نورين لغاري جو يونيورسٽيءَ مان گُم ٿيڻ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2017۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    [​IMG]
    خبرون سوشل توڙي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي آهن ته مائٽياڻي نورين لغاريءَ جي جيڪا مبينه طور گُم، اغوا يا رضا خوشيءَ سان "خلافت" ۾ وڃي پھتي آھي.
    حفيظ جواب ۾ حسبِ عادت / ضرورت تاريخي حوالن سان عمومي صورتحال جي ڳالھه ڪئي.
    پاڻ وري ذڪر ڪريون ٿاسائين ڊاڪٽر عبدالجبار لغاريءَ جو جنھن وٽ راقم به ٻه سيمسٽر اينالائيٽيڪل ڪيميسٽري پڙھيو. سائين انھن ڏينھن تازو حيدرآباد پبلڪ اسڪول مان اسسٽنٽ پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽي پهتو هجي. منهنجي ڪلاس فيلو ڪتابي ڪيڙي ۽ ڀلي ڪيمسٽ دوست ذوالفقار ڏنور ڏَسيو ته اينالائٽيڪل جو نئون ٽيچر صفا زبردست آيو اٿئي. چون پيا هر ڳالهه ڪانسيپٽ ڪليئر ڪندي پڙهائي ٿو. سائين اسان کي پڙهائڻ لڳو. پڙهائي ۾ وڏو مزو پيو اچي. سائين اپلائيڊ شين بابت ايئن ٻُڌائڻ شروع ڪيو جو حيران ٿياسين ته هيستائين ته اسان رڳو پئي پڙهيو، پر پڙهڻ مان فائدو ڪهڙو اها خبر هاڻي پئي، ايئن اينالائيٽيڪل ڪيمسٽريءَ ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي.
    سائين جون پڙهائڻ دوران دلچسپ مثالن سان سمجهائڻ ۽ کلائي کلائي کيرو ڪندڙ ڳالهيون ڪندي سُٺي حسِ مزاح رکندڙ جيان پنهنجي چهري جي تاثر تي ڪنٽرول به ڪمال جو هوندو هو. سائين جو پڙهائڻ ته ڀلو هو پر پيپر وٺڻ جو انداز به دلچسپ هو. سائين جا پيپر ذهن ولوڙيندڙ هوندا هئا. سائين پيپر سدائين ايم سي قيوز وارا ٿي ڏنا. حفيظ ڪنڀر جيان سائين جو به نظريو هو ته امتحان جو مقصد اهو پتو لڳائڻ آهي ته ٻار جيڪو پڙهيو سو سمجهيو يا نه. نه ڪي سندس حافظي جو امتحان وٺجي ته جيڪو پڙهيو ان مان طوطي جيان ياد ڪيترو ڪيائين؟ سائين ڇا ڪندو هو ته پيپر حل ڪرڻ دوران سواليه پيپر جون ٻه ڪاپيون ڏيندو هو. ٻنهي تي صحيح جواب تي ٽڪ ڪبو هو. جيئن ئي پيپر ڪري نڪربو هو ته نوٽس بورڊ تي جوابي ڪِي لڳي چُڪي هوندي هئي. ايئن اسان پيپر ڏيئي گهر پُهچڻ کان اڳ رزلٽ گهر کنيو ويندا هئاسين.
    ايم ايس سي ٿي وئي. ايم فل ٿي وئي. ياد اٿم ان دوران شادي به ٿي هيم ۽ سنگت ساٿ ۽ ٽيچرس کي دعوتون پئي ڏنم ته اچانڪ سائين جبار لغاريءَ سان ملاقات ٿي. چئي ”ڪڏهن آهي شادي؟“ چيم 26 ڊسمبر تي. چئي ”ساڳي ڏينهن تي منهنجي پي ايڇ ڊي جو ڊفينس آهي. پُٽ هڪ ئي ڏينهن ٻئي وڏي امتحان ۾ پيا ويهون. نيڪ تمنائون هڪ ٻئي لاءِ“. منهنجي شادي ۽ سائين جي پي اڇ ڊي ٿي وئي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ رسرچ اسٽڊيز ان ڪيميڪل اسٽڊيز ۾ ڊائريڪٽر طور لڳي ويا. مون کي پي ايڇ ڊي ڪندي نوڪري ملي وئي ۽ ڪراچي نڪري آيس. سائين پنهنجي شاگردن سان اسان جي ليب پي سي ايس آءِ آر وزٽ ڪئي. خوب ڳالهيون ۽ کل ڀوڳ ٿيا. اڳتي به فون تي رابطا رهيا.
    پر هاڻي هي خبر ٻُڌي ته سائين جبار لغاريءَ جهڙي شخص جي نياڻي گُم، اغوا يا رضا خوشي خلافت ۾ هلي وئي آهي حيرت ٿي. سائين جي نياڻي ڪهڙي سوچ رکندي هئي اهو خدا ڄاڻي پر ايتري پڪ اٿم ته گهٽ ۾ گهٽ سائين جبار لغاريءَ جي تربيت ۾ اهڙي کوٽ نه هوندي جو سندن نياڻي ايئن برين واش ٿي وڃي. اسان ته بس اخباري خبرن ۽ فيس بڪ پوسٽن کي ڏسي ويٺا تبصرا ڪريون پر اصل خبرون متان اڃان ڪي ٻيون هجن. ممڪن به آهي ته مذهبي تنظيمون اسان جي تعليمي ادارن ۾ ايتريون فعال ٿي ويون هجن جو نوجوان ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جا به برين واش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين پيا.
    پر سوال اهو آهي ته آخر والدين کان ڪٿي گيپ رهجي ٿو وڃي جو سندن اولاد جا ذهن بدلجيو وڃن پر هو نوٽس به نه ٿا ڪن؟ يقينن نه ٿا ڪن نه ته جيتري قدر آءُ سُڃاڻان سائين جبار لغاري جهڙو ماڻهو اهڙي ڪا ڳالهه ڏسي ڪن لاٽار نه ڪري ها. سڄو مسئلو اتي ئي آهي ته هڪ گيپ آهي والدين (خاص ڪري نياڻين) ۽ والدين وچ ۾ جنهن جو فائدو شر پسند ڪڏهن ساڻن افيئر جو ڍونگ رچائي ته ڪڏهن برين واش ڪري وٺن ٿا.
    مون کان نه پُڄندو آهي ته ڪنهن جي درد جو اندازو به هُجي ۽ ويهي کائنس اُن بابت سوال ڪجن پر آٿت ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار جي رسم جي به هڪ اهميت آهي. اڄ دل جهلي سائين جو نمبر ملايم. سائين سان ڳالهيون ٿيون. سندن موقف آهي ته ”داعش واعش ڪجهه ڪونهي. اهو ميسيج جڙتو آهي. ڪو انتهائي چالاڪ آهي جيڪو هڪ اڪائونٽ هلائيندي اهڙا ميسيج پيو ڪري. هي سڌو سنئون اغوا جو ڪيس آهي ۽ ان جو رُخ موڙڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون گهڙيون ويون آهن ته جيئن تڪڙو ڪو سر پير ئي نه ملي. مون وٽ منهنجي نياڻيءَ جي فيس بُڪ ۽ اي ميل جا پاسورڊ تائين سڀ موجود هئا جيڪي پوليس کي ڏنا اٿم.“
    پُڇيم ”جيڪر ايئن آهي ته پوءِ ڪا دشمني يا ڪنهن تي شڪ وغيره“
    نالا ظاهر نه ڪندي ذڪر ڪيائون ”سڌي طرح ته نه پر ڪجهه وقت اڳ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ملازم سان ڪاروائي ۾ اڻ سڌو واسطو منهنجو به رهيو پر هي ايتري قدر ان جو ردِعمل ٿي سگهي ٿو دل اهو آءُ نه ٿو سمجهان“.
    نورين جي انسٽا گرام اڪائونٽ بلاڪ ٿيڻ بابت چوڻ هُين ته ”جيئن اسان وٽ عام جام يهودين خلاف نفرت هجي ٿي ۽ نوجوان اهڙو مواد شيئر ڪندا آهن ايئن منهنجي نياڻي به ضرور ڪيو هو ۽ انسٽا گرام وارا اهڙا متنازع مواد شيئر ڪندڙ يوزرس جا اڪائونٽ بلاڪ ڪندا رهن ٿا. ان جو مطلب اهو ناهي ته منهنجي نياڻي ڪو مڪمل ان ۾ ملوث هئي.“
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله اسان سڀني جون مشڪلات آسان فرمائي، يقينن اولاد جو غم ڏڍو ڏکيو هوندو آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهٽ ۾ گهٽ خبر ته پئي ....

    ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا ان کي گهڻو اڇاليو آهي ۽ مون جهڙا نام نهاد دانشور ان ۾ اڳتي اڳتي رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو