مراد علي شاهه جي خط جو جواب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2017۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مانوارا وڏا وزير مراد علي شاهه صاحب
    سلامتي موجود و مطلوب
    اوهان جو اسان والدين ڏانهن لکيل کُليو خط مليو جنهن جو کُليو جواب عرض رکجي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن قسم جي خط و ڪتابت شايد ئي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي هجي ته ملڪ جي وڏي وزير کي والدين کي اهو عرض ڪرڻو پيو هجي ته ٻارن کي نقل نه ڪرايو. ڪنهن ٻي ته ڇا پنهنجي مُلڪ جي ڪنهن ٻي صوبي ۾ به شايد ئي ٿي هجي، پر ٿورو غور ڪريو ته اوهان کي اها زحمت ڇو ڪرڻي پئي؟ اوهان والدين کي تلقين ته ڪريو ٿا پيا ته سندن اولاد جي سُٺن نمبرن ماڻڻ جي خواهش نقل سان پوري نه ٿيڻ گهرجي. بلڪل نه ٿيڻ گهُرجي پر سوال اهو آهي ته والدين کي ڇو مجبوري ٿي پئي آهي؟ اڄ آءُ هي جواب هڪ والد طور ڏيان ٿو پيو. پر جڏهن نائين ڏهين جا امتحان (جيڪا محنت پهتي سا ڪري باقي ڪاپي ڪندي) يارهون ٻارهون آرمي ڪاليج پڙهڻ ويس ته مشرف دور شروع ٿيو ۽ ان به اوهان جهڙا حڪم صادر ڪيا. سويلين ته هڪ ڪن مان ٻُڌي ٻي مان ڪڍيا پر آرمي ڪاليج وارن فوجي دستا بيهاري اسان کان امتحان ورتا. نتيجو اهو نڪتو ته جن جو اي گريڊ اچي ها سي بي ۾ ۽ بي وارا سي ۾ نڪتا. ساڳي وقت جن ڪاپي ڪري اي ون گريڊ کنيا تِن کان ڪوئي پڇاڻو ڪونه هو. اسان مس مس بي گريڊ کنيا ۽ هو اسان تي ٺٺوليون ڪندا اي ۽ اي ون گريڊ کڻي نڪري ويا، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ ئي همراهه ڇنڊجي ويا. جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر به ان ڳالهه تي پوري طرح عمل نه ڪرائي سگهيو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته هر ڪم جي ڊڪٽيٽشن وٺندڙ وڏو وزير هاڻي عمل ڪرائي سگهندو؟ مايوسي برابر ڪُفر آهي پر روايت ڏسي ڳالهه ڪبي سا اها ته ايترو ضرور ٿيندو ته چار دورا ٿيندا. جيڪي ٻه چار انويجيليٽر ڦاٿا سي ڇڪي جان ڇڏائيندا. ڳالهه آهي اها ته اوهان جيڪو هي پڪن گهڙن کي ڪَنا وجهڻ جي حام هڻي ويٺا آهيو سا مشڪل ئي پوري ٿئي. مڃون ٿا ته هي گند ڏهاڪن کان هلندو اچي جيڪو ڏهه ڏينهن ۾ ختم نه ٿيندو پر ڇا بهتر نه ٿيندو ته ان جي پاڙ وٺي اتان ختم ڪجي؟ اوهان تعليم جي بجيٽ وڌائي؟ هلو ڀلا موجوده بجيٽ جي پوري رقم خرچ ڪئي؟ اهو به ڇڏيو جيڪا خرچ ٿي ان جي شفافيت جي گارنٽي ڏيو ٿا؟
    سائين منهنجا هن ملڪ جو دستور ئي اهو رهيو آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو، جيڪو ٻه نمبر ۾ تيز سو ئي اڳتي هلي سگهي ٿو. سڌي طريقي سان ڪم ڪندڙ اشراف ماڻهو تي ڀاڙئي جو پڪو ليبل لڳيو وڃي.
    اوهان محنتي کي ڪامياب هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پري نه ٿا وڃون اوهان پنهنجي اسيمبليءَ جو ئي جائزو وٺو. ان کي به ڇڏيو پنهنجي ڪابينا ميمبرز کي ئي ڏسو. ڇنڊي ڇاڻي تعداد ڏَسيو ته انهن مان گهڻا اهڙا آهن جيڪي راتيون جاڳي اکيون سُڄائي پڙهي محنت ڪري اتي پُهتا آهن؟ پر انهن جي ئي غلامي ۽ عتاب هيٺ اهڙا قابل ۽ پڙهيا لکيا آهن جن ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهيو. اوهان جي ڳالهه برابر سون جهڙي پر جيئن ڀٽائي چيو ”اهو ڪو ٻيو فهم“ تيئن هتي چئبو ”اهو ڪو ٻيو مُلڪ“.
    ۽ ها قائد اعظم جا قول ٻُڌائي اسان کي لڄي نه ڪريو. اڃان ڪلهه ئي اوهان جي پارٽيءَ جو سينيٽ چيئرمين رضا رباني چئي ويٺو آهي ته هي اهو پاڪستان آهي ئي نه جيڪو قائد اعظم ٺاهيو هو. اسان جي ”سنڌ پرست“ دوستن ”سامراجي سازش“ جو ايڏو استعمال ڪيو آهي جو هاڻي گهر زال دڙڪا ڏي ته اها به سامراجي سازش چئي وڃي ٿي تنهنڪري ان اصطلاح جي استعمال تان ارواح ئي کڄي ويا آهن. تنهن هوندي به اڄ مجبور ٿي پُڇبو ته ڪٿي هي واقعي سامراجي سازش ته ناهي؟
    ها باقي اهو آهي ته اوهان جيڪا هي ڳالهه ڪئي آهي سا خوشيءَ ۾ ساهه ڪڍڻ جهڙي آهي پر غالب واري ڳالهه ته اعتبار به هجي ها نه!
    اوهان جو خير انديش
    آءُ انهن والدين مان هڪ جن کي اوهان مخاطب ٿيا.
     
    عبيد ٿھيم، احمدخان ۽ محمد نويد جمالي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    جڏهن "بچُو مل" جهڙن ڪردارن جو تعارف والدين جي اڳيان اوچتو اچي، جڏهن تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن ، ۽ مارڪن ۽ گريڊن تي عام ٻولي لڳائڻ جي جاچ هلي رهي هُجي. تڏهن اهڙن کليل خطن جو ڪهڙو اثر پوندو...
     
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    يقين ڪريو! جِتي هاريءَ کان ويندي وزير تائين ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل هُجن ته اُتي ڪاپي ڪلچر ختم ڪيئن ٿيندو؟
    ڇا ڪاپي ڪلچر صرف غريب ٻارن لئه آهي؟؟
    اهي صرف هاٿيءَ جا ڏند آهن..
     
  4. حرا

    حرا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    67
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو