گِرهڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ فرح ديبا چنگيزي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2017۔

  1. فرح ديبا چنگيزي

    فرح ديبا چنگيزي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    گهريلو ناري
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪهاڻي

    گِرهڻ

    فرح ديبا چنگيزي



    هُن کي پهريون ڀيرو يونيورسٽي ۾ ڏٺو هيائين. پهرين جهلڪ ۾ کيس هُن جون اکيون ميگهه ملهار محسوس ٿيون هيون، هوءَ پهرين جهلڪ ۾ ئي کوئجي وئي هئي.

    هوءَ جيڪا شروع کان نهايت سُلڇڻي ۽ سٻاجهي هئي تنهن پنهنجي اسڪولي وهيءَ کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين پنهنجو پاڻ رڳو ڪتابن ۾ محوَ رکيو هو. هُن ڪڏهن به ڀُلجي ڪنهن اک ۾ نه نهاريو هو نه وري ڪنهن جي نيڻن ۾ پنهنجو پاڻ پسڻ جي ڪوشش ڪئي هيائين، اِهو ڪارڻ هو جو سندس اکيون وڏيون سهڻيون عقابي هوندي به سندس نهٺا نيڻ ڄڻ رِڻ بڻيل هوندا هئا جن ۾ ڪنهن جو به نِهارڻ بي سُود هوندو هو.

    هوءَ پهرين ڏينهن جيئن يونيورسٽي ءَ ۾ داخل ٿي هئي ته سندس ڊپارٽمينٽ جي لنگهه وٽ کيس ڏٺو هيائين، هو ڊپارٽمينٽ جي مُک دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو ۽ پنهنجي وڏن ڪارن شيشن واري عينڪ رومال سان صاف ڪري رهيو هو. سيما لحضي ۾ ئي هُن جي اکين پنهنجو پاڻ پسي ورتو هو، هڪ ويرم هڪ جهلڪ ۾ سيما جي سالن جا بند ڀڄي پيا هئا. هوءَ انهن اکين جي گهرائي ۾ وڌيڪ لهڻ کان اڳم کي دهلجي وئي هئي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو هئس پر کن پل ۾ ئي هُن پنهنجو پاڻ کي سمجھائي ورتو هو ته ،

    ” نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“

    ڳالهه ته دل ۾ الائي ڪهڙي هئس پر سيما ذهن ۽ چپن ۾ هلڪو ڀُڻڪيو هو. رات جو جڏهن هوءَ پنهجي هاسٽل واري ڪمري جي بيڊ تي اچي ليٽي هئي ته اُهي ميگهه ملهار اکيون اڳيان ڦري آيون هئس. سيما ڪيترائي پاسا ورايا هئا، صبع وارا چيل ساڳيا جملا دل ئي دل ۾ ورجايا هيائين،

    ” نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“ پر ڪابه ڳالهه سندس وس ۾ ڪونه هئي، لُڇيندي ڦتڪندي رات گذاري هيائين ۽ صبع جو اوڄاڳيل اکين سان ڪلاس ۾ اچي ويٺي هئي. هوءَ جيڪا پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۽ پنهنجي دل کي سمجهائڻ لاءِ چپن ۾ ڀُڻڪندي رهندي هئي ته،

    ” نه ايئن ڪونهي، نه وري ايئن ٿيندو!“ جي اُبتڙ، سندس اندر ۾ گهڻو ڪجهه هو، سندس اندر ۾ گهڻو ڪجهه ٿي چُڪو هو، هوءَ پنهنجي سموري هستي ۽ حيثيت هڪ لحضي جي نِهار ۾ وڃائي ويٺي هئي.

    ڪالهه جيان اڄُ به سندس ڪلاس ۾ اُهو ساڳيو ميگهه ملهار اکين وارو ڇوڪرو موجود ڪونه هو. ڪلاس پُورو ڪري ٻاهر نڪتي هئي ته ساڳيو ڇوڪرو لان ۾ هڪ بينچ تي ويٺو هو، سندس جهوليءَ ۾ ڪجهه ڪتاب هئا جيڪي هُن جي ٿڦڪين سان وڄي رهيا هئا، هُن ٿڦڪين جو آواز جيتوڻيڪ نه ٻڌو هو پر پري کان ٿڦڪين جي اُنهن احساسن کي ڄاڻي ورتو هو ويتر سندس من ۾ الائي ته ڪهڙا ساز ڇِڙي پيا هئا.

    هوءَ روزانو پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ايندي هئي، اُهو شخص روزانو کيس ڊپارٽمينٽ جي احاطي ۾ يا ڊپارٽمينٽ جي آس پاس نظر ايندو هو. سندس اکين تي سدائين وڏن ڪارن شيشن وارو چشمو چڙهيل هوندو هو، سندس هٿ سدائين حرڪت ۾ هوندا هئا. هٿن جي اُها حرڪت ڪڏهن ڪا تصوير چِٽيندي محسوس ٿيندي هئي ته ڪڏهن وري ڪا بانسري وڄائيندي محسوس ٿيندي هئي. هُن هڪ لحضي ۾ جن ميگهه ملهار اکين ۾ پنهنجو پاڻ پَسيو هو سي اکيون وڏن ڪارن شيشن پُٺيان ڇا پيون سوچينديون هُيون سا سُڌ سيما کي ڪڏهن به پئجي نه سگهي هئي. سيما اُن شخص کي ڪڏهن به ڪلاس ۾ ايندي ويندي نه ڏٺو هو، هوءَ چاهيندي به اِهو معلوم ڪري نه سگهي هئي ته ،

    ”آخر هو ڪير آهي؟ سندس ڊپارٽمينٽ جي آس پاس ڇا ڪندو آهي.“

    اُن کان وڌيڪ هوءَ اِن ڳڻتيءَ ۾ رهندي هئي ته اُهي ميگهه ملهار اکيون سدائين ڪارن شيشن ۾ ڇو لِڪل آهن!؟

    هوءَ هڪ لحضي ۾ اُنهن ميگهه ملهار اکين ۾ جيڪو پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺي هئي سا سانڌهه چار سال يونيورسٽيءَ ۾ گُمنام رهي. سيما يونيورسٽيءَ جي پڙهائي دوران پنهنجو پاڻ ڏاڍو ڳولهڻ چاهيو پر هوءَ سدائين کوئبي ئي رهي. اِهو ئي ڪارڻ هو جو سموريون ڪلاس فيلو توڙي يونيورسٽي ميٽ ڇوڪريون کيس محدود ڇوڪري سمجهنديون هُيون.

    سيما سدائين اِن وجهه ۾ رهندي هئي ته ڪاش! ڪڏهن، ڪٿي هڪ ڀيرو اُهي اکيون ڪارن شيشن کان آجيون مِلن ۽ هوءَ اُنهن اکين ۾ وڃايل پنهنجو پاڻ ڳولهي سگهي، کوئجي ويل پنهنجو پاڻ موٽائي سگهي پر اهڙو موقعو کيس ڪڏهن به ميسر نه ٿيو. چئن سالن تائين هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ مُسلسل وڃائجندي ئي رهي. هوءَ اُن پهرين جهلڪ جي لحضي ۾ جيئن جَرڪي هئي اهڙو سمان سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن وري ڪين آيو هو. يونيورسٽيءَ جي چئن بهارن ۾ سندس مَنَ ۾ ڪي به مُکڙيون نه ڦُٽي سگهيون هُيون جيتوڻيڪ ڪيترن چاهيندڙن کيس موتيا ۽ گلاب ارپيا هئا. هوءَ جيڪا رابيل رُت ۾ اڪيلي رهجي وئي هئي تنهن ميگهه ملهار اکين کان سواءِ ڪجهه به ڪين چاهيو هو. هوءِ ته چئن سالن ۾ اُن شخص جي جسماني بيهڪ ۽ اوڍيل پوشاڪ کان به بي نياز رهي هئي. سيما سدائين ڪارن شيشن پُٺيان اُهي اکيون ڳولهيندي رهي هئي جيڪي شيشن جي تاريڪي ۾ گُم رهنديون هُيون. هوءَ اُن شخص جي هٿن جي حرڪت ۾ ڪجهه ڄاڻڻ ۽ جانچڻ چاهيندي هئي جيڪي اِشارن سان تصويرون ٺاهيندا ۽ بانسري وڃائيندا رهندا هئا.

    يونيورسٽي جي پنجين سردي، بهار ۽ گرمي گذري وئي، پنجين خزان پنهنجي خار سان آئي هاڻي هر ڪنهن جي موڪلاڻي هئي. هوءَ به اي سي ٽو مان پنهنجون مارڪس شيٽون ۽ سرٽيفِڪيٽ وٺي ڊپارٽمينٽ آئي صرف پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ کان موڪلائڻ. هوءَ جڏهن ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ميڊم رافعه جي آفيس ۾ داخل ٿي ته اُهو ساڳيو شخص به ميڊم جي آفيس ۾ موجود هو. هو ڪرسيءَ تي ويٺو هو سندس اکين تي ساڳيو ڪارو چشمو چڙهيل هو ۽ هو پنهنجي مُنهن مُرڪي رهيو هو.

    ميڊم رافعه کيس کِلي کيڪاريو، سيما موڪلائيندي هڪ نگاهه اُن شخص ڏانهن نِهاريو جنهن تي ميڊم رافعه اُن شخص جو تعارف ڪرائيندي چيو،

    ” هي منهنجو ننڍو ڀاءُ عديل آهي.“

    سيما حيرت وچان هُن ڏانهن نِهاريو، ميڊم رافعه اُداسيءَ وچان چيو،

    ”هي ڄائي ڄم کان ائبنارمل ۽ نابين آهي مٿس گِرهڻ جو اثر ٿيو هو. روز هتي مونسان ايندو آهي، جيستائين مان هتي هوندي آهيان هي به اِتي ئي آس پاس هوندو آهي ۽ واپسي تي مونسان گڏ گهر هلندو آهي.“

    سيما کان ڇِرڪ نڪري ويو، هوءَ ڄڻ پٿرائجي وئي سڪتي واري حالت ۾ اُن شخص ڏانهن نِهاريندي رهي جنهن جي ڪاري چشمي جي وڏن ڪارن شيشن ۾ سندس عڪس ڪنهن گرهڻ جيان ڌنڌلو ۽ ورتل هو. اُهو شخص مُسلسل مُرڪي رهيو هو. سندس مُرڪ ۾ هڪ اَڇوتو احساس هو جيڪو ويتر سيما کي رولي اڪيلو ڪري رهيو هو. هوءِ پٿرائجي ويل نظرن سان کيس نِهاريندي رهي لڙڪ جيڪي اکين مان ڇَلڪڻ تي هئس سي هڪ ڳيت سان پي وئي ۽ تڪڙي تڪڙي ميڊم جي آفيس مان نِڪري آئي. هُن ٻاهر نِڪري رانڀاٽ ڪري روئڻ چاهيو پر ضبط جو ڪنڊو سندس نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. يونيورسٽيءَ جي سموري سنسار ۾ پن ڇڻ رُت رنگ ڪري ڇڏيا هئا جنهن مان هڪ رنگ سندس جوڀن ۾ به جَڙي ويو جنهنڪري سندس اکين توڙي وَهيءَ تي خزان وائکي ٿي وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو