ضراب حيدر هڪ، عاشق بودلو عبدالواحد آريسر....

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هڪ، عاشق بودلو عبدالواحد آريسر....

    ضراب حيدر


    هو شخص جيڪو سمورو سچ ۽ ساڃاهه هو، هو شخص جيڪو سنڌو سڀيتا جو اُتساهه هو، هو شخص جيڪو دراوڙي وصبون ۽ لهجو رکندڙ ٻانڀڻياڻي ٻوليءَ جو ويساهه هو، سو گهُور ننڊ سمهي پيو، هُن اکيون ڇا پُوريون، منظر ئي بدلجي ويا. سنڌ هڪڙي سِسڪي ڀري ۽ ڪيئي هانءُ ڏري پيا.

    آريسر (عبدالواحد) جنهن کي سنڌ آري ڄام جيان چاهيو هو، سو پنهنجا پُور پلاڻي (جيڪي سنڌ سان سلهاڙيل هئا) ڪيچ ڪاهي پيو ۽ سنڌ کي سسئي جيان رُلائي ويو. سور جيڪي هُو سڳن جيان وٽيندو رهندو هو ۽ پنهنجي ڪارائين تي ٻڌي ، قلم جي دار سان ڇٽيندو اوتيندو ۽ لِکندو رهندو هو، تن گهڻن جي هاضمن ۽ هواسن کي شيشڊر ڪري رکيو.

    عبدالواحد آريسر اُن ڀونءَ جو ڄائو ۽ رهواسي هو، جتي اڄ به هاسِي سَر جي ننڍڙي ريلوي اسٽيشن هڪ اِتهاس جي گواهه بڻيل آهي.اُها ننڍڙي ريلوي اسٽيشن سندس ڳوٺ اُنڙپور کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هاسو سوڍو جيڪو سنڌ جي سداحيات سورهيه دودي سومري جو دوست هو، هاسو سوڍو جڏهن پنهنجي شاديءَ ۾ پنهنجي ٿيندڙ زال مالها سان چؤنرِيءَ جا ڦيرا لهي رهيو هو ته ڪنهن اچي کيس ٻُڌايو ته: ”هاسا! تون هتي شاديءَ جا ڦيرا لهي رهيو آهين ۽ هوڏانهن علاؤ الدين خِلجي تنهنجي يار دودي تي، سنڌ تي ڪاهي آيو آهي.“ اُن ئي لمحي هاسي سوڍي تلوار جي وڍ سان ڦيرن وارو پلئو ڇِڳو ۽ پنهنجي ڌرم پتني مالها کي پيشانيءَ تي چمي ڏيندي چيو ته،

    ”هوندي حياتي ته ملنداسين نه ته گهوري جان سنڌ تان، يار دودي تان.“

    ائين هو دودي ڏانهن روانو ٿيو، مالها به سندس پويان مرداڻو ويس ڪري گهوڙي تي رواني ٿي ۽ روپا جي رِڻ ۾ شهيد ٿي سرهي ٿي.

    عبدالواحد آريسر اُنهي هاسي سوڍي جو تسلسل هو، جنهن سنڌ سان ناتو جوڙڻ کانپوءِ اُهي سمورا پلوَ ۽ ناتا ڇِني ٽوڙي ڇڏيا، جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ڇِنن بنهه ڏکيا هوندا آهن. هُن سنڌ جي عشق ۽ سيد جي ساڃاهه ۾ جيڪا پهرين بغاوت ڪئي سا اُن مڪتب اُن مدرسي سان هئي، جنهن جو درس رڳن ۽ ذهن ۾ لهڻ کانپوءِ ڏاڍو ڏکيو وسرندو آهي. اُهو درس جيڪو ماڻهو کي ننڍپِڻ کان نوجوانيءَ تائين پهچندي انتها پسند بڻائي ڇڏيندو آهي، تنهن کي سنڌ ۽ سيد جو عشق ، ڪيئن اعتدال پسند ۽ اِهنساوند بڻايو تنهن جو مثال سنڌ جي واحد شخص عبدالواحد آريسر جي جيون چِتر ۾ ملي ٿو.

    هڪ شخص (عبدالواحد آريسر) جنهن کي لِکڻ وارا مولوي به ڪوٺيندا رهيا جيتوڻيڪ آئون اُن ڳالهه سان سَهمت ڪونهيان، ڇاڪاڻ جو آريسر جو روح ته ازل کان اڏول هو، جنهن جي تند تند، تار تار ۾ هڪ اهڙو سماع سمايل هو، جنهن جي رياضت ۾ هو سيد جو بودلو بڻيو هو. اُهو سڏ پڙاڏو جيڪو سفيد گُنبذ واري شاهه شهزادي لطيف جي تنبوريءَ جي تاءُ سان ڦهليو هو. اُهو سڏ پڙاڏو سندس مرشد ’قلندر صفت‘ شخص، سن واري سيد ئي ته جَهٽيو ۽ پروڙيو هو، جنهن جي سُتي ۽ سُرڪ آريسر جي اِدراڪ به سنگهي ورتي هئي، اِهو ئي ته ڪارڻ هو جو مُرشد لطيف چواڻي:

    ’سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اِهو ئي ٿيو.‘ وانگي وري نه ڪا ٻئي وائي آريسر جي واتان نِڪتي، سندس وائي يا وِرد هِڪو ئي هو، جيڪو پراچين دؤرن کان جُوڻ مٽائيندو ڀٽائي جي ڀِٽ ۽ سن جي سيد تائين پهتو هو. زمانا دؤر بدلجي ويا، ماڻهو چهرا ۽ ويساهه بدلجي ويا، پر اُهي گفتا ۽ اٽل ارادا نه بدليا جيڪي سندس جيءَ جهروڪا بڻجي پيا هئا. اندر جي ايوانن ۽ روح جي روانين ۾ جيڪو به جوڳي صوفي، عاشق الست لڪل هوندو آهي سو ڪڏهن به دنيا جي رنگن ۽ رواجن ۾ لِڪي ناهي سگهندو، ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور پنهنجي ڌمال سان ظاهر ۽ نروار ٿيندو آهي. ايئن ئي عبدالواحد آريسر جي وجود، روح ۾ جيڪو عاشق/ بودلو ديرو ڄمائي ويٺو هو سو مدرسن ۽ مڪتبن جي ماحول ۾ لِڪي ڌٻجي نه سگهيو. پنهنجي ڌمال سان اهڙو نروار ٿيو جو ناياب بڻجي ويو.

    اُهي اکيون جيڪي ڌرتيءَ جي چاهت ۽ آجپي جي خوابن لاءِ آسروند هيون، سي جيتوڻيڪ هڪ ازلي آجپي سان پورجي چُڪيون آهن پر اُن چاهت ۽ خوابن جي خوشبوءِ اڄ به ڪيترن هُردن ۾، ڪيترن اکين ۾ پساهه کڻي رهي آهي. هو شخص جيڪو پنهنجي جسم تي آمريت دؤر جا ڪيئي تعزير ۽ تمغا (سزائون ۽ ڦٽڪا) سهي سفيد ڪفن جي چادر ۾ سُمهي رهيو آهي، تنهن جا لفظ ۽ لکڻيون پنهنجي سحر سان الائي ته ڪيترن ذهنن جا قبلا درست ڪرڻ لاءِ ڪافي هُيون. تقريرن کان تبصرن ۽ لکڻين کان ڪتابن ۾ ڌرتيءَ جو عشق ۽ رومانس ڀريندڙ اُهو شخص ٿر جي اُنڙپور واريءَ مٽيءَ ۾ لٽجي چُڪو آهي. پر سندس سفر جو سلسلو ڪٿي به کٽو يا ٽٽو ڪونهي. ڪانڌپي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن کان وٺي سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جي احساسن ۾ هو ائين زندهه آهي جيئن لطيف سائين زندهه آهي، جيئن جي ايم سيد زندهه آهي، جيئن دودو ۽ دولهه زندهه آهي. تڏهن ئي ته اڄ اَمرڪوٽ وارو جُڳن کان جُڙيل شاهي قلعو پنهنجو سيسُ نوائي کيس پرنام ڪري رهيو آهي ايئن جيئن سنڌ جو ساهس ۽ ساهيته کيس سلام ڪري رهي آهي.

    اُهي دؤر ۽ زمانه جن ۾ هُن مون وٽ ڪيئي ڀيرا ڀڳا، مون کي پنهنجي شفقت ۽ محبت سان نوازيو، منهنجي لکڻين ۽ ڪهاڻين تي پنهنجا انمول لفظ ارپيا، مونکي داد ۽ اعزاز ڏنا، تن جو قرض ته پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ سان خود سپردگيءَ واري نظريي جي قرض لاءِ سوچيان ٿو ته مٿس لِکڻ يا ارپڻ بنهه ڏکيو ٿو لڳي. هُو شخص جنهن پنهنجو پاڻ ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو هو تنهن لاءِ رواجي /روايتي ارپنائون ڪا معنى نٿيون رکن.

    هو شخص جنهن کي عبدالواحد آريسر جي نالي سان دنيا ته ڄاڻي سڃاڻي ٿي، سو ته سنڌ جي پَٽي، تختيءَ ۽ مِٽيءَ تي هڪ پرواني جي شناخت رکي ٿو، آمريت يا جمهوريت جي سمورن دؤرن ۾ سنڌ سان عشق جي الزامن ۾ مٿس جيڪي ڪوسيون ٿڌيون لٿيون، سي هُن جامِ عشق سمجهي پي ڇڏيون. جسماني توڙي روحاني ايذاءُ ۾ هُن ڪنهن دانهن يا رڙ بدران اهڙي مُرڪ مُرڪي جيڪا هڪ عجيب خمار جو الزام بڻجي مٿس ڪڙڪي، اُهي الزام ۽ تڪليفون جيڪي کيس پنهنجن پراون کان رسيون تن جي ڪا به ڳالهه ڪرڻ نٿو گهران. مٿس جيڪي طعنا هنيا ويا ۽ طنزون ڪيون ويون تن جو به ڪو ذڪر نٿو ڇيڙيان، بس غالب جي هڪڙي سِٽ چوڻ ٿو گُهران :

    ’بي خودي بي سبب نهين غالب،

    ڪڇ تو هي جِسڪي پرديداري هي.‘

    اُهو ڪهڙو درد ڪهڙو زخم هو، جنهن جي پرديداريءَ ۾ هُن سوين هزارين الزام به پنهنجي سِر کنيا، اِهو ته آريسر جو اُهو روح ئي ڄاڻي ٿو جيڪو صدين جو اُهو درد پاڻ سان کڻي وڃي سُتو ، جنهن درد جي تشريح ۾ شاهه جو رسالو اڄ به سُڏڪي رهيو آهي جنهن درد جي ڪَسيءَ ۾ سن ۾ اڄ به ميلو مَچي رهيو آهي. اُهو درد اُهو ڏک جيڪو ازل کان ڌرتيءَ جي عاشقن جو ورثو رهيو آهي، جيڪي اندر ئي اندر ۾ اُن کي پچائيندي، کامندا ۽ پڄرندا رهيا تن جا روح صدين تائين ڌرتيءَ جي ڏکن تي مرهم ۽ ڪوسين تي ڇانوءُ بڻجي، ڀؤنرن جيان ڀِرندا رهندا. منهنجو پنهنجو خيال آهي ته پنهنجي ڌرتي پنهنجي زمين تي محرومين جون ڪهاڻيون ۽ داستان ڪو به اِهل دل، نه ڏسي سگهندو نه وري ٻُڌي سگهندو. محرومين ۽ پابندين جا اُهي طوق جڏهن هڪ عام فهم ماڻهوءَ کي ئي ڳاريو رکن، ماريو وجھن سي عاشق پروانن کي بي خودي جي باھه ۾ اُڇلائڻ لاءِ ان ڪري به جسٽيفاءِ (حق بجانب) جو اُن ڪيفيت کي سمجھڻ ۽ لهڻ اسان لاءِ ڏکيو آهي. جنهن ذهن جا اُجالا تاريڪين ۾ اُڇلايا وڃن، جنهن دل جا ارمان طوفان بنايا وڃن سا دل ڀلا ڪهڙي قرار ۾ هوندي ؟ اِهو چڱي ڀِت ڄاڻي سگهجي ٿو.

    عشق جو درد ڇا آهي؟ اِهو ته ڪنهن سچي عاشق کان ئي پُڇي معلوم ڪري سگهجي ٿو! هو جيڪو سنڌ جي چاهه ۾ سدائين چِکيا چڙهندو رهيو ۽ سيد جي محبت ۾ بودلو بڻجي ويو، تنهن جي اڪيلائين ۽ احساسن کي ڪنهن ڪٿي ڄاتو؟ هو اڄ به اڪيلو ئي وڃي آرامي ٿيو آهي، پر پاڻ سان سموري سنڌ ۽ سنڌ جا سور سمائي ستو آهي. اُهي خواب جيڪي سندس اکين ۾ اڌورا رهجي ويا سي سدائين صدائون ۽ دعائون بڻجي، سنڌ تي سانوڻ مينهن جيان وسندا رهندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو