1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

سنڌي ٻوليءَ جو وچولو/ معياري لهجو، ساهتي يا حيدرآباد؟

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ جو وچولو/ معياري لهجو، ساهتي يا حيدرآباد؟

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    Authenticity of Wicholo (central) dialect in historical perspective
    Abstract:

    In the era of British monarchy, Sahiti/ Wicholo (central) dialect was given status of standard dialect and was recommended as dialect of official administration and academia; but after partition the accent of Hyderabad is considered as standard, even though it is supposed as Wicholo. In fact, we are not yet clear about standard dialect of Wicholo recommended by British administration. It is observed from the thoughts of different scholars that Wicholo/ Sahiti dialect is considered as standard dialect after different contours of thoughts propounded by regional scholars.
    In this contemporary situation, Hyderabad and Sahiti regions are collectively considered as Wicholo. Despite that, it is also axiomatic fact that both regions posses different dialects.
    Those scholars who don’t consider Hyderabad region in Wicholo are: Dr. Nabi Bakhsh Baloach, Mr. Bherumal Advani, Dr. Abdul Jabbar Jonejo and Dr. Ghulam Hyder Sindhi. There is no any scholar who have resented about the location of Sahiti as central. Although Dr Ghafor Memon unknowingly considered area from Moro to upward north as Utradi dialect, but it is fact that this is the geographical point of start of the Sahiti region. Those scholars who posses opinion and place Sahiti region in central dialect are: Mr. Bherumal Advani, Prof. Ali Nawaz Jatoi, Mr. Khemchand Heerani, Hakeem Fatih Muhammad Sewhani, Dr. Murlidhar Jetley, Dr. Hamid Ali Khanai, Dr. Atta Muhammad Haami, Dr. Abdul Jabbar Jonejo, Mr. Naseer Aijaz and Mr. Maqsood Gul.
    Those scholars who indirectly place Sahiti region in central dialect are: Dr. Allahdad Bohio.
    It is clear from the study that Sahiti regional dialect is influenced by Utradi (northern) dialect of Sind; whereas, Hyderabadi dialect is influenced by Laarr (extreme southern) dialect of Sind. In this situation some scholars including Mr. Greirson propound opinion that sounds of northern dialect are unequivocal than Laarr; on the basis of overall discourse Sahiti region may be preferred for standard dialect.
    Most of scholars give preference to Sahiti region for standard dialect. It may be cleared that in contemporary situation N,Fereze is considered as Sahiti, which geographically comprised on Naushahro Feroze, Moro, Bhiria, Kandiaro and Mehrabpur talukas.

    هيءَ ڳالهه ڪرڻ آهي ته ککر ۾ کڙو اڇلائڻ برابر؛ پر ’سنڌي ٻوليءَ جي شاگرد‘ هجڻ جي حيثيت ۾ ’وچولي لهجي جي تاريخي حيثيت‘ تي لکڻ جو حق رکان ٿو.
    ڪن عنوانن تي معياري/ وچولي لـﮬـجي جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندي، تاريخي، علمي ۽ ادبي لحاظ کان جڏهن ڪا راءِ رکجي ٿي ته ڪافي عالمن کي ڏکيو ٿو لڳي. ٿيڻ ائين کپندو آهي ته جڏهن تاريخي، علمي ۽ ادبي لحاظ کان جڏهن ڪنـﻫـن اختلافي مسئلي تي ڪم ڪيو وڃي ته ان ڪم کي ساراهيو وڃي، توڻي جو ان ڪم جو نتيجو گھربل نتيجي جي ابتڙ هجي! ياد رهي ته علمي ڪم جو عمل هڪ طريقه ڪار موجب اڳتي ٿيندو آهي، ۽ ان مان اخذ ڪيل نتيجي کي ڪنـﻫـن جو ذاتي نتيجو ڪونه ٻڌبو آهي.
    راقم جي هڪ اڪيڊمڪ ريسرچ پيپر تي ميڊم فـﮬـميده حسين صاحبه راءِ ڏيندي لکي ٿي ته: ”اسان جا ڪي مـﮬـربان فروعي ڳالهين کي وچ ۾ آڻي اختلافي معاملا تحقيق جي وچ ۾ بيان ڪري، پنـﮬـنجي ڪيل محنت کي به اختلافي بڻايو ڇڏين، جڏهن ته تحقيق جو اصول آهي ئي غير جانبداري. سنڌي ٻوليءَ جي ڪنـﮬـن هڪ لـﮬـجي کي درست ۽ ٻئي کي غلط ثابت ڪرڻ، معياري ٻوليءَ جي معاملي تي اجايو لکڻ سان مسئلو اڃا منجھي ٿو پوي. سنڌي جا سڀ لـﮬـجا درست آهن، پر ڪنـﮬـن تاريخي سبب ڪري ڪو هڪ لـﮬـجو علمي، ادبي، درسي، معياري درست لـﮬـجي طور مقرر ٿيل آهي، ان تي اجائي ٽيڪا ٽپڻي سنڌي ٻوليءَ جي مفاد ۾ ناهي، جيڪڏهن اڄ اهو معياري قرار ڏنل لـﮬـجو بدلائي ڪو ٻيو به رکبو ته سڀاڻي اڃا ٽئين لـﮬـجي وارا ان کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ اهو سلسلو الائجي ڪٿي دنگ ڪندو. ٻوليءَ جا سڀ لـﮬـجا اسان جا پنـﮬـنجا آهن. سنڌي ٻوليءَ جا عالم به سڀ قابل عزت آهن. انـﻫـن کي ’حيدرآبادي‘، ’اترادي‘، ’لاڙي‘ چوَڻ وارو عمل به درست ناهي …“ (فـﻫـميده- 2012: 101- 102)
    ’تحقيق جي وچ ۾ ڪو اختلافي معاملو آڻڻ سان تحقيق ئي اختلافي بڻجي پوي ٿي‘، اهو رويو علمي دنيا ۾ ڪا معنى نه ٿو رکي. ظاهر آهي ته تحقيق اختلافي معاملن تي ئي ٿيندي آهي؛ ٻي صورت ۾ لکڻ جي مظاهري کي تحقيق ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪنـﻫـن کي اختلاف رهي ٿو ته اهو به هڪ علمي پورهئي سان ئي ظاهر ڪري اڳلي جي نتيجي کي رد ڪري سگھجي ٿو. هن معاملي ۾ جذباتي يا ناصحاڻي راءِ ڪابه حيثيت نه ٿي رکي.
    پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، ڊاڪٽر الـﻫـداد ٻوهئي، ڊاڪٽر الطاف جوکيي وغيره سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪيو آهي ته پوري سنڌ جا ليکيا ويندا؛ پر جيڪڏهن سندن ڳالهايل ٻولي جاچي ويندي ته ان چوڻ ۾ ڪو به حرج ڪونهي ته اهي ’ساهتي لـﻫـجي‘ جا ماڻهو آهن. ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو وغيره بيشڪ پوري سنڌ جا عالم آهن، پر جيڪڏهن سندن ڳالهايل ٻوليءَ جي جاچ ٿيندي ته ’اترادي لـﻫـجي‘ جا ماڻهو ليکبا؛ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ذڪر ڪبو ته بيشڪ سنڌ جو عالم آهي، پر سندس ڳالهايل ٻوليءَ مان اهو ڄاڻڻ ته ’هو لاڙي ٻوليءَ جو ماڻهو آهي‘، ڪـﻫـڙي قباحت آهي؟ جيڪڏهن شاه لطيف جي ڪم آندل ٻوليءَ جي بنياد تي کيس لاڙي ٻوليءَ جو ماڻهو چئبو ته ڇا سندس حيثيت محدود ٿي ويندي؟ يا سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر سڏجڻ سان سندس ٻولي لاڙي نه سڏبي؟ اهڙي قسم جا خيال يا پنـﻫـنجا جوڙيل معيار ڪنـﻫـن به علمي ميدان ۾ ڳڻي نه ٿا سگهجن.
    هتي ٻوليءَ جو تاريخي ۽ علمي معاملو آهي ۽ معياري لـﮬـجي جي حوالي سان اسان به ان ئي ڳالهه جا قائل آهيون ته جڏهن ’ساهتي‘ پرڳڻي جي ٻوليءَ کي تاريخي يا علمي، ادبي ۽ درسي معاملن موجب معياري ڄاتو ويو ته پوءِ ان معاملي ۾ غير جانبداريءَ وارو اصول ڇو نه ٿو اپنايو وڃي؟
    ٻي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سڀ لـﮬـجا بيشڪ اسان جي ٻوليءَ جا آهن، ڌارين مذهبي توڻي غير مذهبي ٻولين جي ڀيٽ ۾، اسان لاءِ وڌيڪ عزت لائق آهن. هن معاملي ۾ غلط چوَڻ غير علمي عمل هوندو آهي، ان معاملي ۾ ترجيح (Preferenc) جو معاملو آڏو ايندو آهي. ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مفاد ۽ ترقي توڻي ترويج جو معاملو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي احاطي کان ٻاهر ٿئي ٿو. مون تي توڻي ٻين سنڌي ڳالهائيندڙن تي لازم ٿو ٿئي ته پنـﮬـنجي ٻوليءَ ۽ ان جي لـﮬـجن تي تاريخي، علمي توڻي ادبي لحاظ کان ڪم ڪريون ۽ نتيجةً ڪا راءِ ڏيون. سنڌي ٻوليءَ جو لـﮬـجاتي معاملو اسان مڙني سنڌي ڳالهائيندڙن جو گھرو معاملو آهي، ان ۾ ’ٻه ڀائر- ٽيون ليکو‘ واري مقولي جيان ڪوبه حرج ڪونهي.
    سنڌ ملڪ جي وسعت سبب ان جي ٻوليءَ جا لـﮨـجا به ايڏي وسعت رکن ٿا؛ توڻي جو سـﮨـڻيءَ جيان سنڌ ڀاڱا ٿيندي به، اهي لـﮨـجا پنـﮨـنجي سونـﮨـن ۽ حيثيت اڄ به برقرار رکي سگھيا آهن. انهن ايڏن لـﮨـجن جو پاڻ ۾ ربط قائم رکڻ لاءِ هڪ اهڙي لـﮨـجي کي معياري لـﮨـجو ڀانيو ويندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي مڪمل سونـﮨـن ۽ نفاست کي برقرار رکي سگھي، جنـﮨـن ۾ ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت کان علاوه، بنيادي آوازن جو احتياط هجي.
    سنڌ ملڪ ۾ حاڪميءَ جي مختلف دؤرن سبب ڪڏهن اتر، ته ڪڏهن لاڙ، ته ڪڏهن وري وچولو يا ٻيا پاسا حاڪميءَ جا مرڪز رهيا آهن. ان سبب اهي لـﮨـجا سرڪاري ماڻ ۾ پئي تُريا، جنـﮨـن جو مثال حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس آهي، جيڪو آخري حڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ميرن ۽ بعد ۾ انگريزن جو منظور نظر رهيو. ان بنياد تي ان کي ئي معياري لـﮨـجي جي زمري ۾ آندو وڃي ٿو. جڏهن علمي طور تي ٻوليءَ جو اڀياس جديد علم جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو ته ان جي معياري لـﮨـجي جو تعيّن به ائين ئي هجڻ گھرجي؛ ٻي صورت ۾ ٻوليءَ جي اصل سونـﮨـن ۽ نزاڪت کي چيڀاٽڻ مثل آهي. اهڙي هٺ ڌرميءَ سبب اڄ به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ ڪافي مونجھارا بي رخيءَ جي ور چڙهيل آهن، ڇو ته اسان وٽ معياري/ وچولي لـﮨـجي جو احاطو بڻيل ڪونهي؛ پوءِ ڪڏهن حيدرآباد جي آسپاس ته ڪڏهن ساهتي! حالانڪ لـﮨـجي آهر حيدرآباد ۽ ساهتيءَ جي لـﮨـجن ۾ کوڙ ساٿرو فرق آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي وچولي لـﮨـجي جي حدبنديءَ تي ڪافي اختلاف رهيا آهن، خاص ڪري حيدرآباد ۽ ساهتي پرڳڻي جي وچ ۾! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تاريخي لحاظ کان هڪ اورچ ۽ غير جانبدار عالم طور هڪ اداري جي حيثيت سان ڪم ڪيو. پنهنجي هڪ ڪتاب: ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گھڻي حد تائين حيدرآباد واري شـﮨـري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانـﮨـن گھٽ توجه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون.....“ (بلوچ، 1992: 15- 16)
    حيدرآباد ۽ آسپاس کي وچولي ۾ شمار ڪرڻ بابت آنجـﮨـاني ڀيرومل هيئن اظـﮬـار ڪيو آهي ته: ”حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو سبب ١٨۵٣ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ هنن اهائي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي؛ تنـﮨـنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي.“ (ڀيرومل، 1956: 93- 94)
    پر ٻي جڳـﮨـه تي لکي ٿو ته: ”وچولي ۾ ساهتي پرڳڻو يعني نوشـﮨـرو فيروز ۽ ڪنڊيارو وغيره اچي وڃن ٿا.“ (ڀيرومل، 1956: 94)
    مختصر ٻنهي عالمن جي راين مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته حيدرآباد جي ٻولي، اصولي طور تي وچولي ۾ شمار نه ٿي ٿئي، البته ان کي وچولي جي دفعي ۾ ليکيو وڃي ٿو؛ جنـﮨـن مان مراد اها آهي ته اختياريءَ وارن وچولي لـﮨـجي واري چَڪي پٽي، حيدرآباد ۾ نسب ڪئي آهي. ڀيرومل جي چوَڻ موجب ’حيدرآباد وارن جي ٻولي وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي‘ ته ٺـﮬــيو پر موجوده حالتن ۾ وچولي جو منـﮬـن ئي ڦيرايو ويو آهي.
    صوتي اعتبار کان اها ڳالهه واضح آهي ته ’حيدرآباد ۽ ساهتي پرڳڻي‘ جي ٻوليءَ ۾ چڱو خاصو فرق آهي؛ حيدرآباد جي ٻوليءَ تي لاڙي اثر آهي، جڏهن ته ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ تي اترادي اثر آهي.
    گريئرسن جي راءِ موجب ايترو آهي جو لاڙي لـﮨـجي جي ٻوليءَ کان اترادي ٻوليءَ جا آواز يا اچار وڌيڪ صاف ۽ چٽا آهن (فـﻫـميده- مترجم، 2000: 61) ان صورت ۾ ساهتي پرڳڻي جي ٻولي، حيدرآباد جي ٻوليءَ کان وڌيڪ صاف ۽ چٽي آهي؛ ان بنياد تي ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ وارن آوازن يا اچارن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي.
    موجوده عالمن وچولي لـﮨـجي ۽ معياري لـﮨـجي جي اصطلاحن کي ايڏو ته پاڻ ۾ وچڙائي ڇڏيو آهي، جو هينئر جنـﮨـن لـﮨـجي کي معياري ليکي ۾ ٿو آڻجي تنـﮨـن کي وچولو به ٿو ڪوٺجي! جھوني ٽـﮨـيءَ جي عالمن جي راين کي ٿو ڏسجي ته موجوده معياري لـﮨـجي کي وچولي ۾ شامل ئي نه ٿا ڪن. ان حوالي سان عصر حاضر جا هڪ ڌر وارا علم دوست ماڻهو ان ڳالهه ۾ پريشان آهن ته جيڪڏهن موجوده معياري لـﮨـجو وچولي ۾ شمار نه ٿو ٿئي ته آخر وچولو ڪـﮨـڙو آهي؟ ٻي ڌر وارا ان ڳالهه ۾ پريشان آهن ته جڏهن موجوده معياري لـﮨـجو وچولو آهي، ته پوءِ ’وچولي‘ لاءِ ڍوءِ ڍوءِ ڇو ٿي ڪئي وڃي؟
    اصل ۾ اهو مونجھارو ورهاڱي کان پوءِ وڌي وڻ ٿيو ۽ اڄ سوڌو مونجھاري ۾ ورتل آهي؛ ڪنـﮨـن به ان جي ڇانگ جو سَت ڪونه ساريو آهي. اهڙي مونجھاري جو اظـﮨـار محترم فيض جوڻيجي هن انداز ۾ ڪيو آهي ته: ”انگريزن ٻوليءَ جو مرڪزي ۽ معياري لـﮨـجو موجوده سنڌ جو وچولو مقرر ڪيو پر حقيقت اها آهي ته اسان 50 سالن ۾ ان مرڪزي لـﮨـجي بابت به واضح نه آهيون.“ (فيض، 2000: 187- 198)
    سنڌي ٻوليءَ جي لـﮨـجن تي بنيادي طور گھڻو تڻو ڪم مستشرق عالمن جو ڪيل آهي، جن ۾ گريئرسن جو نالو نمايان رهيو آهي. پنـﮨـنجي ڪتاب ’برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو‘ جلد اٺين جي پـﮨـرئين ڀاڱي ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: ’لاڙ‘ يا هيٺين سنڌ، ’وچولو‘ يا مرڪزي سنڌ ۽ ’سرو‘ يا مٿين سنڌ. سنڌيءَ جو معياري لـﮨـجو جنـﮨـن کي وچولو چئجي ٿو، سنڌ جي وچولي ۾ ڳالهائبي آهي، جيڪو اندازاً حيدرآباد جي چوگرد وارو علائقو آهي. اهوئي سنڌي لـﮨـجو آهي، جيڪو ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ سنڌ جا سڀ پڙهـيل ماڻهو اهو ڪتب آڻيندا آهن.“ (فـﻫـميده- مترجم، 2000: 61)
    گريئرسن جيڪو لـﮨـجي جو ذڪر ڪيو آهي تنـﮨـن ۾ هن اندازو ڏيکاريو آهي، يعني اها هن جي ذاتي تحقيق ناهي ليڪن ٻڌ سڌ ۽ پنـﮨـنجي پـﮨـچ وارن ماڻهن کان معلومات حاصل ڪئي اٿس. ڊاڪٽر داسواڻي ۽ سندري پرچاڻيءَ موجب گريئرسن جي تحقيقي پروجيڪٽ جي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ هن جا اطلاع ڏيندڙ ٻيا هئا. اهي هئا: هند سرڪار جا ضلعي ڪامورا، عيسائي پادري ۽ ڪي الهڙ نوجوان. (فـﻫـميده- مترجم، 2000: 32)
    اسان پنـﮨـنجي سوچ آهر خاص وچولو ’ساهتي پرڳڻو‘ ئي ڪيون ويٺا آهيون، ڇڙو سرڪاري پٺڀرائپ ۽ ڳڻپ ۾ نه ٿو اچي. جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ ’ادب‘ لاءِ لفظ ’ساهت‘ جو باقاعده استعمال به ساهتيءَ مان ئي ٿو لَکائي ۽ انجو اهم سبب معياري ۽ کري ٻولي ئي هوندو؛ ٻي صورت ۾ ان لفظ جي بنيادي معنى ’سـﮨـتا ذات‘ سان سلهاڙيل آهي.
    ٻوليءَ جي مختلف لـﮨـجن ۽ اُپلـﮨـجن ۾ معياري لـﮨـجي جي ماڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي معياري لـﮨـجي ’ساهتيءَ‘ بابت لسانيات جي ماهر پروفيسر علي نواز جتوئي پنـﮨـنجي ڪتاب ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾ لکي ٿو ته: ”وچولي سنڌي، معياري سنڌي آهي ۽ اهائي سنڌ جي عام زبان آهي. سنڌي علم ادب به انهيءَ زبان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو معياري سنڌيءَ جي مرڪزي خطي کي ’ساهتي‘ سڏجي ٿو، جنـﮨـن ۾ ڪنڊياري، نوشـﮨـري ۽ موري جا تعلقا اچي وڃن ٿا.“ (جتوئي، 1996: 139)
    ورهاڱي کان اڳ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار علمي ۽ ادبي رسالي ’سنڌوءَ‘ ۾ مسٽر کيمچند هيراڻي معياري ۽ ادبي ٻوليءَ بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻولي جيڪا سنڌ جي وچين ڀاڱي ۾ ڳالهائبي آهي، ۽ ان ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو به اچي وڃي ٿو. اسان جا درسي ڪتاب هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ اها سڀني کان سڌريل ٻولي ليکبي آهي.“
    مسٽر کيمچند هيراڻي لاڙي ٻوليءَ ۾ اڳوڻا ڪراچي ضلعي ۽ حيدرآباد ضلعي جا علائقا شامل ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻولي جيڪا لاڙ ۾ ڳالهائبي آهي، يعني حيدرآباد کان هيٺ ڪيٽي بندر تائين. منجھس ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. شاه عبداالطيف جو رسالو هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويـﮨـه هزار لفظ ڪم آندل آهن. انهيءَ اعلى شرف ڪري هن ٻوليءَ جو مان مرتبو ساهت جي نقطه نگاه کان مڙيائي موچارو آهي.“ (هيراڻي، 2007: 146- 151)
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ وچولي جي حد بندي ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”اڪثر ڪتاب ته خاص طرح وچولي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن ۽ لکيا وڃن ٿا. وچولي سنڌ جون حدون طول (ڊيگھ) ۾ گھڻو ڪري لاڙڪاڻي ۽ ان جي آسپاس کان وٺي، حيدرآباد ۽ ان جي ويجھي پسگردائيءَ تائين آهن. عرض (موڪر) ۾، درياءَ جو اولهه وارو پاسو جبل کان سواءِ ۽ درياءَ جي اوڀرين ڀر ساهتي سڄو پرڳڻو.“ (سيوهاڻي، 1983: 116)
    سيوهاڻي مرحوم وچولي جو احاطو ڦـﮨـلائي لاڙڪاڻي کان وٺي حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ تائين ڪڙو چاڙهيو آهي؛ حالانڪ لاڙڪاڻي جي ٻولي سري/ اترادي لـﮨـجي ۾ ڳڻي ويندي آهي. بــﮨـرحال صاحب موصوف وچولي ۾ ساهتي جي سڄي پرڳڻي کي شامل ضرور ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر حامد علي خانائي سنڌي ٻوليءَ جي معياري لـﮨـجي بابت ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ”انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي باقائدي تشڪيل ۽ شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ’ساهتي پرڳڻي‘ جي سنڌي لـﮨـجي کي سرڪاري طرح ’معياري لـﮨـجو‘ مقرر ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهوئي لـﮨـجو ’ادبي ٻوليءَ‘ جو درجو رکي ٿو.“ (خانائي، 2006: 149- 155)
    ڏٺو وڃي ته درسي ڪتابن ۾ گھڻي قدر وچولي جي ٻولي ڪم آندي وئي آهي، پر اصولي طور تي ان پاسي خيال نه ٿو ڪيو وڃي.
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي اُپَلـﻫـجن يعني علائقائي لـﮨـجن تي لکندي ڄاڻائي ٿو ته: ”لـﮨـجن جي تفاوت جي باوجود، سنڌ جا سڀيئي سنڌي هڪٻئي کي سمجھي سگھن ٿا. انهيءَ جو مکيه سبب آهي تعليم ۽ ادب ۾ معياري سنڌي ٻوليءَ جو استعمال. اهو لـﮨـجو اُهو آهي جيڪو ساهتي (سيوهڻ، ڀريا، نواب شاه ۽ ان جي آسپاس) ايراضيءَ ۾ ڪتب اچي ٿو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي وارن جيڪي درسي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپايا، انهن جا لکندڙ گھڻي ڀاڱي ساهتيءَ جا هئا. اهو ئي مکيه سبب آهي جو انهيءَ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ کي معياري ليکي ان جو استعمال ادبي لکڻين ۽ سرڪاري انتظام ۾ پڻ ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڪري چاهي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ علائقائي لـﮨـجن جو تفاوت آهي، پر ادبي لکڻين ۾ سڀئي سنڌي اديب ان معياري ٻوليءَ جو استعمال ڪن ٿا، پوءِ چاهي هو سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ ڄاوا نپنا هجن.“ (جيٽلي، 1999: 46- 47)
    ڊاڪٽر عطا محمد حامي صاحب خيرپور جي لهجي جي حد بندي ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ لهجن بيان ۾ وچولي جي حد بندي بابت لکي ٿو ته: ”خيرپور لـﮨـجي تي سرحدي لـﮨـجي جو تمام گھڻو اثر رهيو آهي…سکر طرف جي سريلي ٻولي ۽ نواب شاهه طرف جي وچولي ٻوليءَ جا لـﮨـجا ٻين لـﮨـجن کان وڌيڪ اثر انداز ٿيا آهن؛ ڇو جو اهي ٻئي طرف اصل کان وٺي هڪڙي حڪومت جي حدن اندر رهيا آهن.“ (حامي، 1994: 267)
    ڊاڪٽر حامي مرحوم وچولي جي ٻوليءَ جي حد بنديءَ لاءِ اڳوڻي نواب شاه ضلعي کي ڳڻيو آهي، ان وقت نواب شاه ضلعي جي احاطي ۾ نواب شاه، سڪرنڊ، مورو، نوشـﮨـرو فيروز، ڪنڊيارو جا تعلقه شامل هئا. هن وقت (1990ع کان) نواب شاه ۽ نوشـﮨـري فيروز کي ڪٽي الڳ الڳ ضلعا قائم ڪيا ويا آهن؛ جنـﻫـن ۾ نوشـﻫـرو فيروز خاص ساهتيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٻوليءَ جي خيال کان، ڊاڪٽر حاميءَ جي حوالي ۾ اهو به واضح ٿئي ٿو ته سکر طرف جي سريلي ٻوليءَ ۽ وچولي جي ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ ۾ ڪافي ويجھڙائپ آهي.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب جو سڄو سارو پورهيو ’ٻوليءَ جي سماجي ڪارج‘ تي آهي، تنـﻫـن هوندي به وچولي جي حوالي سان آوازن جي ڳالهه ڪئي اٿس، جنـﻫـن مان اندازو ٿئي ٿو ته سندس وچولي مان مراد ساهتي پرڳڻو آهي. ڄاڻائي ٿو ته: ” … اهڙيءَ طرح ’ٽ‘ جو اهو آواز جيڪو ’پٽ‘ لفظ جي وچولي واري آواز ۾ آهي، سو ’ٽ‘ ۽ ’ر‘ جي آواز سان ادا ٿئي ٿو، پر اسان ان کي به ’ٽ- ٽنڊڻ‘ لفظ واري آواز جيان لکون ٿا.“ (ٻوهيو، 1978: 176)
    ڊاڪٽر ٻوهئي صاحب ’ٽر‘ جي آواز کي وچولي جو آواز ڄاڻايو آهي، جيڪو ساهتي ئي ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته حيدرآبادي ۽ ان جي آسپاس واري لـﻫـجي ۾ ان آواز جي نه هجڻ کي نوٽ ڪيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، وچولي لـﮨـجي جي معياري هجڻ جي حوالي سان خيال ڏيکاري ٿو ته: ”هن علائقي کي ۽ خاص طور نوابشاه ضلعي کي ساهتي پرڳڻو به چئجي ٿو. وچ ۾ هجڻ ڪري هتان جي زبان ۾ هڪ قسم جو توازن آهي. اتر ۽ لاڙ جا ٿورا ٿورا اثر آهن. سيوهڻ ۽ نوشـﮨـري جـﮨـڙا علمي مرڪز هن محاورن جا ٽيڪ رهيا … وچولي جي ٻوليءَ کي ٺيٺ ٻولي به چيو ويندو آهي، ڇو جو انجي لفظن ۽ جملن ۾ توازن آهي … حيدرآباد ۽ ٺٽو ضلعو عام طور لاڙ جا علائقا آهن. بدين ضلعو حيدرآباد ضلعي مان ٺـﮨـيو آهي.“ (جوڻيجو، 1994: 15، 16، 17)
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنـﮨـنجي تازي تصنيف ’سنڌي زبان جي ماهيت‘ ۾ وچولي لـﮨـجي جي ٻوليءَ جو ڪنـﮨـن حد تي درست احاطو ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”اتر ۽ ڏکڻ سنڌ (لاڙ) جي وچ وارو علائقو وچولو سڏجي ٿو. ان ۾ نوشـﮨـري ۽ ڀرين واري ايراضيءَ کي ساهتي به سڏجي ٿو.“ (جوڻيجو، 2007: 49)
    ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي پنـﮨـنجي ڪتاب ’ پاکستان کا لسانی جغرافیہ‘ ۾ حيدرآباد، هالا، مٽياري ۽ ٽنڊي آدم کي لاڙ ۾ شمار ڪندي لکي ٿو ته: ”چونکہ سندھ کے زیریں حصے کو 'لاڑ" کہا جاتا ہے، اس لئے ہالا، مٹیاری اور ٹنڈو آدم سے حیدرآباد، بدین، تھرپارکر، ٹھٹھہ اور کراچی کے تمام اضلاع 'لاڑ' کے محاورے میں شامل ہیں۔ یہاں جو سندھی بولی جاتی ہے، اسے زمینی ڈھلوان کی نسبت سے 'لاڑی' کہا جاتا ہے۔“ (حیدر، 2005: 132- 133)
    ڊاڪٽر حيدر سنڌي وچولي ٻوليءَ جي علاقائي حد واضح نه ڄاڻائيندي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”وچولی بولی ہر شخص کا معیاری لہجہ ہے۔ ۱۸۴۳ئ میں جب سندھ میں انگریزی دور حکومت شروع ہوا اور سندھی زبان کو سرکاری حیثیت دینے کا حکم نامہ جاری ہوا تو اس 'وچولی' کو معیاری لہجہ تسلیم کیا گیا۔ ۔۔نیز ہر قسم کی تحریر، تقریر، تبلیغ، تجارت، کاروبار اور ہر قسم کی لین دین کی عبارت کے لئے بھی 'وچولی بولی'استعمال کی جاتی ہے۔“ (حیدر، 2005: 133)
    ڊاڪٽر حيدر سنڌي وچولي لـﮨـجي کي معياري ڄاڻائيندي، ان جي حد بندي ڪونه ڄاڻائي آهي؛ ليڪن ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مطابق ايترو ضرور چئي سگھبو ته حيدرآباد، هالا، مٽياري ۽ ٽنڊوآدم جا علائقا وچولي ۾ نه ٿا ڳڻي سگهجن. اندازو آهي ته سندس راءِ موجب وچولي لـﮨـجي ۾ ساهتي پرڳڻو ۽ ان جي آسپاس هوندي!
    ڊاڪٽر حيدر سنڌي پنـﻫـنجي هڪ مضمون ’سنڌي ٻوليءَ‘ ۾ لـﻫـجن ۽ وچولي بابت واضح ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ٻولي هڪ وڏي علائقي ۾ ڳالهائي ۽ سمجھي وڃي ٿي. ان ڪري سنڌيءَ جا ڪيترائي لـﻫـجا آهن، لاڙ ۾ لاڙي، ٿر ۾ ٿري ۽ ڪڇي، وچولي، ڪاٺياواڙي ۽ ڍاٽڪي لـﻫـجا آهن، بلوچستان ۾ جدگالي، گداوي، فڪري، لاسي، ڪيچي، لوري ۽ چيئني لـﻫـجا آهن؛ جڏهن ته ٻين علائقن جي لـﻫـجن کي ڪوهستاني، سرائڪي، اترادي ۽ وچولو چيو وڃي ٿو. ان جو معياري لـﻫـجو ’ساهتي‘ آهي؛ ادبي، صحافتي ۽ درسي لکڻيون ساهتي لـﻫـجي ۾ لکيون وڃن ٿيون.“ (حيدر، 2006: 47- 49)
    صحافتي ٻوليءَ جي هڪ ادبي ڪلاس ۾ محترم نصير اعجاز صاحب پيش ڪيل مقالي ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سري، وچولي ۽ لاڙ ۾ جيڪا سنڌي ڳالهائجي ٿي، اهي اسان جا معياري لـﮨـجا (standard dialect) آهن. بــﮨـرحال اسان جنـﮨـن کي ڪتابي ٻولي چئون ٿا، اها حيدرآباد ۽ نواب شاهه جي ساهتيه پرڳڻي سان تعلق رکي ٿي.“ (اعجاز، 1999: 44- 58)
    محترم نصير اعجاز صاحب ’ساهتي/ ساهتيه‘ پرڳڻي جي حدبنديءَ کان غير واقف آهي. اصل ۾ ساهتي پرڳڻو هن وقت هڪ الڳ ضلعي نوشـﮨـري فيروز جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. حيدرآباد ۽ ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ ۾ سري ۽ لاڙ جيترو فرق آهي، اهڙي ڳالهه به وزن ڪونه ٿي رکي؛ ڇوته صوتي اعتبار کان انهن علائقن کي ساڳئي زمري ۾ نه ٿو آڻي سگھجي. باقي جيستائين معياري لـﮨـجي جي ڳالهه آهي ته ڪنـﮨـن به هڪ علائقي کي ان زمري ۾ آڻبو، حيدرآباد يا ساهتي!
    تازو جناب مقصود گل پنـﮬـنجي هڪ مضمون ۾ ساهتي پرڳڻي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو تاريخي لحاظ کان مسلّم آهي؛ هو صاحب لکي ٿو ته: ”عالمن جي راءِ موجب ساهتي پرڳڻي جي علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي معياري ٻولي ڪوٺيو ويو آهي، ان ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙيءَ کان دادو، نوشـﮬـري فيروز ۽ ڀريا جا علائقا شامل آهن …“ (مقصود، 2012: 78- 86)
    سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران، جون 20111ع ۾ ڇپرايل پاڪستان اسٽڊيز (يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ) ۾ پاڪستاني ٻولين واري باب ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جي معياري لـﮬـجي (ساهتيءَ) جو ذڪر هيٺين ريت ڪيل آهي:
    Chapter VI- Languages of Pakistan- Sindhi
    ““Sindhi is spoken and understood in a vast area. Therefore, there are many dialects of Sindhi language. In the lower Sindhi and Rajasthan regions, lari, Kachhi, Vicholi, Kathiawari and Thari dialects are spoken. In Balochistan Jogali, Gandavi, Fikri, Lasi, Kechi, Lori and chainai Dialects are common. In rest of the areas Kohistani, Seraiki and Pakhto Vicholi dialects are spoken. Its standard dialect Sahiti, is predominant in litracy, education and journalistic writings.” ( Akhtar, 2011: 115)

    سرڪاري ڪتابن ۾ پڻ ’ساهتي پرڳڻي‘ جي ٻوليءَ کي تاريخي حيثيت سان تسليم ڪيو ويو آهي؛ ليڪن ڪي علمي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ان تاريخ جو رخ به پنـﮬـنجي مزاج مطابق ڦيرائڻ ۾ ڪوشان آهن. اهو به ٿي سگھي ٿو ته: انهن جي ذهنن ۾ اهو ئي ويـﮬـاريو ويو هجي ته ’ساهتيءَ‘ جو علائقو حيدرآباد يا ان جي پسگردائيءَ کي چيو ويندو آهي. ائين جيئن، ڪن عالمن جي ذهنن ۾ اهو ويـﮬـاريو ويو آهي ته: سنڌي ٻوليءَ جو اترادي لـﮬـجو ’موري‘ (ضلعو نوشـﮬـرو فيروز) کان شروع ٿئي ٿو. بـﮬـرحال، اهي رويا تاريخ جو منـﮬـن موڙي نه ٿا سگھن.
    ٽماهي مـﮨـراڻ 20111ع ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ ’لاڙي ۽ اترادي لـﮨـجن جو تقابلي جائزو‘ عنوان ۾ سنڌ جون خود ساخته لـﮨـجاتي حدون ٻڌايون آهن. هو صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌ جي لساني جاگرافيءَ جا ٻه اهم حصا آهن: 1. لاڙ، 2. اتر، باقي ٿر، وچولو ۽ ڪوهستان انهن ئي ٻنهي حصن سان لاڳاپيل آهن … لاڙ جو خطو ٽنڊي محمد خان کان شروع تي ٺٽي تائين، بدين کان کاري ڇاڻ تائين دنگ ڪري ٿو … ٽنڊي محمد خان کان پوءِ وچولي جون حدون شروع ٿين ٿيون، حيدرآباد، مٽياري، هالا، ميرپورخاص ۽ سانگھڙ تائين وچولي جون حدون آهن … دادو کان جيڪب آباد، ٺل تائين ۽ هيڏانـﮨـن وري موري کان سکر تائين اتر جون حدون آهن، لسانيات جا ماهر سؤ سيڪڙو حدبنديءَ تي اتفاق نٿا ڪن. حدبنديءَ بابت هر ڪنـﮨـن جو پنـﮨـنجو خيال آهي.“ (غفور، 2011: 174- 179)
    ڊاڪٽر غفور ميمڻ ’ادب جي فڪري پس منظر‘ تي ڪم ڪري هاڻي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ جو خواهان آهي. هن صاحب ٽنڊي محمد خان کان ميرپورخاص ۽ سانگھڙ تائين سنڌي ٻوليءَ جي وچولي جو ڪَڙو چاڙهيو آهي؛ جڏهن ته اتر جي حدن کي موري کان سکر تائين ۽ درياه جي هُن پار، دادو کان ٺُل تائين ٻَڌو آهي.
    منـﮨـنجي ذاتي اڀياس موجب ڪنـﮨـن به عالم، ’ميرپورخاص ۽ سانگھڙ‘ جي علائقي کي وچولي ۾ شمار ڪونه ڪيو آهي ۽ نه وري ’موري‘ کي اتر ڏانـﮨـن ڌڪيو آهي. اندازو آهي ته صاحب موصوف لفظ ’ساهتي پرڳڻو‘ ضرور ٻُڌو/ پڙهيو هوندو، ليڪن شايد کيس ان جي ڄاڻ نه هوندي ته ڏکڻ کان ’ساهتي پرڳڻي‘ جي شروعات ئي ’موري‘ ۽ ان جي ڀر پاسي کان ٿئي ٿي، جيڪا ڪوٽڙي محمد ڪبير ۽ ان جي ڀر پاسي تائين گِـﮨـلجي ٿي. بـﮨـرحال راءِ ڏيڻ جو حق ڪنـﮨـن کان به کسي ڪونه ٿو سگھجي ليڪن ان راءِ جا بنياد معلوم ڪرڻ جو حق هر ماڻهوءَ کي آهي. تاريخي لحاظ کان، ڪنـﮨـن به عالم يا ٻوليءَ جي ماهر ’موري‘ ۽ ان جي ڀرپاسي کي اترادي لـﮨـجي ۾ شامل ڪونه ڪيو آهي. مبادا، ذاتي ڪچـﮨـرين ۾ لاڙي/ حيدرآبادي لـﮨـجي جي ڪن عالمن اهڙو اظـﮨـار ڪيو به هجي، ليڪن ان کي تاريخي يا علمي لکت پٽاندر قبول نه ٿو ڪري سگھجي.

    نتيجو:
    انگريزن جي دؤر ۾ وچولي کي درسي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جو شرف حاصل رهيو، ليڪن ورهاڱي بعد حيدرآبادي لهجي کي معياري تصور ڪيو ويو ۽ ڪن عالمن ان کي وچولي ۾ به شامل ڪري ڇڏيو. اڄ سوڌو اسين ان ڳالهه ۾ واضح ناهيون ته انگريزن جي دؤر ۾ جيڪا وچولي جي ٻولي معياري ڄاتي وئي اها ڪهڙي آهي؟
    مختلف عالمن جي راين/ خيالن ۾ اهو ڏٺو ويو ته چند عالمن جي وٽَن وَڪڙن باوجود، مڙني ’ساهتي پرڳڻي‘ کي وچولي ۾ شامل ضرور ڪيو آهي- صرف ڊاڪٽر غفور ميمڻ سواءِ؛ پوءِ اهو بحث الڳ آهي ته مقرره حيدرآبادي لهجو ۽ ساهتي لهجو پاڻ ۾ ڪيتري قدر مماثلت رکي ٿو.
    (الف) جيڪي عالمَ حيدرآبادي لـﮨـجي کي راءِ جي صورت ۾ وچولي ۾ شامل نه ٿا ڪن تن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي شامل آهن.
    (ب) ڪوبه اهڙو عالم ڪونهي جنـﻫـن ’ساهتيءَ‘ بابت اهو اعتراض ڪيو هجي ته ’ساهتيءَ جو لـﻫـجو وچولي ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي‘. البته، ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب اڻڄاڻائيءَ ۾ موري کان اترادي لـﮬـجو ٻَڌو آهي، جيڪو حقيقت ۾ ڏکڻ کان ساهتيءَ جو مُنڍو آهي.
    (ج) جيڪي عالم راءِ جي صورت ۾، ساهتي پرڳڻي کي وچولي ۾ شامل ڪن ٿا تن ۾ ڪاڪو ڀيرومل، پروفيسر علي نواز جتوئي، مسٽر کيمچند هيراڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محترم نصير اعجاز، مقصود گل شامل آهن.
    (د) وچولي جي احاطي بابت جن جا رايا واضح ڪيل نه آهن تن ۾ ڊاڪٽر الـﮨـداد ٻوهيو شامل آهي؛ البته، اڻ- سڌيءَ طرح سندس خيال ۾ ساهتي وچولو لـﻫـجو آهي.
    اڀياس مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ تي اترادي اثر آهي، جڏهن ته حيدرآبادي ٻوليءَ تي لاڙي ٻوليءَ جو اثر آهي. ان صورت ۾ عالمن جي راءِ موجب ته ’اترادي ٻوليءَ جا آواز/ اچار، لاڙي ٻوليءَ کان وڌيڪ واضح ۽ چٽا آهن‘ جي بنياد تي ساهتي ٻوليءَ کي مانّ ڏيڻو پوندو.
    سواءِ چند عالمن جي سنڌي ٻوليءَ جي وچولي لـﮨـجي جي جيڪا حد بندي ڄاڻائي وئي آهي تن ۾ گھڻي قدر جيڪا اڪثريتي راءِ سامهون اچي ٿي سا ’ساهتي پرڳڻي‘ جي حق ۾ آهي. ساهتي پرڳڻو موجوده حالتن ۾ ضلع نوشـﮨـرو فيروز کي ئي ٿو چئجي؛ هي ضلعو 1989ع تي ڌار ضلعي جي صورت ۾ آيو؛ جيڪو نوشـﮨـرو فيروز، مورو، ڀريا، ڪنڊيارو ۽ محراب پور تعلقن تي مشتمل آهي. هن کان اڳ ضلع نواب شاه جو حصو هيو، جنـﮨـن سبب پوري ضلع نواب شاه کي وچولي ۾ شامل سمجھيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڪافي ٻوليءَ جا ماهر نواب شاه کي ساهتي پرڳڻي سان ئي ياد ڪندا آيا آهن. ان بنياد تي ساهتي پرڳڻو (ضلعو نوشـﮨـرو فيروز) ۽ نواب شاه پاڻ ۾ ڪونه ورهـايا، ۽ نه ئي وري انهن ٻنهي ضلعن جي ٻوليءَ ۾ ڪو خاص فرق آهي؛ ڇو ته موجوده ٻنهي ضلعن جا پاڻ ۾ سياسي، مذهبي، معاشرتي، سماجي ۽ واپاري ناتا تمام ويجھا رهيا آهن. بـﻫـرحال، وچولي (معياري) ٻوليءَ جي دائري ۾ موجوده ساهتي پرڳڻو ئي ڳڻي سگھجي ٿو، جيڪو تاريخي طور تي مسلّم پڻ آهي. اهڙو تاريخي يا علمي تحقيق به اختلافي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ تاريخي يا علمي ڪم ڪـﮬـڙو ٿي سگھي ٿو؟
    ********************

    اڀياسي ڪتاب/ ماَخذ:
    آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (19566)- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
    اعجاز نصير (19999) صحافتي ٻولي. ايڊيٽر: تاج جويو. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. 1 (2)، 44- 58. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (19922)- سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    ٻوهيو، الـﻫـداد، ڊاڪٽر (19788) سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ۽ هدايت پريم (19944) ٿر جي ٻولي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر (20077) سنڌي زبان جي ماهيت- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    جوڻيجو، فيض (20000) سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا. ايڊيٽر: ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين. ڪلاچي، تحقيقي جرنل. 3 (1)، 187- 198. ڪراچي يونيورسٽي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (19999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه.
    حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر (19944) خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    خانائي، قريشي حامد علي، ڊاڪٽر (20066) ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ- ٽماهي مـﻫـراڻ، گولڊن جُبلي نمبر. 56 (2 ۽ 3)، 149- 155. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    سنڌي، حيدر، ڊاڪٽر (20066) سنڌي ٻولي- مرتب: عبدالرحمٰن جتوئي- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- 47- 49. شڪارپور: سنڌي ساهت سوسائٽي.
    سندھی، غلام حیدر، ڈاکٹر (20055) ۔ پاکستان کا لسانی جغرافیہ ۔ اسلام آباد :نیشنل انسٹیٹیو ٹ آف پاکستان اسٹڈیز ، قائد اعظم یونیورسٹی.
    سيوهاڻي، فتح محمد، حڪيم (19833) آفتاب ادب- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر (20122) سنڌي ٻولي: مختلف لساني پـﻫـلو- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر- مترجم (20000) برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو. مرتب: جي.اي. گريئرسن- جلد: 8، ڀاڱو: 1. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    گل، مقصود (20122) پرنٽ ميڊيا جي اهميت ۽ اخبارن ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ جو سرسري جائزو- ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- 5 (1)، 78- 86. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر (20111) لاڙي ۽ اترادي لـﮨـجن جو تقابلي جائزو. ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو. ٽماهي مـﻫـراڻ 61 (1 ۽ 2)، 174- 179. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    هيراڻي، کيمچند (20077) سنڌي ٻولي. سنڌي ٻوليءَ بابت مضمون ۽ مقالا- مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو. جلد 1، 146- 151. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو