ضراب حيدر ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق!

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق!


    ضراب حيدر


    اهڙا رُساما!
    ڇو ڀلا؟ صادق تون ته سَچو يار هئين! پوءِ هي ڪهڙي رمز آهي، جيڪا سمجهه ۾ ئي نٿي اچي!
    بهارون ته اسان سان سدائين کيڏ ڪنديون آهن، جڏهن اڃان گونچ نسرندا ئي ناهِن ته ڪي ئي گل گلاب ڇڻي پوندا آهن، بهارن ۾ خبر ناهي اسان ڪيڏا بهار جهڙا ماڻهو وڃايا آهن، ڪهڙا نانءُ کڻي ڪهڙا نالا کڻان.........!؟
    تو به هيل اسان کان بهارن ۾ موڪلايو! پر موڪلايو ڪٿي، ڄڻ ته لِڪ لِڪوٽي ڪري اُڏامي وئين، ائين جيئن هٿن تان پوپٽن جا رنگ اُڏامي ويندا آهن، ائين جيئن لڙڪن ۾ اکين جا اُجالا وسامي ويندا آهن. اُهي زمانا اُهي يادگيريون جيڪي تنهنجي مِٽيءَ واري پراڻي ڪچي گهر جيان اڄ به مَن جي مُنڍ تي ڪچي قلعي جيان هلڪي سليٽي رنگ سان چمڪي رهيون آهن، تن تي تنهنجو وڇوڙو برسات وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي.
    دل آهي جيڪا مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي! تنهنجا سليقا تنهنجو سڀاءُ، تنهنجو نياءُ تنهنجا آلاپ احساسن ۽ سماعتن جي ايوانن تي ائين وڇايا پيا آهن، جيئن تون هر ماڻهوءَ لاءِ اکيون ۽ دل وڇائي ڇڏيندو هئين-!؟
    صادق! يار ائين نه ڪبو آهي، جيئن تو ڪيو، مِٺي جيڪا توکي پيار جي پهرين مٺيءَ جيان مِٺي هئي تنهن جي ڳلين ۽ گهٽين ۾ هي ڪهڙيون اُداسيون ڇڏيو وڃين؟ توکي ياد آهي نه اُهو کيکڙن (ڇڪڙن وارو دور جڏهن نئين ڪوٽ کان مِٺي ۽ پوءِ اسلام ڪوٽ وارن پيچرن تي وڏن ڦٽين جا چِيلا واءُ جي هڪ وراڪي سان ميسارجي ويندا هئا، پر تنهنجون آهٽون ۽ آلاپ ڪٿان ميساربا؟ هي شهر مِٺي جيڪو توکي ساري پيو، تنهن جو هر دور هر زمانو صادق تان صدقو پيو ٿيندو.
    صادق! توکي ڪيئن ٻُڌايان ته تنهنجي جنم ڀومي سان گڏ تنهنجي ڳوٺ ڏيپلي کان ويندي سموري ٿر جا گَهٽ ۽ لَڪ تنهنجي لاءِ اُٻاڻڪا آهن، ڪارونجهر جي ڪور تان تِرڪندڙ بهار جون ڪمسِن هوائون توکي پُڪاري رهيون آهن.
    سوين هزارين قطارون جيڪي تنهنجون منتظر هُيون سي به اُداسيون ويڙهي موٽي ويون، مٺي توڙي سموري ٿر ۾ هوليءَ جا رنگ اڌورا رهجي ويا. ڪيڏو نه سوڳوار ماحول آهي؟ صادق موت مَهڻو ته ڪونهي پر يار تنهنجي وڇوڙي صفا ماري رکيو، تنهنجا دوست يار، سنگتي ساٿي سڀ ويگانا آهن، تنهنجي محبتن جا ماريل ماڻهو ڏاڍا اڪيلا ٿي ويا آهن.
    ڏس نھ ! ڪهڙي آجيان ڪئي آهي تنهنجي چاهيندڙن، مداحن... آلين اکين، لڙڪن سان، تنهنجي!؟
    صادق! توکي ياد آهي سال 1998ع واري اُها رات جنهن رات مرحوم عبدالرحمان نقاش کاٽائو جاني ۽ ٻي سنگت سميت مٺيءَ ۾ ساري رات محفل ڪئي هئي سين، مون سان گڏ فياض چنڊ ڪليري، فهيم شناش ڪاظمي ۽ راج ڪنور هئا، اسين نوابشاهه مان تو وٽ آيا هئاسين ۽ ڪارونجهر ڪاسبي تائين تنهنجا ٻول ڳائيندا ويا هئاسين. اهڙيون ڪئي محفلون وسرڻ جهڙيون ناهن جن ۾ تون مَن موهيندو رهين. مونکي اُهو زمانو به ڪونه وسريو آهي جڏهن مِٺيءَ جي وسندين ۾ گائي ماتا کي ناريون ۽ سُندريون ڏوڀ کانپوءِ ٿالهه ۾ اَنُ کارائينديون هُيون ۽ اُن کي ٿر جي سهڻين ڳئون ماتائُن جي ڳچيءَ ۾ پيل چڙا اهڙي رَڌم سان وڄندا هئا جيئن تنهنجا ڳايل گيت ۽ غزل هن لمحي منهنجي احساسن ۾ وڄي رهيا آهن. مسلسل دل کي سمجهايان ٿو پر دل مڃي ئي نٿي، اکيون آهن، جيڪي ڇَڪليو پون ! تنهنجون ساروڻيون اکين ۾ جَهلڪيو جَهلڪيو پون !
    تو جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي مامي حُسين بخش مڱڻهار جي اڳيان سُر آلاپيا هئا تـ اهو آواز سندس پاسي ۽ آغوش ۾ هوندي به ڄڻ ته آڪاش ڇُهي رهيو هو، هو ضرور دل ئي دل ۾ مُرڪيو هو جو تنهنجو اُهو آلاپ اُن لمحي ڏيپلي جي ٻانهياري ۽ جتن واري ڀِٽ کان به گھڻو مٿانهون ٿي سامروٽي ۽ وٽِ (ٿر جي علائقن) وارن پوٺن تان ائين گونجار ڪندو وهندو ويو، جيئن کاري ۽ ڪڇ کان چيٽ، ويساک ۽ ڄيٽ جون هوائون هُلنديون آهن ۽ رحمڪي بازار کان وڃي ڏيپو مينگھواڙ جي ٻڌايل شهر ڏيپلي جو پاسو وٺنديون آهن. تنهنجو آواز تنهنجو سُر علائقن ۽ سرحدن جو محتاج ڪٿي هو!؟ اُهو ته هوا ٿي هوائن جيان هُلندو ويو، تازي جهروڪي جيان دلين ۽ روحن کي تازگيون بخشيندو رهيو.
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’وسي ته ٿر، نه ته جهڙو بر‘ مون ٿر ڏٺو آهي، وسڻ کان اڳي ۽ پوءِ چڱيءَ طرح ٿر ۾ رُليو آهيان، وسڻ کانپوءِ ٿر ڇا ۽ ڪيئن هوندو آهي؟ ان لاءِ ايتروئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته وسڪاري کانپوءِ ٿر جون سموريون خوبصورتيون احساسن ۾ لِڪي وينديون آهن، جن جي نه ڪا وضاحت ڪري سگھجي ٿي، نه وري اُنهن خوبصورتين کي بيان ڪري سگهجي ٿو. ائين ئي جيئن ڪنهن معصوم ٻالڪ جي ڳراٽڙي ۽ ڪنهن محبوب جي چميءَ کي بيان ڪري نه ٿو سگھجي. مون سنڌيءَ جي ان چوڻيءَ کي دل ئي دل ۾ سدائين ائين بھپڙهيو آهي ته ’وسي ته ٿر نه ته بھوڙ ئي وڙ‘ مطلب ته جتي وڙ ئي وڙ هجي، اُن کي ڀلا بر ڪيئن ٿو ڪوٺي سگھجي. وڙُ ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن جي اهڙي صفت آهي، جيڪا لهڻ يا سمجھڻ ڏکي به ڪونهي. بهرحال ٿر جي ڀونءِ هجي يا وري ٿر جا ماڻهو هجن، هر ويل، هر مُند ۾ وڙائتا رهياآهن. تون تھ ٿر جي روايتن ۽ مهمان نوازي کان ڪي رتيون اڳتي نڪري وئين تون هر آئي کي ڄڻ ڀڳوان سمجھندو هئين. صادق تون ٿر جو ئي نھ پر سموري سنڌ جو وَڙ هئين.
    تون جڏهن اڃان نوخيز بهارن جيان هيئن، الهڙ وهي ۾ جڏهن تو ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ’ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳايو هو تھ پنڊال ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي الائي تھ ڪهڙا فسانا ڪهاڻيون ياد اچي ويون هُيون ۽ تون هر دل محبوب جيان لهي ويو هئين. ٻولن جي تصوير ۽ منظرن ۾ تو جيڪي سادگيون ۽ سوز ڀريا سي سدائين تازا رهندا، پر ريڊيائي لهرن سان جڏهن اُهي ٻول دِلين جي ايوانن ۽ لوڪ جي سماعتن تي لَٿا تھ هر ڪنهن پنهنجي اکين ئي اکين ۾ ٻانڀڻياڻي کي احساسن جي شاھ دريا ۾ لُڙهندي ڏٺو. اِهو ڪمال يار تنهنجو ئي هو جنهنڪري سنڌ جي هر ناريءَ ۽ ڪنيا پاڻ کي ڄڻ تنهنجو مداح ٿي سمجھيو ۽ هر مانش توڙي ماڻهوءَ جون اکيون تو لاءِ آتيون هونديون هُيون. ڪو شهري بابُو هجي يا مَڊم، ٻهراڙيءَ جو ڪو هاري هجي يا ڌنار هر جُھونگار ۾ تنهنجا گيت ئي هوندا هئا. شمشيرالحيدري ۽ قربان چنا جڏهن ٽي وي جي اسڪرين تي توکي متعارف ڪرايو تھ تون بليڪ اينڊ وائيٽ توڙي رنگين اسڪرين تي انڊلٺي رنگن جيان سنڌ سرگم تي سِمري وئين ۽ سنڌ جو ٻيجل ڪوٺجڻ لڳين.
    ڏيپلو ۽ مِٺي جتان جو لوڪ، لاڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو، اُتي پارڪري، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ ڪڇي ٻولي به ڪيترن ئي چپن مان چُري نڪري ٿي. جيئن دنيا جي هر خطي جو ماڻهو صورت سبحان آهي، تيئن هر ٻولي مٺڙي ۽ ڀاڳوان آهي، جيڪا جيوت کي اظهار جو ڍنگ ۽ سليقو ڏي ٿي. اها ئي ڀاڳوند ٻولي جڏهن تنهنجي سُريلن اظهارن جو ذريعو بڻي ته سنڌي توڙي ٿري گيتن کي ڄڻ ته جواني ۽ جُولان ملي پيو. غزل سچ پچ پنهنجي مادي ۽ ماهيت جيان ڇلانگ ڏيڻ لڳو، تنهنجي چونڊ ۽ چاهت جيڪي رنگ وکريا سي ڪٿي ۽ ڪيئن چِٽيان؟ صادق! تو پنهنجي مامي حُسين بخش جي آسڻ تي جيڪي سُر ۽ گيت ٻُڌا هئا، مڪتب واري زندگيءَ ۾ حرفن ۽ لپيءَ سان گڏ جيڪي سرگم بـھ سُڻيا هئا، تن جي سادگيءَ جي انتها اِها هئي جو سُرُ، ميٺاڄ ۽ ڪَلا جي آڪاش تي هوندي بھ تون سدائين نياز ۽ نوڙت ۾ رهين، تنهنجي اُها روايت اهڙي رياضت بڻجي وئي جيڪا سُر ۽ سرگم جي رياض کان بھ مٿاهين هئي، اڄ ڏسان پيو سمورو لقاءُ ،صادق !هر اک تولاءِ آلي آهي، مِٺي تھ صفا لٽجي وئي آهي.
    اڄ تنهنجي ئي ڳايل سِٽ ،

    ’ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي وئي
    سج لٿو آ، رٿ کڙو آ …...........،

    اندر جي سماعتن تي لهي آئي آهي پر صادق! تنهنجي چُمي ڌرتي کي جيڪا ۽ جهڙي وڻي ، اهڙي تھ شايد ...! جيتوڻيڪ سُرهي سانجھھ ٽاڻي سج لٿي کان اڳ۾ ئي تولاءِ رٿ کڙو هو جنهن ۾ چڙهي تون ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري ڪري هليو وئين ، پوءِ بھ ڪيڏي نـ سهڻي انداز سان ڌرتيءَ کي تنهنجي چُمي پوري ٿي وئي.
    تازو انبڙين باغن ۾ ڳرُ ڪيو آهي تھ مونکي تنهنجو سُڪار لهجو ڏاڍو ياد آيو آهي جيڪو ٻارهوئي ڏُڪار توڙي سُڪار ۾ سُريلو ٿي ٻُرندو هو. تنهنجون اکيون ڄڻ تھ وسڪارا بڻيل هونديون هُيون جن ۾ ساوڪ رُت واري جوت نظر ايندي هئي. اڄ تو اُنهن اکين کي اُجھائي ڇڏيو آهي ڄاڻان ٿو ته تون رُسامي جي عجيب رسم قائم ڪيو پيو وڃين، هر ڳالهه هر شيءِ تان دستبردار ٿيو پيو وڃين، پر اسين توتان تنهنجي نانءُ تان تنهنجي ڪلا تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين. توکي سدائين ڳائيندا ساريندا رهنداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو