ضراب حيدر سِلوٽي چِترا جو درد ۽ چِڻڪندڙ چِت...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    سِلوٽي چِترا جو درد ۽ چِڻڪندڙ چِت...

    ضراب حيدر

    اڄ الائي ڪيئن، اکين ۾ چترا لهي آئي...!

    چترا جيڪا ساڙهيءَ ۾ ملبوس اسٽيج تي ويهي جگجيت سان گڏ جهونگاريندي هئي، اُداس هرڻي جي اکين جهڙيون اکيون کڻي جڏهن هوءَ نهاريندي هئي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ زمانا بيهجي ويا آهن. چترا جنهن جي چت ۾ جگجيت جُڳ جُڳ جهومندو هو، اُها سِلوٽي رنگ واري چترا خبرناهي ڪيترن سالن کان خاموش آهي.

    دنيا جهان جو گرد و غبار جڏهن دز جيان منهنجي وجود تي چڙهي ويندو آهي، دل، دل بدران دونهين بڻجي پوندي آهي ته چترا جا ٻول:

    کبهي تو کُل ڪي برس ابرِ مهربان ڪي طرح
    ميرا وجود هي جلتي هوئي مڪان ڪي طرح
    کبهي تو سوچ ڪه وه شخص ڪس قدر ٿا بُلند
    جو بِڇ گيا هي قدمون ۾ آسمان ڪي طرح


    آئون جڏهن 1986ع ۾ انڊيا ويو هئس ته مون جوهوءَ کان ويندي چوپاٽيءَ تائين چترا جي آلاپن کي اُن دؤر جي بمبئيءَ واري بِلوڪَاري سِلوٽي سمونڊ تي هِندوريندي محسوس ڪيو هو. ڪونج جهڙي ڳچي رکندڙ مدراسي بدن جي سانچي ۾ اوتيل چترا اڄ چِت (من) کي ايئن چوري رکيو آهي، جيئن فلم چت چور ۾ ”مون مون سين“، کي ’امول پاليڪر‘ هارمونيم جي ٽپن تي پنهنجي آڱرن سان سُر ڇيڙيندي، مون مون سين جو چِت چورائي ورتو.
    ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو آهيان ته هي ”ذرا سي زندگي“ يعني ٿورڙي زندگي ته بس رڳو ڪائنات کي سمجهندي گذري وڃي ٿي، آرٽ جنهن جي احساس سان هيءَ ڪائنات پنهنجو رنگ، ترنگ بڻجي نروار ٿئي ٿي، اُن جو چٽيندڙ ڪيڏو نه وڏو چترڪار آهي، جنهن آرٽ جي آئين ۽ منشور ۾ درد جا اهڙا ته رنگ ڀري ڇڏيا، جهڙا درد ”ڪُن فيڪون“ ٽاڻي اُڀريا ۽ اُسريا هئا.
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست مونکي چيو ته: ”عُمر جو ڄڻ ته ٽيون حصو به گذرڻ وارو آهي پر يار مسلسل سفر مسافت باوجود، درد دامن ئي نٿا ڇڏين...!!؟“
    هُن اُن لمحي پنهنجي آڱرين کي ويٺي نهاريو هڪ آرٽسٽ جون سنهڙيون آڱريون...
    مون مُرڪي کيس نهاريو ۽ چيم ته: ”آرٽسٽ ٿي هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين... درد ته پنهنجو يار آهي، پنهنجو لباس آهي درد نه هوندو ته پاڻ اُگھاڙا ٿي پونداسين، ڇو ته خوشيون هڪ اهڙي عُريانيت جو روپ آهن، جن ۾ ماڻهن جا ضمير، ارادا ۽ ڪردار وائکا ٿي پوندا آهن. تون اِهو نٿو ڄاڻين ڇا؟ جڏهن به پاڻ ماڻهو ٿوري پوزيشن ۾ هوندا آهيون، مطلب ته سگريٽن ۽ چانهه جا پئسا کيسي ۾ هوندا آهن ۽ ڪوڙا ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته، ڪيئن نه پاڻ وارا يار دردَ لِڪي لِڪي ڪا چُهنڊڙي هڻي هوشياري وٺرائيندا آهن ۽ اُهو بانور ڪرائيندا آهن ته پنهنجو وفائون هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن، هي ڪوڙا ۽ کوکلا پنهنجي لبن تي ٽهڪ ڇو سجايا اٿوَ!؟ ڇا توهان لاءِ اُهي مُرڪون ڪافي ناهن، جن ۾ آئون دردِ اعظم، خداوند اعظم جو خليفو بڻجي توهانکي ڪائنات جي بُنيادن ۽ مُحرڪن ۾ ويڙهيندو آهيان ۽ توهان کي احساس ڏياريندو آهيان ته توهين آرٽسٽ آهيو، توهين ڏاها آهيو، توهين اُهي آهيو جيڪي لوڪ جي درد کي سمجهو ٿا ۽ اُن لوڪ کي پنهنجي درد جو احساس ڏياري کين پنهنجي درد جي پرک ۽ سڃاڻ ڏيو ٿا، تنهنڪري آئون توهان جو ورثو آهيان توهان جي پچر جي ڇڏيندس ته انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي آرٽ ذريعي زندگيءَ جي نزاڪت کي سمجهن ٿا“ اُن لمحي منهنجي دوست جي اکين ۾ درد سميل لُڙڪن جي ڇير ٻڌي ۽ ڌمال هڻڻ لڳو ۽ اسان جي ننڍڙي ماحول ۾

    ”سروم دُکم دُکم“ جو ناد وڄي ويو.

    مون کي جڏهن درد ميڙيندا آهن ته آئون مرشد لطيف جي پيرانديءَ کان ويهي دل ۾ سُور جا سُرندا وڄائيندو آهيان ۽ مرشد جي آڳنڌ ۾ ويٺل راڳي فقير تنبوري جي تارن ۽ تمر فقير وارن آلاپن سان دانهون ڪيهون ڪندا رهندا آهن... روڄ ۽ راڙي جو اهڙو سمان منهنجن مَن ۾ وڄندڙن سورن جي سُرندن کي ڏياچ بڻجي دان ڏيندو آهي ۽ آئون نئين سِر دردن جون ڀريون کڻي هَڙون ڀرائي اچي پنهنجي معمول واري ميدان ۾ لهندو ۽ گھمندو آهيان، اُهي سُور ۽ سامان منهنجي ايندڙ ڪجهه مهينن جو درمان هوندا آهن.
    وجود تي جڏهن گرد غُبار جي دز چڙهندي آهي ته چترا جي چوريل چپن جا آلاپ ٻُڌندو آهيان.

    زندگي تجهه ڪو جيا هي ڪوئي افسوس نهين،
    درد يه خود ۾ ني پِيا هي ڪوئي افسوس نهين،
    ميري قسمت ۾ جو لِکي ٿي انهي ڪانٽون سي
    دل ڪي زخمون ڪو سِيا هي ڪوئي افسوس نهين.


    آئون رامڪليءَ جو اُهو رمتو جوڳي آهيان، جنهن تي جڙاءُ نسورو ئي نينهن جو آهي. آئون دوارڪا جي دل ۾ رامناٿ يا سومناٿ جون مورتيون نه ڳولهيندو آهيان، آئون ته درد جي اُن مسافت کي پرکيندو آهيان جيڪا صدين جا سفر ڪرائيندي آهي، آئون ته سهڻي جي سونهن کان سسئي جي سورن ۾ يڪسان پيوند ٿيل آهيان جنهن جو نالو نينهن آهي، نينهن جيڪو نياءُ آهي، اُن کان ڀلا! انياءُ ڪيئن ٿيندو؟؟ منهنجو ايمان آهي ته نياءُ، نياءُ تڏهن ئي ٿيندو آهي جڏهن اُهو انياءُ جي درسنيءَ تان موٽي ريفليڪٽ نه ٿيندو آهي پر اُهو اُن درسنيءَ مان آروپار گذري نڪري هڪ اهڙي ميدان تي ڦهلجي ويندو آهي جنهن کي سڀاءُ چئبو آهي.
    پر افسوس جو اڄڪلهه جي راوڻ واري رواج ۾ نه ڪو نياءُ آهي نه ئي وري ڪو سڀاءُ آهي... سيتا جهڙي دل ڏاڍي ماندي ٿي رهي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته دل کي لنڪا ۾ باندي بڻايو ويو آهي يا وري اَمرڪوٽ ۾ آڻي بند ڪيو ويو آهي، جتي نه مُلڪ ملير آهي نه وري مارو مِٽ رهيا آهن.

    بس ڳالهه هلي گرد و غبار کان ۽ وڃي ڪٿان کان ڪٿي پهتي... ۽ چترا جنهن جي ڳالهه پئي ڪيم اُها خبر ناهي ڪٿي رهجي وئي، اُها چترا جيڪا جُڳن کان نه صرف جگجيت جا پر جگجيت جي چاهيندڙن جا به سُور ميڙيندي رهي، پنهنجي سُرن جي سونهن سان وساميل دلين کي منور ڪندي رهي، اڄ خبر ناهي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ مُنهن ساڙهيءَ جي پَلَوَ ۾ لڪائي لِڪي لِڪي روئيندي هوندي، اُنهن سوَن هزارن سيبتين ڇوڪرين جيان جيڪي زندگي جي شاهراهه تي هلندي ڪٿي کوئجي وينديون آهن يا وري زندگي جي پٽڙي تي ٿڪجي پنهنجو مُنهن لڪائي ويهي رهنديون آهن يا وري اُنهن اُداس ماڻهن جي ٽولن کي ڳولهينديون آهن جيڪي سگريٽن جا سوٽا هڻندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي زندگيءَ تي ٺٺوليون ڪندا آهن شايد .........!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو