ضراب حيدر مٽيءَ جا ماڻهو ۽ شهر خموشان......

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    مٽيءَ جا ماڻهو ۽ شهر خموشان......

    ضراب حيدر

    هڪ لمحي لاءِ سوچجي ٿو ته:

    زندگي بنهه مختصر آهي. نه هئڻ کان به بنهه مختصر. ڪالهه اڄ ڪونهي ۽ اڄ سڀاڻي ڪونه هوندي.....!! سڀاڻي ايندي ته وري اها به ڪونه رهندي. ۽ جيڪڏهن سڀاڻي نه ايندي ته پوءِ اڄ به ڪونه رهندو.

    ائين ڪالهه جيڪي هئا، سي اڄ ڪونهن ۽ جيڪي اڄ آهن، سي سڀاڻي ڪونه هوندا. وقت پنهنجون ڍاٽي ڏاچيءَ جهڙيون ٻرانگھون کڻندو خبر ناهي ڪيترن زمانن کي ۽ سلسلن کي اورانگھيندو وڃي. ڪالهه جيڪي شيون، جيڪي تهذيبون شاهڪار هيون، سي اڄيا ته کنڊر بڻيل آهن، يا وري آثار بڻيل آهن. دنيا جو ڦيرو ۽ وقت جو گھڙيال ساڳئي ريت ڦري پيو، پر جڙڻ، ڊهڻ ۽ ڊهي جڙڻ، جڙي ڊهڻ وارو سلسلو هلندو اچي.

    ڊارون جو نظريو ڪتابن ۽ حسابن ۾ پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته فطرت جو فلسفو ادوارن ۽ بابن ۾ پڻ تڳي رهيو آهي، جيوت جيڪا حيات به آهي، زندگي به آهي، اها انت فنا به آهي. هڪ لمحي لاءِ جڏهن غور ڪجي ٿو، ٿورو ويچارجي ٿو ته پنهنجو پاڻ تي رحم به اچي ٿو. هي هيڏو سارو جيڪو گوڙ گمسان، هي هيڏو ساور فطنو فساد، جيڪو اسان پنهنجي اختيار سان شروع ڪيو آهي، ان جو اڳي پوءِ رستو شهر خموشان ڏانهن آهي. شهر خموشان، جنهن کي مقام چئون ٿا، يا وري قبرستان...... هزارين ڪهاڻيون ۽ فسانا، تاريخون ۽ اتهاس پنهنجي وجود ۾ دفن ڪندي به ڄڻ ماٺ هوندو آهي....!!

    قبرستان جي ماٺ تي سوچڻ لاءِ ڪي لمحا ماٺ رهڻو ٿو پوي. خاموشيءَ ۾ شهر خموشان جي خبرن کي پروڙڻو ٿو پوي. هي اهي آثار آهن، جيڪي اهو ٻڌائن ٿا ته عروج جو زوال ڪيئن ٿيندو آهي؟! بس! هڪ لمحو، هڪ پل آهي، جنهن ۾ اُن سموري وارتا کي سمجھي ۽ پروڙي سگھجي ٿو. انت اهو آهي، جيڪو خاموشيءَ ۾ پنهان آهي.

    خاموشي، جيڪا سانت آهي، ڪائنات جهڙي...... سانت!! جتي روشني به آهي، چرپر به آهي. پر ڪابه ڳڙ ٻڙ ڪونهي، ڪوبه ٽڪراءُ ڪونهي، هڪڙو تسلسل آهي، هڪڙو سلسلو آهي، هڪڙو رڌم آهي...... اهڙو رڌم، جيڪو شهر خموشان جي هوائن ۾ هوندو آهي. اهڙو تسلسل، اهڙو سلسلو، جيڪو شهر خموشان جي مٽيءَ ۾ هوندو آهي.

    مٽي، جنهن جو ڪوبه رنگ ڪونهي، مٽي جنهن ۾ ڪابه ملاوٽ ڪونهي. مٽيءَ جي ڪمپوزيشن کي سمجھجي ٿو ته شهر خموشان جي حقيقت به سمجھه ۾ اچيو وڃي... ۽ پوءِ اها ڳالهه به سمجھه ۾ اچيو وڃي ٿي ته هي سمورو شور۽ هل هنگامو ڇالاءِ آهي؟ تڏهن ئي شايد غالب چيو ته:

    جب ڪـ تجھه بن نهين ڪوئي موجود

    پهر يه هنگاما يا خدا ڪيا هي؟

    ۽ لطيف سرڪار ته وري ان ڳالهه کي صفا چٽو ۽ واضع ڪري ڇڏيو ته

    ”فاني تي فاني دنيا دم نه هيڪڙو“

    يا وري

    ”ڪڏهن ڳاڙهو گھوڙ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾“

    ارتقا يا ابتدا کان جيڪو سفر شروع ٿئي ٿو، سو آخر ته ڪيڏانهن هلي ٿو؟ سفر در سفر، سلسلا، قافلا هي سڀ ڪيڏانهن وڃن ٿا.... نظر به سڀ اچي ٿو، سمجھه ۾ به سڀ اچي ٿو ته پوءِ ڪهڙو ڪروڌ، ڪهڙو شيطان آهي، جيڪو اکيون پوريو ڇڏي. اها به خبر آهي ته پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪڙي ويلي تي هڪڙي ماني ئي ڪافي آهي ته پوءِ ويلڻ کڻي، دنيا ۽ انسانيت کي ڇالاءِ ويليو ۽ ويڙهيو وڃي ٿو.

    اها ڳالهه به چٽي آهي ته راڪاس هجي يا وري بڙ باڪاس، ڪوهه قاف جو ڪو ديو هجي يا تاريخ حيات جو ڪو ڊائنو سار، ڪٿي نه ڪٿي شهر خموشان بڻيل آهي. وقت جي لتاڙ يا اورانگھه کان سندس ڪا هڏي يا ڪا کل ڀل بچي وئي هجي، پر مٽيءَ جو رنگ وري به واضع آهي، چٽو آهي.

    ڌرتي صدين کان، زمانن کان آهي. پر ڌرتيءَ وارو ڪوئي به باقي ناهي. جيڪي هئا، سي مٽي ٿي ويا. جيڪي آهن، سي مٽي ٿيڻا آهن.

    ڪائناتي ڌماڪي (Big Bang) کان اڳ ۾ جيئن ڌرتيءَ جو ڪو وجود نه هو، تيئن قيامتي ڌماڪي کانپوءِ سندس ڪو به وجود نه رهندو. هر شيءِ ذرا پرزا ٿي ويندي، گوڙ ٿيندو، ڌماڪو ٿيندو ۽ پوءِ هڪڙي خاموشي ڇانئجي ويندي، مادي شين جو وجود ۽ نقشو به مٽجي ويندو، بس! هڪڙو سچ ۽ هڪڙو حق ئي باقي رهندو. جنهن جي پروڙ هوندي به اسين وڃائي ويٺاسين..........

    جسم ته سچ بڻجي ئي نه ٿو سگھي، ان جو مثال ته اهو به آهي ته ڪالهه ٻار هئاسين، اڄ جوان، سڀاڻي پوڙها ۽ پوءِ جھور. ڪارا وار اڇا، ڪچا هڏ پڪا ۽ پوءِ وري ڪچا. اسان جو جسم، جيڪو هڪ پل به بنهه جٽائتو ڪونهي ته پوءِ اهي ڪهڙا ٿو جٽاءَ جا دليل ڳولهي؟ خير جسم ته ڪوڙ ۽ ڌوڙ آهي، سو اڳ پوءِ ٿيڻو ئي آهي، ان تي ڪهڙو غرور، ڪهڙو آرو.

    افسوس جو هن هيڏي ساري ڪشمڪش ۾ اسين روح کي به سچ ڪري نه سگھياسين....... روح، جيڪو جسم سان ڪڏهن به نه ريجھيو، تنهن کي سدائين جسم جو باندي بڻائيندا رهياسين.... ڪائناتي ڌماڪي کانپوءِ جيئن مادن کي وجود مليو، تيئن قيامتي ڌماڪي کانپوءِ مادا پنهنجون معنائون ۽ نقشا وڃائي ويهندا... رهندو رڳو سچ ۽ حق... جنهن جي ڪابه مادي شڪل ڪونهي.

    جيئن فطرت جي ڪا شبيهه ڪونهي، تيئن الله پاڪ به بي مثل آهي. ائين ئي سچ به چٽو ۽ واضع هوندي صورت گريءَ کان آزاد آهي. بس! ڳالهه اتي ئي چٽي آهي ته سچ ۽ حق کي جيڪڏهن ڪا صورت ڏيڻ، ڪو جسم ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو ڪوڙ ٿي پوندو، اهڙو ڪوڙ جيڪو روح کي به روڳي ڪري رکندو، روح کي به ڌنڌلو ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ جڏهن روحن جو درٻار سجندو، ته اهي ڌنڌلا پر واضع روحَ سچ ۽ حق نه هنڊائڻ سبب وساميل هوندا، اُجرا، چٽا يا واضع نه هوندا.........

    شهر خموشان جي صدا به اها ئي آهي ته مٽيءَ جي ڪمپوزيشن کي سمجھيو، مٽيءَ جا ٻچا ٿي رهو، ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو، حق ۽ سچ کي ائين قائم ڪريو، جيئن روح هڪ ريلو بڻجي پوي، جنهن جو وهڪرو بي انت طرف هجي. غرض ۽ لذت کان ڏور. اڃا به جيڪڏهن سمجھڻ چاهيو ته ڀلا ابو تراب کي ئي سمجھيو، جيڪو مٽيءَ جي خلق هوندي به مٽيءَ جو ابو بڻجي ويو....... سچ ۽ حق کي پروڙڻو آهي ته ائين پروڙيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو