ضراب حيدر اِهوئي حق نه ڪي اِناالحق....

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    اِهوئي حق نه ڪي اِناالحق...

    ضراب حيدر

    درد ئي ته آهي جيڪو سدائين ساڳيو رهندو آهي.

    درد کي کڻي ڪهڙو به نانءُ ڏجي اُهو سدائين جوان هوندو آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ساهه جي سرگم ۾ پنهنجي پدن سان سدائين وڄندا رهندا آهن هر ماڻهوءَ جي زندگي جيتوڻيڪ بنهه پنهنجي ۽ ذاتي رهي ٿي پر هو پنهنجو پاڻ کي لاڳاپيل شين کان جدا ڪري نٿو سگهي.

    ڀلي ڪو ماڻهو شهر جي گوڙ گُمسان ۾ گم ٿي وڃي. پر هُن کان پنهنجي ڳوٺ جون خاموشِيون وسري نٿيون سگهن، پکي ڀل ڪيڏو به آسمان جي بلندين تي هليا وڃن پر سندن ڳِچيون جُهڪيل ۽ اکيون زمين (پَٽَ) ۾ کُپيل هونديون آهن. ڪجهه به هُجي ڪيئن به هُجي، هر شيءِ ڀل پنهنجي مدار مان نڪري وڃي پر سِڪ جو دائرو ڪڏهن به نه بدلجندو آهي. درد جو مرڪز ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي ذات جا اليڪٽران، پروٽان ڀل ڪيڏا به سرگرم ٿي وڃن ڀل ڪيڏا به شيئرنگ پيئرس (Sharing Pairs) يا بانڊ (Bond) ٺاهي وٺن پر اُهي پنهنجي نيوٽران (Neutron) مرڪز کان ڇِڄي نٿا سگهن.

    درد جيڪو دِل مان ڦُٽي ٿو، دل ۾ ئي رهي ٿو ۽ دل ۾ ئي دفن ٿئي ٿو اُن جي ڀل ڪا مزار نه ٺاهجي پر اُهو صدين پُڄاڻان به ڀسم نٿو ٿئي، اُهو تهجُوڻَ (جنم) مٽائيندو نسل در نسل هلندو آهي. اُنهي درد کي ڀل ڪهڙا به ويس وڳا پارائي، ميڪ اپ سيڪ اپ ڪرائي خوشين ۽ مستين جي آڙ ۾ لڪائجي پر جڏهن به ليئو پائي پنهنجي اصليت ڏيکاريندو ته اڳي کان اڳرو ۽ گِهرو هوندو، ڀل کڻي اُن کي ڍڪي ويڙهي لِڪائي ڇڏجي پر جڏهن به ظاهر ٿيندو پڪل ۽ رسيل ئي هوندو ائين ئي جيئن ڪنهن شيءِ کي پال وجهي ڪڍجي.

    ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ۾ جي ڳالهه آهي، اعليٰ ايوان جي هڪڙي محفل ۾ مون ڪجهه ماڻهن کي قسم (حلف) کڻندي ڏٺو هو، (مونکي، شايد توهانکي به اهڙن قسمن جو ڪو اعتبار ناهي جيڪي ايوانن يا درٻارن ۾ ڪنهن خاص مصلحت خاطر کنيا ويندا آهن) اُنهي ايوان ۾ قسم کڻندڙ سموريون اکيون ۽ صورتون مون لاءِ اوپريون هيون پر ٻه اکيون اهڙيون هيون جيڪي مون سُڃاتيون هيون، جيتوڻيڪ هاڻي ڀل اُهي اکيون بدلجي ويون هجن پر انهن اکين مان الوپ ٿي ويل اُهو درد مون سهيڪري ورتو هو، جيڪو ڪي زمانا ٿيا ساڪِن ٿي پنهنجي مرڪز کان ڏُور ٿيويوآهي. هوءَ سنڌ کان ۽ سنڌي ڪهاڻي کان ايڏو پري الائي ڇو هلي وئي؟ جيڪو ارمان اڃا اندر ۾ ئي هو ته هُن هڪ ٻيو قسم کڻي ورتو جيڪو اسان جي سماعت کي بنھ ڪونهي آهِڙيو. هوءَ ڀل سُڌ سماءُ جي وزير بڻجي وئي هُجي پر سنڌ ۽ سنڌي ڪهاڻي جي سُڌ لهڻ بنا ايئن آهي، جيئن ساٿ بِنا ڪو وڳر، جيئن رنگ بِنا ڪو چِتر

    مون جڏهن اُنهن اکين کي اعليٰ ايوان ۾ قسم کڻندي ڏٺو هو ته منهنجي حافظن ماضيءَ ۾ موٽ کاڌي هئي هڪ سفيد بيڪ ٽائِيٽل تي چِٽيل اُن بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ڏانهن جنهن جي ساڄي پاسي کي گرهڻ جهڙو شيڊ (shade) هو، پر باوجود اُن جي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ۾ بي انت رنگ معنائون ڏيندڙ اُها اک وساري نٿي سگهجي جيڪا منهنجي آئيڊل شخصيت جي اک آهي. منهنجا حافظا اُن لمحي ساڳئي بيڪ ٽائيٽل واري ڪتاب جي ٽائيٽل طرف ڇِڪجي ويا هئا جيڪو نارنگي پيلي رنگ سان گڏ هڪڙي ڳاڙهي بي ترتيب دائري ۾ نمايان هو. شايد اُهو ڳاڙهو بي ترتيب دائرو اُن ئي درد جو مرڪز هو يا وري جذبن جو محورهو جيڪو اڄ به ساڳيو ۽ تازو آهي. اُن لمحي ڪارن اکرن ۾ لکيل لفظ ”ڪربلا“ دل ۾ ڪيئي ڪربلائون برپا ڪري ڇڏيون هيون.

    مون جڏهن ماضيءَ ۾ پنهنجي آئيڊيل ليکڪا نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪربلا“ جي ورقن مان حرفحرفکڻي اکين سان پنهنجي من ۾ اوتيو هو ته هِن نام نهاد (So- Called) دُنيا کان جلاوطن ٿي ويو هوس. جيتوڻيڪ منهنجي اُها جلاوطني خود ساخته هئي پر ماڻهو جي عزتِ نفس ۽ عصمت جي پروڙ ٿي وئي هئم جنهن جو نوحو نورالهديٰ جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ چيو آهي.

    اُن ڏينهن نورالهديٰ شاهه کي اعليٰ ايوان جي محفل ۾ قسم کڻندي ڏٺو هئم ته مونکي اُنهن قسمن جو ڏاڍو ڏک ٿيو هو جيڪي ”جلاوطن“ جي مهاڳ اِناالحق ۾ کنيا ويا هئا. (هوءِ هاڻي به اڪثر ماڻهن جيان حق تي هُجي شايد!؟) پرهڪ لمحي لاءِ منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون، ڇو جو مون دنيا ڪارڻ اڃا پنهنجي دل کي نيلام ڪونهي ڪيو آئون به انهن سَوَن هزارن ماڻهن جي ڪافلي ۾ شامل آهيان جيڪي پنهنجي دل جي دنيا ۾ پساهه کڻي رهيا آهن، آئون اڃا پنهنجي سماج جي اڏوهي کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويٺو آهيان، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زندهه لاش جُڳن کان دفن آهن، آئون ڀل نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻيءَ جو ڪو ڪردار نه هجان پر آئون پنهنجي ڪهاڻي جو ڪردار ضرور آهيان، جيڪو هڪ گورڪن جيان خبرناهي ڪيترا اميدن ۽ خواهشن جا لاشا پنهنجي ضمير جي جياپي لاءِ پنهنجي ئي اندر ۾ دفن ڪندو رهي ٿو.

    گورڪن! هاءِ هڪ شاهڪار ڪتاب جي شاهڪار ڪهاڻي، گورڪن جنهن کي مون مهراڻ ٽي وي تي ڊراما ٽائيز ڪرائي پيش ڪيو هو، جڏهن آئون مهراڻ ٽي وي تي پروگرام مينيجر هوس. آئون اُن وقت به اسماعيل چانڊئي ۽ شبنم نواز سان گڏ ڏاڍو رُنو هوس جِن گورڪن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هِن وقت به منهنجون اکيون آليون آهن. (هن ڊرامي جون هدايتون اسماعيل چانڊئي ئي ڏنيون هيون)

    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين ليکڪ به ڏاڍا ظالم هوندا آهيون اسين جنهن درد جي نشاندهي ڪندا آهيون اُهو درد صدين تائين اسان جا پيرا کڻي هلندو آهي. جيڪو درد اسان ڀوڳي يا سوچي لِکي ڇڏيندا آهيون. اُهو درد ڪيترن زمانن تائين ٻين کي ڀوڳڻو پوندو آهي. نورالهديٰ جنهن درد جو پيرو ڪهاڻي ”گورڪن“ ۾ کڻي ٿي اُهو درد اڄ به ڪيترن ماڻهن جو ڪيترن گهرن جو ناسور بڻيل آهي.

    شايد اڄ به ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ڪهاڻي ”ڪربلا “ جي ڪردار جيان پنهنجي ٻچڙن کي هڪ ويلي جي ماني کارائڻ لاءِ پنهنجو خون وڪڻڻ لاءِ تيار آهن. (مون خون جي بوتل وڪڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، يا خون وِلوڙڻ جي ڳالھ) اڄ به ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي گورڪن جي30 رپين جي مزدوري جيان ڪيئي ڏينهن حسرتن ۾ گذاري ڇڏيندا آهن (اڄ کان پنجويهه سال اڳ قبر کوٽائيءَ جا ٽيهه رپيا مِلنداهئا، جيڪي گورڪن جي هڪڙي هفتي جي گهر جو خرچ هئا) پر اڄ به سمورو مهينو صرف هڪ هفتي جي خرچ جيترن ڏوڪڙن ۾ڪيئي ماڻهو پنهنجو خون وِلوڙي رهيا آهن، اسان جا ڪيترا ئي اهڙا نِجي توڙي سرڪاري ادارا آهن جيڪي چيچڙي وانگي ماڻهن کي پيڙهي رهيا آهن، وڏن وڏن ڪمن توڙي ڪتابن پويان ڪم ڪندڙ ماڻهوغربت جي گراف کان هيٺ ڪريل زندگي گذاري رهيا آهن، ڪيئي ماڻهو مهينن جا مهينا پنهنجي ٻچڙن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ نٿا وڃي سگهن جو وٽن ڪرائي جيتري بچت ڪونهي، ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جن جا ٻار خيراتي اسڪولن ۾ خرچي نه هجڻ ڪري روئي روئي ويندا آهن ۽ اُنهن جي پڙهڻ لکڻ واريون سموريون صلاحيتون يا ته خرچي جي حسرت يا وري وهايل لڙڪن ۾ وهي وينديون آهن.

    ها ڪيترا اهڙا ڪردار آهن جيڪي ڀل نورالهديٰ جي ڪهاڻين جا ڪردار نه ئي هجن پر اُهي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻين جي ميدان ۾ طويل جنگون وڙهي رهيا آهن، هر ماڻهوءَ جيان نورالهديٰ به پنهنجي ڪربلا جي معرڪي ۾ اڪيلي وڙهي، پنهنجي حصي جون شامِغريبائون اڪيلي سِر رُني، خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري هڪ اهڙي اتهاس جو وڃي اَلَم (جھنڊو) کوڙيائين، جيڪو رِڻ ۽ رُڃ جو اتهاس نه سهي، ساڀيائن جو اتهاس ضرورآهي، جنهن ۾ هاڻي درد وارا مرڪز ۽ محور شايد (پنهنجون سموريون ڪَشِشون ۽ چارجون ڇڏي چڪا آهن، جيئن اڪثر اسانجي سماج ۾ ٿيندو آهي ماڻهو درد جا صلِيب ۽ ڏکن جون پاڃارِيون ڪلهن تي کڻي جڏهنڪنهن منزل کي رسندا آهن ته کائن اُهي بيل گاڏيون وِسري وينديون آهن جن ۾ دردن جا سرکنڊ رکيل هوندا آهن.جِن ۾ سندن درد حسرتون، پنڌ مُسافتون ۽ شڪستون سٿيل هونديون آهن (ماڻهو پنهنجي ماضيءَ کان ايڏو جلدي منقطع ڇو ٿي ويندا آهن؟)

    ڪتابن جي ورقن ۽ لفظن ۾ پنهنجو ۽ سماج جو درد اظهاريندڙ نورالهديٰ جيتوڻيڪ گهڻو اڳ ۾ اسان جي پهچ کان پري ٿي وئي هئي، اسانجي ڪتابن ۽ ڪهاڻين جي ورقن تان هوءَ پنهنجو قلم ايئن کڻي وئي هئي جيئن اوچتو ڇانؤ وِسامي ويندي آهي، سندس ئي چواڻيءَ ته کيس شايد ذهني آسُودگي ملي وئي آهي!؟ مونکي اڄ تائين اِها ڳالھ سمجھ ۾ ناهي آئي ته هڪ غلام ۽ محڪوم قوم جي ماڻهن کي ذهني آسُودگي ڪيئن ۽ ڪٿان ملندي آهي؟ (ريتن رواجن کان ويندي بُک ۽ بدحاليءَ کان آجپي واري آسُودگي) ۽ جي ڪنهن کي اهڙي آسُودگي مِلي به آهي ته اُهي اسان جھڙن ماڻهن کي به اهڙو گُر ٻڌائين جيڪي بُک ۽ جنگ (جھاد) ۾ جيون گُذاريو ڇڏين. اسين مٿس ڪوبه ڏوھ اِن لاءِ نٿا ڏيون جو هوءَ اڄ به اسان جي ذهنن ۾ دلين ۾ نُور جيان روشن آهي،جيڪو درد هوءَ اسان جي نسل لاءِ ڪهاڻيون بڻائي ڇڏي وئي آهيسو اسين سڀ ڀوڳيون پيا، اسين هر ڀيري پنهنجون ۽ سندس ڪهاڻيون پڙهي ماتم ڪدا بڻجون ٿا، اُن درد کي ڪُلها ڏئي پِٽيندا وتئون ٿا، جيڪو هر جاءِ تي (constant) هِڪ ڪَرو آهي، اسين هر روز اُن درد جي ياد ايئن تازي ڪريون ٿا جيئن ڪربلا جي ياد تازي ڪبي آهي.

    اسان کي اِها به خبر آهي ته ”چار دِن ڪي چاندني ڦِر وَهي انڌيري رات“ جيان عُهدا ۽ منصب نيٺ هڪ ڏينهن کسجي ويندا، پر جيڪو اعزاز جيڪو عُهدو ۽ جيڪو منصب ماڻهن جي دِلين ۾ جُڙندو آهي سو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي نه وري اُن کي ڪا طاقت کسي سگھندي آهي بس اُن جي جُڙڻ لاءِ مونکي عظمت جي سطح کان گھڻو مٿي ”راجا رام موهن راءِ“ جھڙي سنڌ جي سٻاجھي ۽ باڪمال شخص ڏيارام گِدومل شاهاڻي جا اُهي جُملا ياد ٿا ياد اچن ته ” دفتر جو ڪم رُکي مانيءَ وانگر آهي، دفتر جي ڪم سان گڏ جيڪڏهن قومي ڪم به ڪيو وڃي ته ڄڻ رُکي ماني کائڻ لاءِ ٻوڙ ڀاڄي ملي وئي“

    پنهنجي ڌرتي يا قوم سان ڪميٽيڊ (سچو) هُجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي ناهي ته بس ڪجھ ڪتاب لِکي ڇڏجن، ڪنهن چؤياري ۾ ويهي قسم اقرار ڪري ڇڏجن ۽ ذهني آسُودگي مِلڻ کان پوءِ سڀڪجھ وساري ڇڏجي، نه نه نڪو پر پنهنجي مِٽي ۽ ماڻهن لاءِ عملي طور به ڪجھ پتوڙڻ گھرجي ۽ اهو ئي حق آهي نه ڪي اِناالحق.
     
    آخري ترميم: ‏25 مارچ 2017
    انيس احمد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو