دراوڙن جي ديس جي ٻولي سان دوکو...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    دراوڙن جي ديس جي ٻولي سان هانڃو
    دراوڙن جي ڌرتي سان دوکو جيڪو تعليم سان منسلڪ بي هودن کي به نظر نه ٿو اچي ۽ وري آدم شماري ۾ سنڌي لکايو جو هوڪو ته هلي ٿو پر انهن کي هي نقصان ڇو نظر نه پيو اچي
    سنڌي ٻولي ۾ تعليم جي طريقي کي آهسه آهسته ڪيئن وقت سان سوڙهو ۽ بند وڌا پيا وڃن
    1947 تا سنڌي 7 سال پڙهي ويندي هئي 7 درجه فائينل هوندي هئي
    وري ان کي 5 درجه پرائمري تائن محدود ڪيو ويو
    اڳتي هلي ان کي انگريزي پرائيويٽ اسڪولس جي ڍونگ ۾ تعليم کان نڪالي تائين جو نقصان ڏيئڻ جي شروعات پهرين شهرن ۾ پو ڳوٺن تائي جو سلسلو وڌايو ويو
    ۽ ان سان گڏوگڏ پرائمري ۾ ڪجه نا معقول ماهرن سنڌي پرائمري جي ٽين درجي تائين انگريزي پڙهائڻ کي جائز قرار ڏنو
    ۽ وري هاڻي ڪي جي ٽائيپ پهرين درجي کان انگريزي اردو ۽ سنڌي گڏوگڏ پڙهڻ جو رواج ۽ ڪورس ڪيو ويو آ ...
    جنهن ۾ آڪسفورڊ جيڪو ڪورنگي ۾ هنن هندستانين جي ماتحت ادارو ڪري هلائين ٿا ۽ جا ڪتاب جن ۾ انگريزي ليٽريچر جا بيت ۽ ڪهاڻيون جيڪي نه هتان جي ماحول کي سمجهي سگهن ۽ نه هتان جو ڪو ٻار انگلينڊ يا آمريڪا جا ملڪ گهميل انهن کي اهڙي قسم جي معلومات ڏيڻ سو به ٻالڪپڻ ۾ ڪهڙي خدمت آ ڪهڙي تعليمي گهرج آ ...هي سوال آ اڄ جي تعليمي ماهر کان جنهن ۾ سنڌي گهڻي تعداد ۾ موجود آهن ...
    وري ٻيو نقصان ته سنڌ ٽيڪٽ بوڪ بورڊ ته آهي پر پبلشر سڀ غير سنڌي جن ۾ گابا ٽوبا سرفهرست آ
    ۽ اهو ڪريوڪلم بي انگريزي اسڪول ۾ نه ٿو پڙهايو وڃي پرائيويٽ وارو آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جي لڪ ۾ سنڌي تعلي سنڌي ٻولي کي ختم ڪندو ٿو وڃي ۽ ان تعليم ۾ سنڌي بيڪار سيڪريٽري سنڌي سيڪشن آفيسر سنڌي ڊي اي اوز سنڌي ٽيچر سنڌي پر انهن انڌن کي ڪو فڪر نه ۽ الائي ڪهڙي ماجرا جو هو وايون بتال ٿي ههڙي هانڃي کي ڏسي به نه ٿا سگهن نه واويلا ٿا ڪن نه سرت ٿا ڪن ته يار هي سنڌي ٻولي کي هڪڙا ماءُ جا حلالي پٽ پنهنجي مدد پاڻ تحت بچائڻ وقت جي جديد طرز ۾ آڻي ٻولين جي مقابلي جهڙو بڻائين پيا ۽ هي نڀاڳا نانءَ اگهور ننڊ ۾ پي ٽي الف جا گروپ ٺاهڻ سياسيت ۾ گهريل ڪن لاٽار ڪيون سنڌي ٻولي جي وجود کي نقصان کان بي خبر ٿي پيا پنهنجي منهن ۾ ٻڪ پائين ....
    باقي سنڌي لکرايو سنڌي لکرايو جو راڳ اجايو ....جيڪو هڪ کل هڪ راند لڳي و پنهنجو پاڻ تي کلڻ جهڙو رويو لڳي ٿو ....
    ڪجه هونش ڪريو تعليم جا سيڪريٽري سنڌي ڊي اي اوز سنڌي تعليمي ماهر ڪجه حيا ڪريو پنهنجي ٻولي جو تدارڪ ڪريو ڪٿي ڪٿي ڪيڏو نقصان هي هندستاني ڏيندو ويندو آ فڪر ڪريو توهان جي سوچ کي توهان جي عقل کي تالا ڪنهن لڳايا آهن جو هي ههڙو نقصان کان اکيون بند ڪيو ويٺا آهيو

    هڪ سادو سنڌي
     
    فيض محمد درس فقير هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو