ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر: لطيف جو پارکو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر: لطيف جو پارکو

    ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر

    جيءُ جَنين جو اُجرو، تَنين سُورَ سِينگاريو،
    گواهه ٿيندي آ تاريخ، اَدبُ جَن سُنواريو،
    علم رُوح راحتَ آ، دِل سان جن پرايو،
    اوجَاڳن اُجاريو، سوڍرَ شاهنوازَ کي. (عزيز سوڍرُ)

    سنڌ ڌرتي ڪيئي عالم، اديبَ، مُحقق، بزرگ، سَٻاجها درويش، اولياءَ، سُگهڙَ، شاعَر، ماڻڪ مڻيادارَ اِنسانَ پئي اَرپيا آهن، جَن پنهنجي ڏاهپ سان سِنڌ جي سِينڌ پئي سُرهي ڪئي آهي. تَن دانشور ۽ دانشمند انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ به هڪ هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سنڌ جي ثقافت تي قلم کڻي سِنڌ جي نالي وارن دانشورن ۾ نالو ڳڻايو آهي.
    پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ ۱۹۴۰ع ۾ ڳوٺ ٿاڻي سوڍرُ، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سِنڌ جي هِڪَ غريب، هاري، مٽيءَ ماءُ مان ماڻڪ ڪڍڻ واري باشعور اِنسانَ دُر محمد خان سوڍرَ جي آڳر تي اک کولي، ٻالڪپڻ کان ڏاڍو ارڏو ۽ صاف گو اِنسانُ هو.
    پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نئون ديرو جوFounder Member۽ پهريون پرنسپال رهيو.
    بابا سائين تعليم جي شروعات پنهنجي اَباڻي ڳوٺ جي مُلا مُڪتب مان ڪئي، جتي سندس ڏاڏي جو ڀاءُ، ڏاڏو مولوي غلام حسين پڙهائيندو هو ۽ سَت درجا پاس ڪري فائنل ڪيائين. سَت درجا پڙهڻ سان گڏوگڏ فارسي به سکندو هو، جنهنڪري فارسيءَ جي به تمام گهڻي ڄاڻ هُيس. اُن کانپوءِ ڏهين جماعت جو فقط هڪ پرچو انگريزيءَ جو ڏئي مئٽرڪ جي ڊگري حاصل ڪيائين، اهڙيءَ طرح ٻارهين جماعت(Intermediate)۽ بي اي(B.A)ڪيائين. بابا سائين مڪمل تعليم خانگي طور حاصل ڪئي.
    بابا سائين ۱۹۶۳ع ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ٿاڻو سوڍر (ھاڻوڪو نالو، فيض محمد سوڍر) جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. بابا سائين مُون کي چوندو هو ته؛ ”تون ڀاڳن وارو آهين، ڇو ته مُون کي پهرين اولاد پُٽ جي هُئي. مان درزڪو ڪم به ڪندو هوس ۽ خانگي طور پڙهندو به هُيس، اُن پُٽ جو نالو به عبدالعزيز هو، پر قدرت ٿوري ئي عرصي ۾ واپس ورتو. اُن کانپوءِ ٻه ڌيئر ڄايون، پُٽ جي هُجڻ جو احساس کائي پيو، پر جڏهن تون اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هئين ته مُون کي پرائمري استاد جو درجو مليو. اُن زماني ۾Ultrasoundجي سهولت ڪو نه هُئي، پر مُنهنجي دل ۾ خُدائي ڏات(Divination)جو جلوو افروز ٿيو ته اڄ استاد جي لقب سان گڏوگڏ پُٽ جي اولاد سان به نوازيو ويندس. ڪجهه ڏينهن ۾ خدا تعاليٰ پُٽ جي نعمت عطا ڪئي، تنهنجو نالو به عبدالعزيز رکيم. شايد اُن ڪري ئي اَڄ تُون مُون سان ڪلهو ڪلهي ۾ مِلائي منهنجي هر تخليقي و تحقيقي ڪمُ کي خوش خطي ڏيندو رهين ٿو.“
    حالانڪ استاد هئڻ باوجود پنهنجي درزڪي ڪم، ٻني ٻاري، هَرُ، سانهُر، رونبي ۽ لاباري سان نڀائيندو اچي پيو. ٻني ٻاري جي ڪم ۾ جوڌو جَوان سڏيو ويندو هو. سڄي ڳوٺ ۾ ساڻس ڪو به مقابلو نه ڪري سگهندو هو. بابا سائين هڪ سچو کاهوڙي انسان هو. ڪڏهن به همت نه هاريائين، محنت، مشقت سندس وَڙُ هو.
    کاهوڙي، جاکوڙي، همٿ ڀرئي انسان علم سان لڳاءُ رکندي، ايم اي، انٽر رليشن ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت ۽ قدرت جي ساٿ سان، ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ ليڪچرارُ ٿيو.
    بابا سائين کي شاعري، موسيقي، اَدب، نثر سان اڳ ۾ ئي تمام گهڻو لڳاءُ هو، پر ڀِٽَ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو پڻ مداح ۽ شيدائي هو. ڄڻ پاڻ ئي شاهه صاحب جو ڪلام بڻجي ويو هجي. بابا سائين جي شيدائي هُجڻ تي منهنجي دل به شاعراڻه مزاج ٿي.
    شاهه صاحب جي شيدائي هجڻ ڪري، پروفيسر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ تيPh.Dڪرڻ لاءِ تيارُ ٿي ويو. الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان پنهنجي رَهبر جي رهبريءَ هيٺ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۵ ڊسمبر ۱۹۸۷ع تيPh.Dٿيسز مڪمل ڪئي ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيPh.Dجي ڊگري ايوارڊ ڪئي، جنهن جو مسوده سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ رکيل آهي.
    مُون کي فخر ۽ خوشي اِن ڳالهه جي آهي ته بابا سائين جي ٿيسز، ڪتابَ اوڄاڳي اجاريا ۽ ٻيا سڀئي مقالا، مضمون، ڪهاڻيون، ڊرامه، منهنجي ئي هٿن سان خوشخطي ٿيل آهن، اِن جو ثبوتPh.Dٿيسز جي پيش لفظن ۾ بابا سائين پاڻ ئي لکيو آهي ته: ”مان شڪرگذار آهيان پنهنجي پُٽ ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍرَ جو جَنهن ڏاڍي شوق سان خوشخطي ۾ هِن مسودي جي ڪاپي تيار ڪري ڏني.“
    بابا سائينPh.Dٿيسز کان علاوه ڪيترائي تحقيقي مقالا، ڪهاڻيون ۽T.Vڊرامه پڻ لکيا، انهن کي تفصيل سان لکڻ ڪري مضمون تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويندو.
    بابا سائين جي مقالن، ڪهاڻين، ڊرامن، ٿيسز، اوجاڳي اجاريا کي پڙهندي ۽ خوشخطي ڏيندي، اِهو محسوس ڪيم ته جديد تحقيق ۽ جدت جو ڏانءُ موجود آهي. جڏهن به ڪنهن موضوع تي قلم کڻي ويهندو هو ته اُن جي گهرائي، اونهائي ۾ هليو ويندو هو ۽ پَڪن، پُختن، دَليلن سان پيش ڪندو هو. بابا سائين اهڙي شفيق، ٻاجهاري طبيعت جو مالڪ هو جو، جيڪڏهن ڪو اُوپرو ماڻهو به ساڻس ملي ته، سندس گرويده ٿي وڃي.
    تنهنڪري بابا سائين شاهه جو شيدائي ٿي ۽ اُن گَسَ ۾ ڳهندو رهيو ۽ اُن ۾ ئي سُونهندو رهيو. تڏهن ته اوجاڳي اجاريا جي ابتدائي پيش لفظن ۾ بسم الله به شاهه جي اِن شعر سان ڪري ٿو:

    ڏيکاريس ڏکن، گُوندرُ گَسُ پرينءَ جو،
    سُنهائي سَورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين. (شاهه)

    بابا سائين ايترو ته مُحبتي منٺارُ، وينجهارُ ۽ پيارَ جو پينارُ هو جو منهنجي دل به شاعرانه سوچ رکندي، بابا جي زندگيءَ متعلق، شخصي حقيقت، اُن جي مٺڙائي، دانائي، سچائي جو عڪس رات جي پَهر ۾(Divination)الهامي آوازُ بڻجي دماغ سان ٽڪرائجي ويو ۽ پاڻ ئي پاڻ سِٽون لکجنديون ويون. اکين مان آبُ جاري ٿيو، سَچ ته ائين پيو ڀانئيان ڄڻڪ هڪ هڪ قطرو اکين مان ڪرندو هُجي ۽ هِڪُ هِڪُ سچائيءَ جو لفظ بڻجندو وڃي. مهربان شفيق بابا سائين جي نانءِ:

    شاههَ سائينءَ جو نوازيل محبتي منٺار هو،
    سنڌ جو سوڍرُ سُخن وَرُ، واههَ جو وينجهارُ هو.

    هُو سُخن جو هو سچو، اُلفت سندو اظهارُ هو،
    مُحبُ مِٺڙو مانُ ڏيندڙ پيارَ جو پينارُ هو.

    هَٺُ وَڏائي کان پري، جو نيازُ نوڙت ويو ڪري،
    اُلفتون اَرپي ڇڏيندڙ، قربتي ڪوهيارُ هو.

    ڪِئين مِلي مُرڪي پيو، مَهڪارُ ٿي مَهڪي پيو،
    ٻارڙن سان ٻارُ هو ۽ گهرَ سندو سينگارُ هو.

    ڪِين ڪنهن کي ڏک ڏئي، ويو آ سڀن کي سِڪَ ڏئي،
    دوستن سان دوستداري، سڀ ڪنهين جو يارُ هو.

    وَيو لکي ”سِنڌي ثقافت“ شاههَ جي وَهواههَ جي،
    هي مُحقق شاههَ جو قومي امر ڪردارُ هو.

    پِي پيالا پيارَ جا، اوجاڳڙن اُجاريا،
    سو سڄڻ سِڪَ ساريو، دل اکين جو ٺارُ هو.

    ساههُ ٿو ”سوڍرَ“ سڏي، تنهن مُحب مڻيادارَ کي،
    دل جي زخمن جي دوا، دلبرَ سندو ديدارُ هو. (عزيز سوڍر)

    بابا سائين پنهنجي آخري ڪتاب اوجاڳي اُجاريا جي مهورت لاءِ شاهه لطيف يونيورسٽي ويو، جيڪو پروگرام اُتي ئي رکيل هو، ڪتابَ جي مهورت کانپوءِ جيئن ئي ۱۴ مارچ ۲۰۰۱ع تي شام جو گهر پهتو، ته شايد مهورتي خوشي ايتري ته هُئي جو اُن جو اَنتُ اِهو ٿيو جو ساههَ ۾ سانڍي يا سمائي نه سگهيو ۽ دل جو دؤرو(Heart attack)ٿي پيو، رات جو نائين وڳي ڌارا پنهنجون خوشيون ۽ ساههُ حقيقي مالڪ جي حوالي ڪيائين.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر منهنجو استاد

    مير نادر علي ابڙو

    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.


    ۱۹۹۳ع ۾ مون جڏهن وڪالت شروع ڪئي ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي ڪاري ڪوٽ ۽ ٽائي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مهرباني ڪري هاڻي پنهنجي الڳ وڪالت جي آفيس کولي ۽ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وانگر غريب ۽ مسڪينن ماڻهن جي دل سان مدد ڪر. مون سندس چوڻ تي پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اجازت سان آفيس کولي، منهنجي آفيس (چيمبر) جو افتتاح ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، هدايت منگي، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڻ ڊاڪٽر سوڍر ۽ ڪجهه ٻين وڪيل دوستن ڪيو. بعد ۾ مان جڏهن وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون ادبي گهراڻي جو فرد آهين، هاڻي جي اگر تون پوليس کاتي ۾ ويو آهين ته مهرباني ڪري قلم نه ڇڏجانءِ، پنهنجي خانداني ادبي روايت آڏو پوليس کاتو رڪاوٽ نه بڻائجانءِ. مون ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ لکڻ جاري رکيو. جڏهن به منهنجا مضمون وغيره اخبارن ۾ ايندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون سروس ڪري تعليم کي نه ڇڏ، بلڪ هڪ ايم اي ٻي به ڪر! مون اڳ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب جي اسرار تي مون ٻي ايم اي انٽر نيشنل رليشنس ۾ به ڪئي.
    ڊاڪٽر سوڍر بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار هئو، شروع ۾ هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون تنهن ڪري ئي هن ٽي وي لاءِ ڊراما ’نصيب‘ ۽ ’ڏاڏاڻي ڏيهه لکيا، جيڪي انهي دؤر ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيا. لطيف سرڪار جو هو شروع کان ئي شيدائي هو. اهو ئي سبب هئو جو هن پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لاءِ به سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف جي موضوع تي مقالو لکيو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهي ٿيسز کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي ۱۹۹۱ع ۾ ڇپايو. ڊاڪٽر سوڍر لطيف سرڪار جو پڪو شيدائي هجڻ ڪري هن شاهه صاحب تي ڪافي مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. نه فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي پر هو سچل سرمست سان به وڏي عقيدت رکندڙ هو. هن سچل سائين تي به ڪافي تحقيقي جاکوڙ ڪئي. هر سال سچل سائين ۽ لطيف سرڪار جي ميلن تي هو ادبي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. سنڌ جي ماڳ مڪانن سان پڻ هن جي خاص دلچسپي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هو ڪافي دفعا ٿر جي ياترا ڪري آيو ۽ ٿر تي ڪافي معلومات حاصل هجڻ ڪري هن مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر سوڍر جهڙا استاد ۽ اديب سنڌ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهن. سندس بي وقتي موت سنڌ کان هڪ عظيم استاد ۽ هڪ مهان محقق کسي ورتو آهي. ڪاش هن موت تي شل موت اچي جو اهڙن عظيم ڌرتيءَ جي سپوتن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري.

    (عوامي آواز، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، عبرت، سچ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو