادر جو ساڄو پاسو ورائجي پوءِ کاٻو پاسو ائين ٻي چادر ساڳي طرح سان ورائجي. ان کان پوءِ وچ واري بندي ٻڌڻ گهرجي پوءِ پيرن واري بندي ٻڌڻ گهرجي ۽ ميت جي مٿان اڇو ڪپڙو وجهڻ گهرجي، ميت کي ڦڻي ڏجي، جيڪڏهن ميت جي ڦڻي پنهنجي هجي تہ اُها ڏجي يا نئين ڏجي ،ڪنهن ٻئي جي ڦڻي نہ گهرجي ،ميت جي ڪفن يا چادر مٿان عطر هارڻ گهرجي،ڪافور جو ٽڪيون گوڏن،هٿن جي ترين،پيرن جي آڱوٺن ۽ نڙيال سجدي واري جاءِ تي ملڻ گهرجن.ڪنن جي مٿان پريو پانڙي (گُل) هارڻ گهرجن.
    05.نماز جنازه پڙهڻ جا آداب ۽ طريقا: نماز جنازه رستي يا قبرستان ۾ نہ پڙهڻ گهرجي.جيڪڏهن فرض نماز جو وقت هجي تہ اڳ۾ اها پڙهڻ گهرجي،نماز جنازه پڙهي سنتون ۽ نفل بعد ۾ پڙهڻ گهرجن، زوال جي وقت بہ نماز جنازه نہ پڙهڻ گهرجي، زوال جو وقت گذرڻ کان پوءِ پڙهجي تہ بهتر آهي.ميت جي کٽ کي ذڪر جي ورد سان جنازي گاه ڏانهن کڻي اچبو، نماز پڙهائڻ کان اڳ پيش امام ميت جي وارث کان اجازت وٺندو،نماز پڙهڻ لاءِ صفون اڪي ۾ ٽي،پنج،ست يا ان کان وڌيڪ هجن،صفون سڌيون ۽ سوڙهيون هجن،جئين سجدي جي جاءِ نہ هجي.مقتدين جي شلوار ڀيڏين کان مٿي ۽ قميص،ڪوٽ يا جيڪٽ وغيره جو مٿيون بٽڻ بند هئڻ گهرجي.نماز جي نيت ڪرڻ وارو پيش امام جي پٺيان ساڄي پاسي بيهندو ۽ هٺيين طرح سان نيت ڪندو.“ نيت ڪيم نماز جنازي جي چار تڪبيران فرض ڪفايه، نماز واسطي الله تعالي جي، دعاءِ واسطي هن ميت جي،منهن طرف ڪعبۃ الله شريف ڏانهن،بندگي الله جي پٺي هن امام”، پوري جماعت دل ۾ پٺي هن امام جا الفاظ چوندا،جماعت گهڻي آهي تہ ٻہ دفعا نيت ڪرڻ گهرجي.
    پيش امام نماز پڙهائڻ شروع ڪندو پهرين تڪبير ۽ ثنا پڙهندو،پوري جماعت بہ دل ۾ هن طرح ثنا پڙهندي.
    سبحٰنڪ اللهم وبحمدڪ وتبارڪ اسمڪ وتعالي جدڪ وجل ثناءُڪ ولااله غيرڪ.
    پيش امام ٻيئن تڪبير پڙهندو،مقتدي بہ پيش امام سان گڏ تڪبير (الله اڪبر،ثناءَ،درود شريف ۽ دعا) دل ۾ پڙهندا رهندا . ٻي تڪبير کان پوءِ هن طرح درود شريف پڙهندا.
    اَلّلهم صَلّ عَلي مُحمّدوَعلي آل مُحمدن ڪَما صَليتَ وَسلمت وَبارَڪتَ ورحمت وترحمت علي ابراهيم وعلي آل ابراهيم انڪ حميد مجيد.
    ٽئين تڪبير ۾ بالغ مرد ۽ عورت لاءِ هن طرح سان دعا پڙهندو.
    اللهم اغفرلحينا وميتنا وشاهدنا و غائبنا وصغيرنا و ڪبيرنا وذڪرنا وانثنا اللهم من احيته منا فاحيه علي الا سلام ومن توفيته منا فتوفه علي الا يمان.
    نابلغ مرد لاءِ هي دعا پڙهڻ گهرجي.
    اللهم اجعله لنا فرطا واجعله لنا اجرو ذخروجعله لنا شافعا ومشفعا
    نابالغ عورت لاءِ هي دعا پڙهڻ گهرجي.
    اللهم اجعلها لنا فرطاو اجعلها لنا اجرو ذخرو جعلها لنا شافعۃ و مشفعۃ
    سلام ڦيرڻ کان پوءِ پوري جماعت صفون ٽوڙي بيهي دعا گهرندا.
    06. ميت کي قرآن پاڪ بخشائڻ: ميت کي قرآن پاڪ بخشائڻ لاءِ،قرآن پاڪ مسجد شريف مان کڻي اچجي،۽ بخشائڻ کان پوءِ ساڳي مسجد شريف ۾ رکڻ گهرجي،گهڻا ماڻهو قرآن پاڪ ميت سان گڏ قبرستان کڻي ويندا آهن ائين نہ ڪرڻ گهرجي.
    بالغ مرد هجي يا عورت، انهي جي عمر جو اندازو ڪرڻ گهرجي، مثال ميت جي عمر 20 سال آهي تہ 15 سال ڪٽ ڪري باقي 5 سال بچندا،5 سالن تي 100خرار ڪڻڪ مقرر تيندي. قرآن شريف بخشائڻ (پڙهائڻ)واري جو مُنهن ڏکڻ طرف هجڻ گهرجي، ميت جو وارث پڙهائڻ واري جي کاٻي پاسي ويهندويعني ان جو مُنهن اولھ طرف ٿيندو۽ ٽيون يا ٻيو ڪو بہ شخص پڙهائڻ واري جي سامهون ويهندو يعني ان جو مُنهن اتر طرف ٿيندو.پڙهائڻ وارو قرآن پاڪ ميت جي وارث کي ڏيندو۽ ان کي چوندو تہ تون ٽئين ويٺل ماڻهو کي چئو تہ مان هي قرآن شريف خرچيندو آهيان تون وٺندين؟اهو چوندو مان قبول ڪيو، ميت جو وارث قرآن پاڪ جي مٿان هٿ رکي،پڙهائڻ وارو ميت جي وارث کي پڙهائيندو ۽ هو ان جي پٺيان ساڳيا الفاظ چوندو.نالو وٺي (فلاڻي کي)ڏينهن بلوغت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي نمازان ناهنس ٿيون، جيڪي روزا ناهنس ٿيا،ٻيون جيڪي ڪفارتان آهن،ٻيا جيڪي نظر آهن،ٻيا جيڪي امر۽ فرض آهن،الله تعالي جا سي عمر ۾ ادا ناهنس ٿيا،تنهنجو فديو (مثال ميت جي عمر 60 سال آهي تہ 15 سال ڪٽ ڪري باقي 45 سال بچندا)5 سال عمرتي هڪ سو خرار ڪڻڪ مقرر آهي ، تہ 45 سالن تي 900 خرار ڪڻڪ ٿيندي ،900 خرار ٽوڙهي ڪڻڪ جا ٿيا سي مان پاڻ تي ڏيئڻا ڪيا،(وارث ان شخص کي مخاطب ٿي چوندو)مان توکي لهڻو آهي مُلھ مصحف جو 900 خرار ٽوڙهي ڪڻڪ جا ٿيافلاڻي جي (نالو وٺي) فديي مقابل مان توکي بخشيا. پڙهائڻ وارو ويٺي دعاگهرندو باقي سڄي جماعت اٿي بيهي دعاگهرندي،ان کان پوءِ پيش امام اٿي بيهي دعا گهرندو.
    07. ميت کي قدمي ڪرائڻ: چار شخص جيڪي باعمل ۽ باريش هجن کٽ جي هر هڪ پاوي کي وٺندا ۽ هر هڪ هيٺيان الفاظ پڙهندا. اَللَّهُمَّ اغفرلي هذه المَيت. اها ڪلما آخري قدمي ڪرائڻ تائين جاري رهندا،قدمي ڪرائڻ وارا ڏھ،ڏھ قدم اڳتي وڃي، کٽ جو پاوو تبديل ڪندا رهندا،اهڙي طرح هر شخص چئن ئي پاون کي وٺندو، ليڪن ياد رکڻ گهرجي تہ قدمي ڪرائڻ وارا ميت جي سيراندي کان هرگز نہ ڦرندا بلڪہ پيراندي کان ڦرندا.پوءِ کٽ مٿي کڻندا ۽ ڪلمو لا اله الا الله محمد رسو ل الله ﷺپڙهندا،ميت کي قبرستان ڏانهن کڻي ويندا،ميت جو وارث رخصت عام جا الفاظ چوندو،جيڪڏهن رخصت عام نہ چيائين تہ پوري جماعت ميت سان گڏ قبرستان ڏانهن وڃڻ جي پابند هوندي.ڪلمو طيب يا ڪلمو شهادت وڏي آواز سان آخر تائين پڙهڻ گهرجي.
    ميت جي رواني ٿيڻ کان پوءِ ميت جا رشتيدار يا دوست طعام تيار ڪن، ميت جي گهر ٽي ڏينهن ماني يا ڪو بہ طعام تيار نہ ڪرڻ گهرجي.
    08. ميت کي قبر ۾ لاهڻ ۽ قبر مڪمل تيار ڪرڻ : ميت کي قبر ۾ لاهڻ کان اڳ ۾ سامهي ۾ سوره دهر پڙهڻ گهرجي،ميت جي مٿان صرف هڪ ڪپڙو هجي،باقي لاهي ڇڏجن،هڪ ڪپڙو بندي لاءِ ميت جي چيلھ هيٺيان ڏجي،ميت کي ذڪر جي ورد سان قبر ۾ لاهڻ گهرجي،ميت کي سامهي ۾ رکڻ وقت ٿورو پاسيروسمهائجي جئين ان جو منهن ڪعبۃ الله شريف ڏانهن ٿئي،ميت جو سيرا ڻو مٽي جو ٺاهي جئين ان جو مٿو هيٺ نہ ٿئي،ڪچي سر تي ڪلمو طيب لکي،اولھ طرف رکجي ،سورت اخلاص (قل هو الله شريف) گهٽ ۾ گهٽ 11 دفعه پڙهي ننڍن ڀترن تي شوڪاري اهي اولھ طرف رکجن، وچ واري بندي ڪڍي وٺجي،ڪاريگر سيراندي کان قبر بند ڪرڻ شروع ڪندو، پيراندي پهچڻ وقت ميت جي مٿان وارو ڪپڙو ڪڍي قبر کي مڪمل بند ڪندو.هڪ مٺ مٽي جي کڻي ميت جي سيراندي کان اولھ طرف وجهڻ گهرجي ۽ هي الفاظ پڙهڻ گهرجن مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ ٻئي مٺ مٽي جي ڀري ميت جي پيراندي جي اوڀر طرف وجهڻ گهرجي ۽ پڙهجي وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ ٽئين مٺ مٽي جي ڀري ميت جي سيرانداي واري پاسي کان اوڀر طرف وجهڻ گهرجي ۽ پڙهجي وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ چوٿين مٺ مٽي جي ڀري ميت جي کاٻي طرف وجهڻ گهرجي ۽ پڙهجي تَارَةً أُخْرَىٰ. قبر جي مٿان مٽي وجهڻ گهرجي ،پهريائين پاسن کان چڱي طرح لتاڙجي پوءِ مٽي وجهي ، جڏهن قبر زمين جي برابر ٿي وڃي تہ هڪ دلو پاڻي جو کڻي سيراندي کان پيراندي طرف هارڻ گهرجي ۽ هي الفاظ پڙهڻ گهرجن. ثَقله تاراهُ عورت ميت هجي تہ پڙهبو ثَقله تاراهَ وري ٻئي دفعا سيراندي کان پيراندي تائين هارجي ۽ وبَرَدله مُضجَعَهُ پڙهجي ٽئين دفعا بہ سيراندي کان پيراندي تائين هارڻ وقت وَجَعَل الجَنۃَ مَثواه پڙهڻ گهرجي. قبر جي مٿان نشاني طور مٽي يا سرن جا وار ڏيڻ گهرجن مرد لاءِ ٽي وار ۽ عورت لاءِ چار وار ڏيڻ گهرجن، قبر تيار ڪرڻ کان پوءِ پوري جماعت قبر جي ٻاهران (چوگرد) حلقو ٺاهي چيچ ،چيچ سان ملائي سوره مزمل پڙهندا، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سوره مزمل ياد نہ هجي ،قل هو الله شريف،ٻيون سورتون يا درود شريف پڙهي،سگريٽ پيئڻ وارو،ڏاڙهي ڪترائڻ وارو۽ مٿي اگهاڙو شخص حلقي ۾ نہ بيهندو، آخر ۾ دعا گهرندا ان کان پوءِ جماعت کي اجازت ڏيڻ گهرجي، پوري جماعت قبرستان کان ٻاهر ايندي،هڪڙو شخص قبر ڀرسان آذان ڏيندو،آذان ڏيڻ کان پوءِ ٻاهر اچي جماعت سان گڏ (جيڪي قبرستان ۾ مدفن آهن ۽ پوري مسلمان امت لاءِ) ميت لاءِ دعا گهرندا، پوري جماعت ميت جي وارث جي گهر ايندي ۽ اتي دعا گهرندي، جيڪو طعام ميت جي رشتيدارن يا دوستن تيار ڪيو ان لاءِ دعا گهرندا، طعام ۽ ڪلام جو ثواب واسطي الله تعالي جي ميت ۽ تمام مومنن کي بخشيندا،هن طعام کي ڪنڌاڻو نہ چوڻ گهرجي ڇو تہ ڪنڌاڻو جو لفظ منافق لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ مومن لاءِ ختمي جولفظ استعمال ٿيندو آهي، تعزيت وٺڻ واري جاءِ تي صرف تعزيت وٺڻ گهرجي، کائڻ پيئڻ لاءِ ٻي جاءِ هجڻ گهرجي،ميت جي قبر تي ٽن ڏينهن تائين صبح جو سج اڀرڻ کا اڳ ۽ شام جو سج لهڻ کان اڳ ذڪر جو چار تسبيحون وڏي آواز سان ڪرڻ گهرجن،فوت ٿيئڻ کان پوءِ ٽيئن ڏينهن قل (خيرات)ڪرڻ گهرجي ،7 جمعراتيون ڪرڻ گهرجن ۽ 40 ڏينهن ميت جي ايصال ثواب لاءِ فجر جي نماز کان پوءِ ۽ عصر جي نماز کان پوءِ مسجد يا ڪنهن مسڪين کي ماني ڏيڻ گهرجي، ٽن ڏينهن تائين ميت جي گهر جي ماني نہ کائڻ گهرجي،جنهن اسلامي تاريخ تي فوت ٿئي هر سال ان جي ايصال ثواب لاءِ ختمو(خيرات) ڪرڻ گهرجي،جيڪو صرف ۽ صرف في سبيل الله ۽ ميت جي ايصال ثواب لاءِ هجي ،ڏيکاءُ ۽ ريا وغيره لاءِ نہ ڪرڻ گهرجي .
    الله تعالي کان دعا آهي تہ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پنهنجي بارگاه ۾ شرف قبوليت عطا فرمائي ذريعو نجات ڪري ،آمين ثم آمين
     
    آخري ترميم: ‏28 مارچ 2017
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جزاڪم الله خير ، دور حاضر ۾ تمام سهڻي تحرير لک لائق ، الله پاڪ شال اسان سڀني جو خاتمو ايمان تي فرمائي
     
    امدا علي قادري هيء پسند ڪيو آهي.
  3. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    آمين ثم آمين. سائين عبدالغني لوهارصاحب اوهان جي مهرباني،قرب ،
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جزاڪم الله خير ، دور حاضر ۾ تمام سهڻي تحرير لک لائق

    بهترين
     
  5. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    اوهان سڄڻن جون لک لک مهربانيون جو هن تحرير کي اوهان پسند ڪري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي .
     
  6. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين تمام بهترين
     
  7. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    مهرباني بروهي صاحب.
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مانوارا امدادعلي قادري صاحب اهڙي لکڻي تي لک لهو آئنده به اهڙا موضوع ونڊ ڪندا رهو
     
  9. Muhammad Sufyan

    Muhammad Sufyan
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  10. Muhammad Sufyan

    Muhammad Sufyan
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    موت کان پوءِ زندگي ( ممڪن/ نا ممڪن) امر آهي.
    ان جو ڪجھ جواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو