سچل سرمست ۽ بلهي شاهه جي ڪلام جي ڀيٽ

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]



    شاعرن جو تعارف

    هن مختصر تبصراتي شاعري ڀيٽ ۾ ننڍي کنڊ جي ٻن وڏن صوفي شاعرن جي صوفياڻي ڪلام (ڪافين) جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي، جنهن جو مکيه مقصد ٻنهي شاعرن جي باڪمال ۽ بيمثال شعر جي ڀيٽ ڪرڻ آهي ته شعر ۾ ڪهڙا فرق ۽ ڪهڙيون هڪجھڙايون آهن. سچل ۽ بلها جي شعر جي جائزي کان اڳ ٻنهي اهلِ الله شاعرن جو ننڍڙو تعارفي احوال ڏجي ٿو ته جيئن سندن شخصيتن بابت پتو پئجي سگهي.

    سچل سرمست

    سچل سرمست، سنڌ جي تاريخي شهر ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ درازن ۾ 1739ع ۾ ڄائو، اهو ٽالپرن جي راڄ جو زمانو هو. هن جو اصل نالو عبدالوهاب، پيءُ جو نالو ميان صلاح هو ۽ سچ ڳالهائڻ ڪري سچل ڪوٺيو ويو. سچل جو خانداني شجرو حضرت عمر فاروق رضه سان ملي ٿو. هن پنهنجي وقت جي مروج تعليم حاصل ڪري عالم جي سند ماڻي.سچل روايتي مذهبي عالم ٿيڻ بدران صوفي ٿيڻ کي اوليت ڏني ۽ سنڌ جو منصور صوفي ٿي اڀريو. سچل ٻين صوفين جيان تصوف جي وحدت الوجود واري فلسفي جو قائل هو، تنهنڪري ان فڪر جو پنهنجي ڪلام ۾ ڀرپور پرچار ڪيو اٿائين. سچل سرمست پنهنجي ڪردار ۽ تعليم ذريعي ڪيترن ئي پوئلڳن کي متاثر ڪري کين اهڙو فيض ڏنو، جو اهي به وڏا شاعر ٿي گذريا. سچل 1829ع تي سنڌ کي ڇڏي حقيقي سڄڻ جو وڃي سلامي ٿيو.

    بلهي شاهه

    بابا بلهي شاهه جو جنم پنجاب جي اچ (گيلان) شهر ۾ 1680ع تي ٿيو، پنجاب تي ان دور ۾ مغلن جي سرڪار هئي. بلهي شاهه عرب جي جيلاني سيدن مان هو. سندس وڏڙا ايران جي حلب واري شهر مان پنجاب لڏي اچي اچ ۾ آباد ٿيا هئا. بلها شاهه قرآن جو حفظ ڪري حديث، فقهه، عربي، فارسي ۽ هندي زبانن تي دسترس حاصل ڪئي. هن کي به مروج مذهبي طريقي سان ذات حقيقي تائين رسائي وارو عمل ناممڪن لڳو، تنهنڪري صوفي مت جي فقيري واٽ ورتائين. بلهي شاهه ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو هو، يعني مذهب جي نالي تي حاڪمران توڙي سندن مذهبي ساٿاري غريب عوام جو رت پي رهيا هئا. بلهي شاهه سياستدانن ۽ عالمن جي ارهه زورين ۽ ٺڳين خلاف الاعلان آواز اٿاريو. هن به همه اوست واري نظرئي هيٺ ڪلام تخليق ڪري ان فلسفي جي تبليغ ڪئي آهي.

    شاعري جي ڀيٽ

    سچل سرمست، سنڌ جو بي ڊپو شاعر هو ۽ بلهي شاهه پنجاب جو پنجاب جو بيباڪ ڪوي. هن خطي جي ٻنهي عظيم شاعرن پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ تصوف جي عالمگير ۽ انسان دوست فلسفي کي بيان ڪيو آهي. ٻنهي شاعرن جي شاعري ۾ فڪري، فني ۽ جمالياتي حوالي کان ڪهڙيون هڪجهڙايون يا ساڳيايون آهن، ان جو ٿورو ذڪر هيٺ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ڪلام جي خوبين جي خبر پئجي سگهي.

    نظرياتي ساڳيائپ

    سچل سرمست ۽ بلها شاهه جي شاعري ۾ خيال ۽ سوچ جي هڪجهڙائي موجود آهي، ٻنهي جو فڪري دڳ هڪڙو ئي آهي. ٻنهي شاعرن جو سمورو ڪلام پاڻ سڃاڻڻ واري فڪر جي پرچار آهي، جنهن جي ذريعي انسانذات کي مذهبي جي منجهائيندڙ واٽن تي ڀٽڪڻ بدران ذاتِ حقيقي سان ميل لاءِ سڌي واٽ ڏيکاري وئي آهي. سچل توڙي بلها شاهه همه اوست جي ڳوڙهن فڪري نڪتن کي شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪري عام کي امن ۽ محبت جو نياپو ڏنو آهي.

    لسانياتي ساڳيائپ

    سچل سرمست ۽ بلهي شاهه جي ڪلام ۾ لسان يعني زبان جي هڪجهڙائي به آهي. ٻنهي شاعرن پنهنجي مادري ٻولين سنڌي ۽ پنجابي ۾ شعر چوڻ سان گڏ سرائيڪي زبان ۾ به ڪلام تخليق ڪيو آهي، جيڪا سندن وچ واري علائقي جي مقامي زبان هئي. سرائيڪي زبان کان علاوه سچل ۽ بلها شاهه فارسي، عربي، هندي ۽ اردو زبانن ۾ به شاعري ڪئي آهي، جيڪا به ٻوليائي هڪجهڙائي آهي.

    موضوعاتي ساڳيائپ

    سنڌ وادي جي ٻنهي اصلاحي شاعرن جي ڪلام ۾ موضوعن ۽ عنوانن جي به ساڳيائپ موجود آهي. ٻنهي ڪوين تصوف جي نڪتن، انسان دوستي، نفي اثبات، ظاهر مذهبيت کان پاسو، ملن کان نفرت، عشق مجازي، ڏک پسندي ۽عشق مجازي وغيره عنوانن هيٺ وجداني ڪيفيتن دوران ڪلام چيو آهي.

    ٻيون هڪجهڙايون

    مٿي بيان ڪيل اهم شعري هڪجهڙاين کانسواءِ ٻنهي شاعرن جي شاعري ۾ ٻيون به ڪجهه ساڳيائپون آهن، جيڪي هي آهن: 1 ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ قرآني آيتن، نبوي حديثن ۽ بزرگن جي قولن جو جابجا ذڪر ملي ٿو.2 ٻنهي ڪوين وٽ پنهنجي مرشدن سان گهڻي عقيدت ۽ محبت نظر اچي ٿي، جنهن جو اظهار هنن ڪلام ۾ مختلف هنڌن تي ڪيو آهي. سچل جو مرشد عبدالحق ۽ بلها جو پير عنايت آرائين آهي. 3 سچل توڙي بلها شاهه وٽ ڪلام چوڻ جو انداز ۽ ڍنگ ساڳيو آهي، يعني هو وجدان جي حالت ۾ بيخود ٿي ڪلام چون ٿا، جيڪو الاهي نزول لڳي ٿو. 5 ٻئي شاعر پنهنجن علائقن جا ٻيو نمبر وڏا شاعر مڃيا وڃن ٿا، سنڌ ۾ ڀٽائي ۽ پنجاب ۾ شاهه حسين نمبر ون آهي. 6 سچل ۽ بلها شاهه به هندستان جي مقبول صوفياڻي شعري صنف ڪافي کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو آهي، سندن ڪافين ۾ روح کي راحت ڏياريندڙ عنصر موجود آهي. ٻنهي شاعرن پنهنجي انسانيت پسند ڪلام جي بدولت عالمي شهرت ۽ مڃتا حاصل ڪئي آهي.

    ڪلام جي موضوعاتيڀيٽ

    سچل سرمست ۽ بلهي شاهه جي شاعري بابت پويان بيان ڪيل مختلف قسم هڪجهڙاين واري اختصاري جائزي کانپوءِ هاڻ سندن ڪلام مان چونڊ ڪافيون مختصر سمجهاڻين جي ميلاپ سان ڏنيو وڃن ٿيون، جن جو انداز موضوعاتي آهي. انهن ڪافين ۽ سمجهاڻين کي پڙهي ٻنهي شاعرن جي شاعري ۾ موجود ڀيٽوار رنگ جو احساس قلب جي ڪينواس تي چٽو ٿيندو.

    همهاوست: هي هڪ نظريو، رويو ۽ طريقو آهي، جنهن جو نچوڙ آهي ته ”ڪائنات جي هر شيءِ جي اندر الله تعاليٰ جي ذات موجود آهي. انسان پنهنجي اندر کي اجاري مالڪ کي پسي سگھي ٿو.“ اها ڳالهه سچل ائين ڪري ٿو:

    ٻيا ڪوئي ڄاڻڻ محض گناھ ،

    هر ڪنهن صورت وچ آپ الله،

    ڪٿي گدا گدائي والا ڪٿي بادشاھ،

    صورت وچ ”سچل“ دي ٻولي آپ الله.

    بلها شاھ وٽ به مکيه موضوع وجود جي وحدت وارو آهي. هو به بندي ۾ خدا جي موجودگيءَ جو مڃيندڙ آهي. هو چوي ٿو ته: الله الله ڪري آئون پاڻ الله ٿي پيو آهيان.

    رانجھا رانجھا ڪردي، مين آپ رانجھا هوئي،

    سڏو مينون رانجھا سڀئي، هير نه آکو ڪوئي،

    رانجھا مين وچ، مين رانجھي وچ هور خيال نه ڪوءِ

    مين نهين وه آپ هي، اپني آپ ڪردا دلجوئي،

    ”بلها“ ميري سليٽ ويکو، ڪتي جا کلوئي.

    انسان دوستي:تصوف جو ٻيو مکيه نڪتو انسانيت سان محبت ۽ پيار ڪرڻ آهي. صوفي ازم دنيا جي مذهبي فرقن کان مٿڀرو ٿي انسانيت سان خوش اسلوبي سان پيش اچڻ جي تلقين ڪري ٿو، ڇو ته ان ۾ ئي انسانذات جي ابدي ڀلائي آهي. سچل چيو:

    آءُ جوئي آهيان سو آهيان، آءُ جوئي آهيان سو آهيان،

    ڪو ڪافر چوي ڪو مومنن چوي، ڪو شعيو چوي ڪو سني چوي،

    ڪو قاضي چوي ڪو ملان چوي، ڪو صوفي چوي ڪو عابد چوي،

    آءُ جوئي آهيان سو آهيان، آءُ جوئي آهيان سو آهيان.

    بلها شاھ به انسانيت سان پيار جا احساس رکندڙ شخص هو. هن سماج ۾ هڪ ظالم طبقي جي هڪ هٽي ۽ دٻدٻي بدران غريب ماڻهن جو راڄ ٿي چاهيو هن ماڻهپي جا قدر عملي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيا. ان خيال کي هن ريت ظاهر ڪيائين:

    هندو نا مين مسلمان، نا ڪرون ڪس دا اڀمان،

    سني نهين نا شيعا، صلح مارگ ڪل آستان،

    پاپ پن ڪي راھ نه جانون، ”بلها“ مين نادان.

    ظاهري مذهبيت: ڏيکاءُ واري مذهبيت جيئن ته رسمي آهي، ان ڪري تصوف ڄڻ ان جو سخت مخالف ۽ ضد آهي. صوفي ظاهر پرستي جي نندا ڪندي مذهبن کي منجھائيندڙ قرار ڏين ٿا سچل ان سوچ کي هيئن اظهاريو:

    مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجھايا،

    شيخي پيري بزرگي بيحد ڀلايا،

    ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،

    ”سچل“ اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

    بلهي شاھ به مروج مذهبي طريقيڪار کي سخت ناپسند ڪندو هو، کيس ظاهري مذهب جيچالاڪين تي چڙ ايندي هئي، جيڪي مذهب جو ويس ڍڪي اٻوجھه ماڻهن کي گمراھ ڪندڙ هيون. هو چوي ٿو ته:

    هڻ مين ليکيا سهڻا يار،

    جس دي حسن دي گرم بازار،

    نا مين بهيد مذهب دا پايا،

    نا مين آدم حوا دا ڄايا،

    نا مين اپنا نام دهرايا،

    نه وچ گيتا نه قرآن،

    ”بلها“ مين تو آن انسان.

    ملن کان نفرت: صوفي هونئن به خراب ڪيل مذهب جي مهندار ملن، عالمن، شيخن ۽ قاضين تي سخت ڪاوڙيل هوندا آهن، ڇو ته اهي غلط طريقي سان صحيح مقصد جي حصول جي ڳالهه ڪندا آهن، ان حوالي سان سچل چوي ته:

    ملان ته ڪاڻ مانين جي، کنيو اچن ٿا عصاالا،

    ويهن ٿا حلون مٿان، ڪکيون ڀرين ٿا پاسا الا،

    ملان چون ٿا ڪين ٿا کيون، کاوي وڃن ٿا ڪاسا الا.

    بلهي شاھ به پنهنجي وقت جي مذهبي ٺيڪيدارن مٿان ناراض رهندو هو. ڇو ته اهي اصل ۽ سچي دين کي خراب ڪرڻ سان گڏ ظالم حڪمرانن جا ڀرجھلا ٿي بيٺل رهندا آهن. ان ڏس ۾ هن چيو:

    ملان! تنهن سچ دا مذهب سارا بگاڙ ڏتا،

    دينِ خدا تون ماڻهانو گمراھ ڪتا،

    تون شيطان تيڏي سوچ شريراي،

    بلها ڪي ڪهي، توني ڪي ڪي نه ڪتا.

    عشق حقيقي: هر شخص کي عشق جي چپيٽ ۽ محبت جي مهميز شاعري جهڙي سواري تي سوار ڪندي آهي. صوفي به مجازي محبت جا ڏاڪا چڙهي عشق حقيقي جھڙي منزل کي رسندا آهن. شاعري جي ان عنوان تي سچل چيو:

    وسين ساڏي ويڙهي، ٿيوين نماڻي دي نيڙي،

    سبق وساريا ”سچو“ تيڏي، عشق اويڙي.

    بلهي شاھ به عشق جي نپٽ نانگ جي ڏنگ کان نه بچيو، جنهن کيس الاهي عشق جي واٽ ڏيکاري.هو چوي ٿو عشق ڪرڻ بعد اسان کان مذهب وسري ويو آهي.

    اسان عشق نماز جاڪون نيتي ئي،

    تاڪون ڀل گئي مندر مسيتي ئي،

    تون قاضي ويکين روضي دا،

    اسان من وچ قعبا ڪاشي ئي.

    ٻيائي/دوئي: تصوف جي دائري ۾ ٻيائي جي رويي کي سختي سان ناپسند ڪندي ان کان منع ڪئي وئي آهي. صوفي ان روش کي خدا سان منافقي ۽ ٺڳي قرار ڏين ٿا. سچل ان سلسلي ۾ چيو ته:

    ٻيائي ٻانهپ ڇڏ، آءُ احديت ۾،

    لمحئون دسئو ڇڏ، ناپاڪي پاڪ ٿئي.

    بلهي شاهه وٽ به ٻيائي جي جاءِ ڪانهي، ڇو ته اها پرين سان پريت جي ميلاپ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. بلهي شاهه سالڪ کي چوي ٿو ته:

    دوئي دور دهکيل، وحدت وادي وچ کهيل،

    ساجن تيڏي نيڙي وسدا، مراقبي دي رستي ميل.

    خودي/انا: جنهن ماڻهو ۾ انا ۽ وڏائي هوندي، اهو ڪو به مقصد ماڻي نه سگهندو، تصوف جي پانڌيئڙي جي سڀ کان پهرين منزل خود ختم ڪرڻ آهي، ڇو ته پاڻ کي مان سان اڳتي کڻي خدا سان هڪ نٿو ٿيي سگهجي. سچل چيو ته:

    جي تون ڄاڻين پاڻ، ته آئون ٻيو ڪو آهيان،

    ڪندي غرق گماڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو.

    بلها شاهه ساڳي ڳالهه هن ريت ڪئي آهي ته:

    خاڪ! خاڪ سون رل جانا، ڪچهه نهين تون اي سل جانا،

    خودي لوڪان دي دشمن اي، تون اين گلي ڪدي نه بهل جانا.

    ڏک پسندي: صوفي مت ۾ ڏک کي سک کان وڌيڪ اهيمت ڏني ويندي آهي. صوفين موجب ڏک انسان جا دوست ۽ سک دشمن آهن.تنهنڪري سالڪ کي سک نه طلبجڻ گھرجن. ان حوالي سان سچل چيو:

    ڏکن منجھان سک، مون تان لڌا جيڏيون،

    ڏوريندي کي ڏک، سونهان ٿيا سڄڻان.

    بلهي شاھ به چاهي ٿو ته انسان ڏک ڏسي ته جيئن هو مضبوط ۽ ڪامياب ٿئي، سک ته ان کي سست ڪاهل ۽ سهل پسند ڪري ڇڏيندا. هن هڪ ڪافي ۾ فرمايو:

    سانو سک نه ڀانوين، رکي ياري دکان نال،

    مورک سک پسند ڪرين، جنهان دي ڪانوان جيهي چال،

    بلها اين نصيحت ڪون سمجھو، جيوين ڀلا ٿيوي تيڏا حال.

    نفي/اثبات:فلسفي جي مختلف دقيق ۽ ڪٺن نڪتن مان هي نفي (ناڪار) ۽ اثبات (هاڪار) جا نڪتا به آهن، جن کي هر صوفي شاعر پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ رنڱي بيان ڪيو آهي. سچل نفي کي هن طرح ٻڌايو آهي ته:

    تاب ڪنون بي تاب ميان،مين تاب ڪنون بي تاب،

    نه مئن گويا، نه مين جويا، نه مئن سوال جواب،

    نا مئن خاڪي، نه مئن نوري، نا مين آب، نا مين آتش،

    ذات سچل دي ڪيهي، نالي مين هي ناياب .

    بلها شاھ به اثبات جي نڪتي تي مثالي شاعري ڪئي آهي، جنهن کي پڙهي هڪ قسم جي وجت طاري ٿيو وڃي، ان حوالي سان سندس مشهور ڪافي جا ٻول آهن ته:

    بلها ڪي جاڻان مين ڪون، بلها ڪي جاڻان مين ڪون،

    نا مين مومن وچ مسيتان، نا مين وچ ڪفر ديان ريتان،

    نا مين پاڪان وچ پليتان، نا مين موسيٰ نا فرعون،

    نا وچ ڀنگ نا هي وچ شرابان، نا وچ زاهد مست خرابان،

    نا وچ جاڳڻ نا وچ سون، بلها ڪي جاڻان مين ڪون.

    صوفي ازم ۾ نفي ۽ اثبات گڏوگڏ سئي ۽ ڌاڳي جيان هلندا آهن. اهي هڪ پاسي هڪٻئي جا سخت ضد آهن ته ٻئي پاسي هڪٻئي کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيندڙ به آهن. اثبات لاءِ سچل چيو ته:

    هوش ڪنو بي هوش مين، هوش ڪنو بي هوش مين،

    ڪڏهن زاهد ڪڏهن عابد، ڪڏهن ول نوشا نوش،

    ڪڏهن دلبر دور گهتيندا، ڪڏهن گوشان گوش،

    ڪڏهن سچل جاءِ نه لهيندا، ڪڏهن دوشان دوش.

    اثبات جو مضمون بلهي شاهه جي ڪافين ۾ به موجود آهي. هو يار جي موجودگي جي هاڪار کي بيان ڪندي چوي ٿو ته ان جي گڏ هئڻ سبب مون کان ديني ڪم وسري ويا آهن. پاڻ هڪ هنڌ چيائون ته:

    روزه حج نماز ني مائي، مين پيا آن ڀلائي،

    جڏهان پيا ديان خبران پيان، منطق نحو سڀ ڀليان،

    او ئي موجود هر ويڙهي، ”بلها“ ڪهين جاءِ ڪهان؟.

    هير-رانجهو: ملڪ جي ٻنهي نامور صوفي شاعرن پنجاب جي سرزمين سان تعلق رکندڙ رومانوي داستان هير رانجهو کي پنهنجي ڪلام جو حصو بڻائيندي انجي مختلف حصن جو علامتي استعمال ڪيو آهي،، جن ذريعي هنن تصوف جا اوکا ۽ اونجها خيال آساني سان سمجهايا آهن. سچل ان ڪردار جو تشبيهي استعمال هن طرح ڪيو آهي:

    مئن تان آپ هوئي رانجها يار،

    ڪر ويکيا سير اسان هر پتوار،

    او ئي اسان ڏي اندر ٻولي،

    باهر ڀي اس ذات تي ئي تنوار.

    بلهي شاهه پنجاب جي شاعر هئڻ جي ناتي وارث شاهه کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ هير رانجهو جي قصي تي شاعري ڪئي آهي، جنهن رنگ عارفاڻو ۽ اصلاحي آهي. گهڻن جاين تي بلها شاهه رانجهي کي الله سان ڀيٽيو آهي:

    رانجها ميڏي اندر ٻوليندا،

    مين نهين وهه آپ آلائيندا،

    رليا من ساڏا نگري نگري،

    هر جاءِ او هڪ يار لڀيندا.


    پورو ٿيو
    تحرير: وقار احمد راهمون​
    هي موضوع منهنجي بلاگ تي
     
    آخري ترميم: ‏20 مئي 2018
  2. انيس احمد جوڻيجو

    انيس احمد جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو