دستڪاري ٻارڙن جي فنڪاراڻي زبان آھي

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ عبدالسلام ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2017۔

  1. عبدالسلام ٿھيم

    عبدالسلام ٿھيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 سيپٽمبر 2015
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    جاتي ضلعو سجاول سنڌ
    ڪافي عرصي کان ھٿ وٺي نظرانداز ڪيل پرائمري اسڪولز جي ڪورس ۾ شامل دستڪاري انتھائي اھم سرگرمي آھي،جنھن ذريعي انھي ڳالھ جو پتو پوندو آھي ته ٻار پاڻ ڇا ٿو چاھي،ھن جي اندر ۾ ڪھڙو فن ڪار رھي ٿو،ھو ڇا ٿو ٿيڻ چاھي،يا ڇا ٿو ٺاھڻ چاھي...!؟
    ڪڏھن ڪڏھن ٻار پنھنجي منھن به ڪجھ ٺاھڻ شروع ڪندو آھي،ڇاڪاڻ ٻار ننڍڙا پاڻمرداو فنڪار، سائنسدان ۽ فلسفي ھوندا آھن،جيڪا ڳالھ ھنن جي ذھنن ۾ ڪر کڻندي آھي،تنھن بابت ھو ڄاڻڻ شروع ڪندا آھن،اھا ڳالھ اڪثر مشاھدي ھيٺ رھندي آھي ته ٻار گھڻي پڇ پڇ ڪندو آھي،جنھن جي نتيجي ۾ اڪثر وڏا کين ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيندا آھن،پر اڳيان نڪتل دنيا ۾ نه فقط ٻار کي ٻڌو ويندو آھي،پر ھن جي ڳالھ تي غور به ڪيو ويندو آھي،تنھن ڪري اسانکي ٻار کي ٻار سمجھي لاجواب ڪرڻ نه گھرجي،ھو جيڪو پڇي ٿو،انکي اھو کلي دل سان ٻڌائڻ گھرجي،۽ تيستائين ٻڌائڻ گھرجي جيستائين ھن جو تصور ڪليئر نٿو ٿئي،يا ھن جي ذھن ۾ جيڪا مبھم تصوير آھي،سا واضع نٿي ٿئي
    ڏٺو وڃي ته دستڪاري ۽ ڊرائينگ تي اسانجي اسڪولز ۾ خاص توجھ ڪونه پيو ڏنو وڃي.پر انھن جي اھميت انتھائي اھم آھي،آئون ته ايترو چوندس اھي ٻئي سرگرميون ٻارن جون فنڪاراڻا زبانون آھن،جيڪو ٻار زبان سان ٻڌائي نه سگھندو آھي سو ھٿن يا قلمن سان ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي،ٻارن کي اسڪولز ۾ نه فقط امتحان جي وقت پر اھي سرگرميون عام طور تي به ڪرائڻ گھرجن ته جيئن سندس سوچ جو دائرو وسيع ٿئي،اڳ ۾ سالياني امتحان جي وقت ٻار مائٽن جي مدد سان ڪجھ نه ڪجھ ٺاھي ايندا ھئا،پر ھاڻي اڪثر اسڪولز ۾ ھو ٻارن کي بازار مان شوپيس وٺيو ڏيو فارملٽي پوري ڪن پيا،جيڪا غلط روايت آھي.
    ھڪ سٺي استاد جي خاصيت اھا به آھي ته ھو ٻارن ۾ لڪل فنڪاراڻا صلاحيتن کي نروار ڪرڻ لاءِ کين گھربل موقعو فراھم ڪري ۽ کين پنھنجي ماحول جي آسپاس ۾ موجود شين جا اسڪيچ يا ماڊل ٺاھڻ لاءِ کين اتساھي،ته جيئن ھو وقت جا سٺا مصور به ثابت ٿي سگھن.

    عبدالسلام ٿھيم
     
    Aman eben sindh هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو