1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

سنڌي ناول (محمد اسماعيل عرساڻي جو مقالو)

'مقالا' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    196
    ورتل پسنديدگيون:
    265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    1- سنڌي ناول

    چونڪ سنڌي علم و ادب ۾ ناول نويسيءَ جو دؤر محض انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ بعد شروع ٿيو، جڏهن سنڌي زبان جي موجوده الف_ بي ٺهي راس ٿي. لهاذا، ناول جي متعلق ڪجهه چوان، ان کان اڳ ۾ ضروري آهي ته ”تمهيداً“ سامعين ڪرام کي اهو ٻڌايان ته موجوده سنڌي علم و ادب جي آئيويٽا ڪهڙي طرح وجود ۾ آئي.

    سنڌي زبان اصل ۾ سنسڪرت زبان مان نڪتل آهي. جيڪڏهن سنڌي زبان جو نسل جاچي ڏسبو ته سنسڪرت زبان ان جي پڙناني ٿئي. پراڪرت ٻولي، جا ويدن جي زماني ۾ عام ماڻهو ڳالهائيندا هئا، اها سنڌي زبان جي ناني ۽ پرڪارت جي بگڙيل صورت جنهن کي هندو ماڻهو اپڀرنش چوندا آهن، اها اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سڳي ماءُ ٿئي.

    انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻيو نالو ”لهندا“ يعني ”الهندي“ جي ٻولي ڄاڻايل آهي. چونڪ پنجابي زبان خود انهيءَ ساڳيءَ اپڀرنش زبان مان نڪتي آهي، تنهن ڪري سنڌي ۽ پنجابي زبانون ٻئي پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون ٿين. خود گجراتي ٻولي به ساڳي اپڀرنش ٻوليءَ جي پيڙهي مان آهي، تنهن ڪري گجراتي ۽ سنڌي زبانون به پاڻ ۾ برادري رکن ٿيون. ٿر يا ڍٽ وري گجرات سان دنگئي آهي، تنهن ڪري اتي جي رهاڪن سنڌيءَ ۾ گجراتي الفاظ گڏي سڏي هڪ ٻي ننڍي بگڙيل ٻولي ”ڍاٽڪي“ نالي سان تيار ڪئي آهي.

    جيئن ته سنڌي زبان يقيناً سنسڪرت زبان تان ٺهي آهي، تنهن ڪري ان جي رسم الخط به دراصل ديوناگري هئي. وري سنڌي ٻوليءَ جو واسطو سڌوسنئون پنجابي ٻوليءَ سان رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌي اکرن جو پنجابي اکرن سان واسطو هجڻ بلڪل لازمي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته پنجابي زبان جي آئيويٽا خود ديوناگري اکرن مان ٺهيل هئي ۽ انهن پنجابي اکرن جو نالو ”لنڊا اکر“ هو، يعني ته اهي کار لنڊا يا ٻٽا سڏبا ويندا هئا. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن انهن اکرن جون ماترائون به بگڙنديون رهيون ۽ سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن لنڊن اکرن وڃي موجوده هندو سنڌي اکرن جي صورت اختيار ڪئي.

    انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اصل ۾ ئي هندو سنڌي اکر استعمال ڪندا هئا. هندو ڀائيبنڊ ته پنهنجي بندي انهن ٻٽن اکرن ۾ ئي رکندا هئا، جنهن ڪري کين خود پنهنجي هٿ اکر لکيل لفظن پڙهڻ ۾ ئي مونجهارو ٿيندو هو، مثلاً گ ۽ ل اکرن يعني گگو ۽ للو ملائڻ ڪري اهو لفظ گِل، گُل، گِلي، گُلو، گَلو، گول، گولي ۽ گولو وغيره سڀني نمونن سان پڙهي سگهبو هو. گهه گونهه، لڏ لڏون، گڏ گڏون، ماسي موسو، کٽِ کوٽي، سڀ هڪجهڙو هوندو هو.

    هڪ مزي جهڙي ڳالهه ڪندا آهن ته سنڌ ۾ جڏهن مسلمان حاڪمن جو تسلط ٿيو، ۽ فارسي ۽ عربي زبانون رائج ٿيڻ لڳيون، تڏهن هڪ مسلمان ڪنهن هندو ڀائيبند کان خط لکايو، جو هن کيس هندو سنڌي اکرن ۾ لکي ڏنو. خط جي عبارت جيڪا خط لکائيندڙ مسلمان کانئس لکائي، سا هيءُ هئيِ:

    ”قاضي القضاة رفيع الدرجات، قاضي قطب الدين سلمه ربه.“

    خط پهچڻ تي قاضي صاحب جڏهن اها عبارت هڪ ٻئي هندوءَ کي گهرائي پڙهائي، تڏهن ان هندوءَ هن طرح پڙهي ٻڌائيِ:

    ”قاجي ڪ جات، رافجاڻي جات، قاجي ڪتو بي دين سل ۾ رنبو.“

    جيتوڻيڪ مٿيون جملو تهذيب کان ئي ڪريل آهي، تاهم ان لاءِ بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن سامعين ڪرام تي چٽيءَ طرح واضح ٿئي ته انهن هندو سنڌي اکرن کي ٻٽا اکر ڇو ٿي سڏيو ويو. اوهان صاحب هن مثال مان سمجهي سگهو ٿا ته جنهن رسم الخط جي اها حالت هئي، اها ڪنهن به حالت ۾ ادبي ٻوليءَ جي نوشت خواند لائق هرگز نه هئي.

    مسلمان فرمانروائن جي هٿ هيٺ سنڌ ملڪ تقريباً هڪ هزار ورهيه رهيو. انهيءَ دوران عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻولين جا ڪيترائي الفاظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿيندا ويا. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته سرڪاري دفتر فارسي زبان ۾ رکيو ويندو هو. خود هندو ڪامورا به پنهنجي خانگي خط و ڪتابت فارسيءَ ۾ ڪندا هئا.

    سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سرڪاري لکپڙهه لاءِ انگريزدانـن جي ضرورت پيش آئــــي، مگر جيستائين اسڪول کلن ۽ ماڻهو انگريزي پڙهن، تيستائين انگريز عملدارن خود سڄو دفتر فارسيءَ ۾ پئي رکيو ۽ في الحال ٻاهران قابل ترجمان گهرائي، انهن جي مدد سان پئي ڪم کي نباهيو.

    سال 1845ع ۾، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن هڪ انگريزي اسڪول وجود ۾ آندو، جو هلي نه سگهيو، 1846ع ۾ ڪئپٽن پريڊي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر هڪ اسڪول کوليو، جو 1853ع ۾ چرچ مشين سوسائٽيءَ جي حوالي ٿيو. ساڳئي اسڪول ۾ ڪئپٽن گولڊ سمڊ جنهن سسئي پنهونءَ جا بيت گڏ ڪري ڇپايا هئا، تنهن جي ڪوشش سان هڪ انگريزي اسڪول شڪارپور ۾ کوليو ويو. آخرڪار بمبئيءَ جي تعليمي بورڊ سنڌ ۾ تعليم جي سرشتي ٺاهڻ خاطر اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ساڳئي وقت اها تحريڪ پڻ هلائي وئي ته سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ لکپڙهه سنڌي زبان ۾ ڪئي وڃي.

    سر بارٽل فريئر، جو سنڌ جو پهريون چيف ڪمشنر مقرر ٿيو هو، ان صاحب 1851ع ۾ اهو اشتهار ڪڍيو ته سڀ يورپي ۽ ٻيا غير ملڪي آفيسر جي سنڌ ۾ ملازمت ڪن. اهي هن ملڪ جي ڏيهي ٻوليءَ جو امتحان ضرور پاس ڪن. ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ٽن ڳالهين جي ضرورت پيش آئي. (1) ته اسڪول کوليا وڃن (2) سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي (3) غير ملڪي ملازم سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهي ٽيئي ڳالهيون فقط تڏهن سر انجام ٿي سگهيون ٿي، جڏهن سنڌي زبان جي الف _ ب ٺاهي وڃي.

    ڪئپٽن برٽن جنهن سنڌ ۾ رهي، سنڌي ٻوليءَ جو چڱو محاورو ڪيو هو، ان رٿ ڏني ته سنڌي آئيويٽا عربي اکرن تان ٺاهي وڃي. ڪئپٽن اسٽئڪ نالي هڪ انگريز جو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ جنهن پڻ سنڌ ۾ رهي. سنڌي زبان جو چڱو اڀياس ڪيو هو ۽ هڪ سنڌي وياڪرڻ (گرامر) ۽ سنڌي ڊڪشنري (لغت) به سال 1847ع کان 1849ع تائين ٺاهي راس ڪئي هئائين، ان جو خيال هو ته سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ديوناگري ٿئي. سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته انهن مٿي ذڪر ڪيل ٻن صاحبن جي ضد سبب سر بارٽل فريئر تشويش ۾ پئجي ويو ته جيڪڏهن عربي رسم الخط اختيار ڪئي ويئي ته هندو ناراض ٿيندا جيڪڏهن ديوناگريءَ کي ترجيح ڏني ويئي ته مسلمان ڪاوڙبا. آخر 1853ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ اهو فيصلو ڪيو ته عربي- سنڌي الف _ ب اختيار ڪجي. اهڙيءَ طرح مسٽر ايلس ڪن سنڌي ماڻهن جي مدد سان عربي زبان جا 28 اکر وڌائي، هيٺين طرح 51 اکر ٺاهيا:

    عبراني ٻولي: ابجد _ هوز _ حطي _ ڪلمن جمله 22

    سعفص قرشت

    نج عربي: تخذ ضظغ جمله 6

    فارسي: پ، چ، گ جمله 3

    پراڪرتِ- ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، جهه، جمله 16

    ڇ، ڃ ، ڌ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، گهه، ڻ، ڱ

    نج سنڌي: ٻ، ڄ، ڏ، ڳ جمله 4

    جوڙ 51

    اها الف- ب سال 1853ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿي. پوءِ سگهو ئي عربي، فارسي، اردو، مرهٽي، هندي ۽ گجراتي ڪتابن تان ترجما ڪري سال 1854ع ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا جملي ڏهه ڪتاب تيار ڪيا ويا ۽ الف _ ب ٺهڻ کان پوءِ ڏهن سالن اندر 1854ع کان 1865ع تائين جملي 4 هاءِ اسڪول، 3 مڊل اسڪول ۽ 56 پرائمري اسڪول کلي چڪا.

    ڪئپٽن اسٽئڪ کان پوءِ ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب سنڌ ۾ پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو. هن صاحب هڪ دستخط شاهه جو رسالو هٿ ڪري، جرمنيءَ جي ليپزگ شهر مان سال 1866ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ سن 1872ع ۾ هڪ وڏو سنڌي وياڪرڻ (گرمار) پڻ ٺاهيو، جنهن مان هن جي سنڌي زبان ۾ مهارت جو پتو پئجي سگهي ٿو. هن کان پوءِ پي به پي سنڌي ادب ۾ نئين ٺاهيل الف _ ب موجب مختلف موضوعن تي تصنيفون، تاليفون ۽ ترجما ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي ادب ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سنڌي الف _ ب ٺهڻ بعد، سنڌي ادب جي نمايان ترقي ٿيڻ لڳي ۽ گورنمينٽ جي ڪوشش سان ٻين ٻولين مان سوين ڪتاب ترجمو ٿيڻ لڳا، جن جا مکيه بانيڪار ديوان ننديرام ۽ آخوند عبدالرحيم هئا. انفرادي ڪوششون به جام ٿيون، جن جي ذريعي ڪيترائي نظم ۽ نثر جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن شخصي ڪوششن جو مدارالمهام مرزا قليچ بيگ مرحوم هو. اهو ئي دؤر هو، جنهن ۾ ناٽڪ نويسي ۽ ناول نويسيءَ جي ابتدا ٿي. لغتون، صرف نحو، علم منطق، علم فطرت، علم صحت ۽ علم معاشرت، مطلب ته مختلف علوم و فنون تي ڪتاب تيار ٿيڻ لڳا. ازانسواءِ اخلاقي آکاڻيون ۽ مضامين پڻ شايع ٿيڻ لڳا. دينيات جي ڪتابن لکڻ ۾ مسلسل ڪوشش شروع ٿي. سنڌي نثر کي رنگين ۽ دلچسپ بنائڻ ۾ آخوند لطف الله مصنف گل خندان ۽ ميان هدايت الله مصنف انشاءِ سنڌي نهايت ڪامياب ٿيا. نظم ۾ پڻ سنڌي شعراءِ گوئي کڻي ويا ۽ ميدان سر ڪيو بيٺا هئا. ڪافيون، غزل، رباعيون، قصيدا، مرثيه، مسدس ۽ مثنويون سڀ ۾ سندن رتبو اعليٰ رهيو. مطلب ته اهڙي ڪابه ڳلي نه ڇڏيائون، جتي سندن نمايان اثر نه هجي.

    انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سڀ ڪنهن ٻوليءَ جو ادب پهريائين پهريائين مذهبي لٽريچر کان شروع ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح ”تاريخ سنڌي ادب“ جو مصنف رقمطراز آهي ته ”ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسان جي سنڌي زبان ۾ موجوده الف_ ب ٺهڻ کان اڳ قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، ابوالحسن، ساقي، خليفو گل محمد، مخدوم عبدالرؤف، ثابت علي شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو سنڌي لٽريچر جا ابا هئا.“ مگر جنهن موضوع سان منهنجو ڪم آهي، ان جو دؤر انگريزن جي اچڻ بعد سال 1843ع کان شروع ٿئي ٿو.

    پڙهندڙ حضرات کي هن طويل تمهيد جو مقصد هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته سنڌي الف _ ب جي ٺهڻ جو ذڪر صرف ان ڪري ڪيو ويو ته منهنجي مقالي ”سنڌي زبان ۾ ناول نويسيءَ“ جو سلسلو سمجهڻ ۾ اچي. هاڻي آءٌ براه راست پنهنجي موضوع تي اچان ٿو.

    مان جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان، ان لاءِ مون کي پورو احساس آهي ته مان پنهنجو مقالو نه ڪنهن اڻپڙهيل عوام جي سامهون، مگر پڙهيل پبلڪ جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان. مون کي پنهنجي ڪمزورين جو پڻ پورو علم آهي، تنهن ڪري ابتدا ۾ ئي پنهنجي ڪمين پيشين لاءِ معافي وٺان ٿو.

    ”ناول“ انگريزي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”عجيب شيءِ يا نئين شيءِ“ ناول جو ترجمو اسان سنڌي زبان ۾ قصو، افسانو يا ڪهاڻي ڪندا آهيون. درحقيقت ناول ادب جو اهو اهم ضروري ڀاڱو آهي، جنهن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نه سگهي. جهڙيءَ طرح شعر گوئيءَ ۾ فصاحت، بلاغت، شاعراڻي صنعتن، ۽ بلند خياليءَ کي دخل نه هوندو آهي ته اهو شعر بي نمڪ ٿي پوندو آهي ۽ صرف معمولي نظم جي درجي تي ئي هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ناول نويسي يا افسانه نگاريءَ ۾ به جيستائين شاعراڻو نثر ڪم نه آندو ويندو آهي، تيستائين اهو هرگز دلچسپ بڻجي نه سگهندو آهي. ناول ۾ ٻن مکيه ڳالهين جي نهايت گهڻي ضرورت آهيِ (1) آکاڻي (2) سيرت نگاري. آکاڻي هميشه اهڙي مزيدار ۽ زماني حال جي موافق هجي ۽ منجهس اهڙي ته ڪشش هئڻ گهرجي جو پڙهندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين اهڙو ته قيد ڪري وٺي جو جيستائين ناول کي ختم نه ڪن تيستائين کين آرام نه اچي. نه فقط ايترو پر جيڪي واقعات ناول ۾ قلمبند ٿيل هجن انهن کان ايترو ته متاثر ٿيڻ، جو آکاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ايندو ان لاءِ دل ۾ هر وقت هورا کورا رهندي اچين ۽ دليل ڊوڙائيندا رهن. ازانسواءِ آکاڻيءَ ۾ آيل اداڪارن جي سيرت نگاريءَ جا ٻه طريقا آهن: پهريون اداڪارن جي گفتگو مان ظاهر ڪرڻ (2) مصنف جي قلم مان. هڪ چڱي ناول ۾. ان جو مصنف، اداڪارن جي واتان سندن دلي جذبات ۽ هلت چلت تان پردو کڻي، کين اصلي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو. هن مان ڏسبو ته گفتگو جا ڊرامي جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي سا ناول جو پڻ هڪ ضروري جزو آهي.

    هڪ عمدي ۽ عظيم الشان قصي يا ناول جو مدار آهي مصنفن جي تنقيدي قابليت تي. اهڙو ڪتاب مصنف جي نقطئه نگاهه کان زندگيءَ تي هڪ صحيح راءِ زني آهي. هو ڪڏهن اداڪارن جي واتان نڪته چيني ڪرائي ٿو، ته ڪڏهن پاڻ تنقيد ڪري ٿو. هر هڪ اعليٰ پيماني جو ناول هميشه زندگيءَ مان ئي اُڀري نڪري ٿو. زندگيءَ تي ئي سندس مدار آهي ۽ جي حقيقتون زندگيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن کان هرگز بي نياز ٿي نٿو سگهي. درحقيقت افسانو هڪ انساني اعمال جو دفتر آهي. ڪنهن جي حياتيءَ جي سرگزشت بيان ڪندي، مصنف جي تيز بين نظر انساني زندگي جي مختلف پهلوئن تي پوي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي پخته آزمودي ۽ خيالي قوت سان ان جي مافي الضمير جو يا ته پنهنجي لفظن ۾ نقشو چٽي ٿو يا اداڪارن جي زبان مان ظاهر ڪري ٿو.

    ناول نويس لاءِ اهو بلڪل ضروري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي پنهنجي سامهون رکي ۽ اخلاق جو دامن هرگز هٿان نه ڇڏي. ناول ۾ مصنف کي نه صرف با معنيٰ، پر مراد ۽ دلچسپ آکاڻي قلمبند ڪرڻ کپي، پر ساڳئي وقت کيس اخلاقي اصلاح جو به خيال ڌارڻ گهرجي. هن مان ثابت آهي ته عمدي ناول لاءِ موضوع سست هوندو ته خيالات به ان ۾ پست هوندا. لهٰذا مضمون جي انتخاب ڪرڻ لاءِ به وڏي لياقت گهرجي.

    جهڙيءَ طرح ڪوبه شعر تيستائين رونق نٿو وٺي جيستائين ان ۾ مبالغي ۽ مغالطي ٻنهي کي جاءِ نٿي ڏني وڃي، تهڙيءَ طرح ناول ۾ به ائين ٻيئي ڳالهيون ضروري آهن. نظامي عروضي سمرقندي پنهنجي تصنيف ”چار مقالا“ ۾ شاعر جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته ”شعر ان کي چئجي جنهن سان شاعر جيڪڏهن چاهي ته زشت کي زيبا بنائي سگهي ٿو ۽ چاهي ته نيڪ کي بد ڪري ڏيکاري، مگر شرط اهو آهي ته غلط بياني به اها هجي جنهن مان حقيقت افشان ٿئي. مثلاً:

    محمد کو خدا جانئي، خدا کو مصطفيٰ جانئي،

    خدا سي ملنا چاهئي تو، محمد ڪو خدا جانئي.

    هنن ٻن سٽن مان اها مراد هرگز نه آهي ته توبه نعوذ بالله، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کي خدا ڪري سمجهيو وڃي، مگر مفهوم اهو آهي ته رسول پاڪ جي تعليم عين خدائي احڪام آهن، تنهن ڪري ان جي حڪمن جي فرمانبرداري الله جي حڪمن جي پيروي آهي. هڪ ٻئي شاعر جو شعر آهي ته:

    الله ڪي پلي مين وحدت ڪي سوا ڪيا هي،

    جو ڪچهه مجهي لينا هي، لي لونگا محمد سي.

    ان مان اها مراد هرگز ڪين آهي ته استغفرالله، الله تعاليٰ کٽل آهي ۽ ڏاتار صرف رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن آهن، مگر مطلب بلڪل واضح آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جي توحيد جي انتهائي صفت ڪيل آهي ته رب العزت جي ذات والاصفات فقط هڪ ئي هڪ آهي ۽ جيڪڏهن کيس ملڻ جو ڪو بهترين ذريعو آهي ته سندس پاڪ پيغمبر عليه الصلوات والسلام جن ئي آهن.

    ساڳيءَ طرح ناول جي دنيا ۾ به ناموري حاصل ڪرڻ لاءِ، ناول نويس کي طرز تحرير اهڙي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڪ جذبات کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪري جو مضمون بلڪل رسيلو ۽ پر نمڪ ٿئي ۽ پڙهندڙ جيئن جيئن ان جو مطالعو ڪندو وڃي تيئن تيئن منجهس پڙهڻ لاءِ وڌيڪ خواهش پيدا ٿيندي وڃي. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ناول جي مضمون ۾ ضرور شاعرانه نثر هئڻ گهرجي. لهاذا ضروري آهي ته ان ۾ شعر وانگر فصاحت بلاغت به هجي ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. مبالغي کان سواءِ ناول رونق ڪين وٺندو، مگر اهو مبالغو اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن ڪري انساني زندگيءَ جا مختلف پهلو عيان ٿي وڃن ۽ اسان کي دنيا اندر جدا جدا حيثيتن ۾ ۽ جدا جدا حادثن ڪري جن خوشگوارين يا دشوارين جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جي جي ڳالهيون هن دنيوي زندگيءَ ۾ ممڪنات جي حد اندر آهن، اهي بي نقاب ٿي پون. هر هڪ قوم يا فرد کي جهڙي جهڙي رنگ ۾ هيءُ سماج يا سوسائٽي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ان مان جيڪو آزمودو پرايو اٿس سو ڪن سچين يا من گهڙت ڪردارن يا اداڪارن جي زبان مان افسانوي طور منظر عام تي آڻي ڏيکارجي، ان لاءِ ته عوام الناس انهن عجيب و غريب تجربن مان سبق حاصل ڪري، پنهنجي زندگي لاءِ پروگرام مرتب ڪري ۽ اڳين جي آزمودن کي سامهون رکي هن ڌرتيءَ کي جتي جتي کيس کڏون کُٻا يا لاهيون چاڙهيون نظر اچن، انهن تي آسانيءَ ۽ سلامتيءَ سان عبور حاصل ڪري سگهي. شعر وانگر ناول پڻ انساني جذبات جو آئينو آهي. هنن فرضي قصن مان انساني زندگيءَ جي عين حقيقت ظاهر ٿئي ٿي. شرط فقط اهو آهي ته جهڙيءَ طرح گندي شعر لکڻ ڪري ادب کي گندو ڪيو وڃي ٿو، ساڳيءَ طرح گنديءَ ناول نويسيءَ مان به ادب کي گهڻو ڌوڪو رسي ٿو. اڪثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شعر جو اثر سڌو سنئون انساني جذبات تي آهي، مگر ان کان مزيد تر ناول جو اثر انسان جي عقل سليم تي پڻ آهي. جيڪڏهن گندا ۽ بداخلاقيءَ جي مواد سان ڀرپور ناول پڙهيا ويندا ته ضرور قوم جي اخلاق تي برو اثر پوندو، تنهن ڪري ناول نويس حضرات کي هميشه هن امر جي نگهداشت ڪرڻ گهرجي ته سندن قلم مان ڪي به اهڙا ڪلما نه لکيا وڃن، جنهنڪري ناول جهڙي اعليٰ فن کي ٽڪو لڳي.

    هاڻي مان اوهان صاحبن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته جهڙيءَ طرح ادب جي هرهڪ ڀاڱي مثلاً، شعر، ڊرامي، تاريخ، معاشيات وغيره، سڀ کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، تهڙيءَ طرح ناول کي به منهنجي نظر ۾ گهڻائي پهلو آهن ۽ اهي هي آهن:

    1)لوڪ ڪهاڻيون(Folk Lore)

    2)جاسوسي ناول

    3)افسانوي ناول

    4)قومي ناول

    5)سماجڪ ناول

    6)اصلاحي ناول

    7)تاريخي ناول

    8)مختصر آکاڻيون(Short Stories)وغيره.

    اسان مٿي ڄاڻايو آهي ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ مذهبي ادب جو دؤر هو ۽ چونڪ سنڌي الف _ ب اڃا ٺهي ڪانه هئي، تنهن ڪري سنڌي زبان فارسي خط ۾ لکي ويندي هئي. سنڌ جا قديم اديب جن جا اسماء گرامي مٿي ڏان ويا آهن، اهي جو ڪجهه به لکندا هئا سو يا ته فارسي زبان ۾ هوندو هو يا صرف سنڌي شعر ۾ لکيو ويندو هو، ڇاڪاڻ جو ان وقت جا مسلم حڪمران شعر جو گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ شاعرن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏيندا هئا. انگريزن جي اچڻ بعد ٺٽي جي شهر جا ڪيترا سيد خاندان ۽ ٻيا مصنف هئا، جن جا حڪومت جي طرفان ادبي لوازما بند ٿي ويا، تنهن ڪري شعر گوئيءَ جو دؤر گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ نثر نويسي وقوع پذير ٿي. اسان جي ڌيان ۾ سال 1843ع تائين سنڌي ادب ۾ ڪوبه ناول لکيو ڪونه ويو. جيڪڏهن ڪو لکيو به ويو ته ان جو نام و نشان به ڪونه آهي.

    انگريزن سنڌ ۾ 1843ع ۾ پير پاتو ۽ ڏهه سال کين الف _ ب ٺاهڻ ۾ لڳا. يعني 1853ع کان انگريزن ”باب نامي“ جي نالي سان هڪ ٻاراڻو ڪتاب شايع ڪرائي نئين سنڌي ادب جو بنياد وڌو. سال 1854ع ۾ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مسٽر قاضي غلام حسين کان ڪرايو ويو. جلد ئي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ نالي هڪ ننڍو قصو شايع ڪرايو ويو. درحقيقت سنڌي ناول نويسيءَ جو سنگ بنياد انهيءَ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ کي ئي سمجهڻ گهرجي. ان کان پوءِ ترت ٻيا ٻه ڪتاب هڪ ”سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو“ يعني سپوت ۽ ڪپوت لکيا ويا. اهي ٻيئي ڪتاب هنديءَ ٻوليءَ تان ورتل آهن، جي سيد ميران محمد شاهه مرحوم، هز ايڪسلنسي ٻئي ميران محمد شاهه جي ڏاڏي محترم کان لکايا ويا هئا. هنن ڪتابن جي ترجمي لاءِ مصنفن کي سرڪار جي طرفان ڪافي معاوضو ملندو هو. اهي قصا جيتوڻيڪ هن وقت پڙهندڙ کي ڪوبه لطف ڪونه بخشيندا تاهم سنڌي قصن جو بنياد اهي ئي آهن.

    سال 1861ع ۾ ديوان اُڌارام سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو شايع ڪرايو. ازانسواءِ هڪ انگريزي ناول جو ترجمو بنام ”بلو کوکر“ پڻ اشاعت هيٺ آيو. درحقيقت سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو ۽ بلو کوکر ڪتابن لکائڻ مان حڪومت جو خاص سياسي مقصد اهو هو ته سنڌ جي زميندارن کي ڪنهن نموني سان پنهنجو مطيع ڪجي ۽ کين ذهن نشين ڪجي ته حڪومت سان وفاداريءَ ۾ ئي سندن ڀلو آهي. سڌا تورو کي هڪ سرڪار سان وفادار زميندار ڪري ڏيکاريو ويو هو ۽ ڪڌا تورو کي احمق ڪري پيش ڪيو ويو هو. هي ڪتاب گويا هڪ تبليغ جو نمونو هو جنهن مان انگريزن، سنڌي زميندارن کي پنهنجي اطاعت جو سبق سيکارڻ ٿي گهريو.

    سال 1868ع ۾ ديوان اُڌارام ۽ نولراءِ مشهور انگريزي ڪتاب ”راسيلاس“ جو ترجمو پيش ڪيو جو بلڪل بجا طور تي ناول آهي ۽ اڄ به مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ اهڙو ئي لطف اندوز ٿيندو جهڙو ان وقت ٿيندو هو. هن وقت تائين جيڪي چند ناول شايع ٿيا سي سڀ ترجما هئا ۽ ڪوبه اصل طبع زاد ناول اڃا لکيل ڪونه هو. اهو حجاب جو پردو پڻ مرزا قليچ بيگ مرحوم چاڪ ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾: پهريون طبع زاد ناول ”دلارام“ لکي پيش ڪيائين. جيتوڻيڪ موجوده ترقيءَ جي دؤر وارن ناولن جي مقابلي ۾ ”دلارام“ اهڙو دلچسپ نه آهي تاهم ابتدائي ڪوشش جي لحاظ کان نهايت واکاڻ جوڳو آهي. مرزا صاحب مرحوم جو ٻيو ناول ”زينت“، جو 1890ع ۾ لکيو ويو. ان کي اگرچ عام طرح طبع زاد سمجهيو ويندو آهي، مگر حقيقت ۾ اهو هڪ اردو ڪتاب ”صحت النساءِ“ تان ورتل آهي جو ڪتاب پڻ مرزا صاحب مرحوم پندرهن ورهيه پوءِ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري منظر عام تي آندو. ان ۾ شڪ ناهي ته ”صحت النساءِ“ ناول هڪ بهترين ناول هو، مگر خبر ناهي ته ڇو اهو ايتري قدر مقبول نه ٿيو جو سندس پهريون ڇاپو به اڃا تائين سڙيل ردي ڪاغذن جي صورت ۾ اچي پيو. جيتوڻيڪ ”زينت“ جو ڪافي حصو ترجمو ٿيل آهي، تاهم اهو ترجمو ايتري قدر ته آزاد ترجمو آهي جو بلڪل اصليت جو لطف ڏئي ٿو، سندس پويون حصو پڻ ڪافي دلچسپ آهي.

    انهيءَ زماني ۾ آخوند لطف الله جو ڪتاب ”گل خندان“ به شايع ٿيو جو اگرچ جنن ۽ پرين جي داستانن سبب قصو سڏي سگهجي ٿو ۽ نه جديد ناول، مگر هن ڪتاب جي عبارت اهڙي ته دلچسپ آهي جو غالباً هيءُ ڪتاب به شاهه جي رسالي وانگر سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. دراصل اهو ڪتاب اردو قصي ”افسانهء عجائب“ تان ورتل آهي، مگر ٻنهي ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق معلوم ٿئي ٿو. خود ”افسانهء عجائب“ به ”گل خندان“ اڳيان هيچ معلوم ٿئي ٿو.

    سن 1885ع کان مسٽر هريسنگهه سکر واري 1889ع کان مسٽر پوڪر داس شڪارپور واري ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو چالو رکيو، تنهن ڪري ڪافي انداز ۾ اردو قصن جا ترجما ڪيا ويا. ازانسواءِ عوامي آکاڻين تان پڻ قصا ٺاهي اشاعت هيٺ آندا ويا، جهڙوڪ ”ٽوپي پڳ“، ”ڪوئو ٻلي“، ”سس ننهن“ ۽ ”کچڻي ماني“ وغيره. نه فقط ايترو مگر لوڪ ڪهاڻيون مثلاً سسئي پنهون، ليلا مجنون، عمر مارئي، دودو چنيسر، سهڻي ميهار ۽ مومل مينڌرو پڻ. ڪي نظم ۾ ڪي نثر ۾ شايع ڪيون ويون. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن انگريزي ناول جا ڪتاب بڪثرت ترجمي هيٺ آندا پئي ويا. مگر انهن ترجمن ۾ گهڻا ترجما مرزا قليچ بيگ مرحوم ڪيا، جن مان ”راميل“ ”گلن جي ٽوڪري“ وڌيڪ آڳاٽا آهن. هن زماني ۾ آنجهاني مسٽر هريسنگهه ۽ مرزا صاحب مرحوم جيڪي ڪافي انداز ۾ ڪتاب ترجمو ڪرائي شايع ڪيا، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي رفتي رفتي ناياب ٿيندا پيا وڃن. انهن ٻنهي صاحبن کان پوءِ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي طرف پڻ ڪتابن ڇپجڻ جو آغاز ٿيو ۽ ڪافي تعداد ۾ انگريزي هندي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما ظاهر ٿيڻ لڳا، جن ۾ اڪثريت ناولن جي هئي. مشهور ناول ”چندر ڪانتا“ سندس پنکڙين سميت اٽڪل 45 حصن ۾ شايع ٿيو، مگر تاهم پورو ٿي نه سگهيو. ساڳئي پبلشر انگريزي ناول ”اسٽار آف منگريليا“ جو ترجمو بنام ”ستاري منسگريليا“ به شايع ڪيو.

    حيدرآباد ۾ مسٽر خوشيرام رينالڊ جي وڏن انگريزي ناولن ”جوزف ولمٽ“، ”ميري پرائيس“ ۽ ”لورز آف دي حرم“ وغيره جا ترجما ڪيا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سال 1915ع کان وٺـي جاسوسي ناولن جو سيلاب شروع ٿي ويو ۽ اهي سنڌ ۾ بلڪل گهڻي قدر مقبول ٿيا. ”بدبخت هيرو“، ”موت جو پيغام“ ۽ ٻيا ازين قسم جا ڪيترائي ناول ٿيا، يڪي بعدديگري ميدان ادب ۾ ڌڙا ڌڙ اچڻ لڳا. ”چار درويش“ نالي اصل فارسي ڪتاب، جو امير خسرو جو لکيل هو، جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي بيمار مرشد جي وندر لاءِ لکيو هو، جو کيس روزانو پڙهي ٻڌايو ويندو هو ۽ بفضل خداوند تعاليٰ قصو به اختتام کي پهتو ته سندس مرشد به بلڪل عافيت حاصل ڪئي. اهوئي سبب آهي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته ”چار درويش“ قصو جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي پڙهي ٻڌايو ويندو ته کيس شفا ٿيندي. بهرحال، اهو قصو اردوءَ وارن ترجمو ڪيو، جنهن تان وري ماستر واحد بخش شڪارپوريءَ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ”گل بڪاولي“ قصو جو پڻ اصل فارسيءَ تان اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، ان جو پڻ ماستر احمد خان تڳيو خان جلباڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ”امير حمزه“ دراصل عربي زبان جو قصو آهي، مگر اهو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو هو ۽ ان تان سنڌي زبان ۾ آندو ويو. امير حمزه جو ٽيون ۽ چوٿون جلد ماستر قاضي عبدالغفور هالائي ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح ”الف ليليٰ“ ۽ ”حاتم طائي“ پڻ عربي قصا هئا، جي اول اردوءَ ۾ ۽ بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. ”گل صنوبر“ ۽ ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ پڻ فارسي مان اردوءَ ۾ ۽ ان تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. هن وقت تائين پراڻي قسم جي ناولن جو دؤر هلندو آيو، جن جي لکڻ جو ڪو خاص مقصد ڪونه هوندو هو. هنن ناولن مان مدعا صرف ڪجهه اخلاقن سڌارڻ جي هئي ۽ گهڻي قدر محض وندر هوندي هئي ۽ بس.



    ناول جو نئون دؤر

    سال 1923ع ڌاري هندستان جي آزاديءَ جي لهر موجون هڻڻ لڳي ۽ ناول ۾ سياسي تاريخ ڀرجڻ شروع ٿي. اول اول ڪانگريسين ۽ انقلابين جا سياسي ناول شايع ٿيا ۽ پوءِ هريسنگهه سندس راجپوتن جي ڪارنامن جا تاريخي ناول لکائڻ شروع ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو حيدرآباد سنڌ خواه ڪراچيءَ مان پڻ ساڳيو سلسلو شروع ٿيو. ڪراچيءَ جي نامور رسالن ”سندر ساهتيه“، ”رتن“ ۽ ”آشا ساهت منڊل“ وغيره جي ذريعي ڪافي ناول وجود ۾ آيا. مثلاً: ”رتن“ جا هيٺيان چند ناول قابل ذڪر آهن.

    1)آزاديءَ جا اپاسڪ (قومي ناول)

    2)پريت جا گيت (ٽئگور جو ترجمو)

    3)بال چندرما (ٽئگور جو ترجمو)

    4)نرويما ديوي (سماجڪ ناول)

    5)امرت جهڙا مٺا ٻول (ليکڪ ديوداس)

    6)چندر شيڪو (تاريخي ناول)

    7)انڌيءَ جي ڪهاڻي (افسانو)

    اهڙيءَ طرح ”سندر ساهتيه“ جي چند مشهور ناولن جا نالا ڏجن ٿا.

    1)آخرين سفر (ترجمو سرهال ڪين)

    سال 1940ع جڳت آڏواڻي

    2)تارا سندري سال 1936ع ميلارام واسواڻي

    3)پرستان جو شهزادو ميلارام واسواڻي

    4)چنبيليءَ جي سڳنڌ ميلارام واسواڻي

    5)منورما ميلارام واسواڻي

    6)هارجيت ميلارام واسواڻي

    ساڳيءَ طرح ”آشا ساهت منڊل“ ڪراچيءَ جا قابلِ ذڪر ناول هي آهن:

    1)سدا سهاڳڻ ديو سنڀاڻي

    2)ناري سنسار مخزن زالن لاءِ

    3)گورا گلي ڪرپالاڻي

    4)ڪومل ڪمل آسانند مامتورا

    5)جيون ڪلا چوهڙ هندوجا

    وغيره.

    انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انفرادي ڪوششن جي نتيجي تي چڱا چڱا ناول شايع ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪراچيءَ مان مٿين ادبي ادارن جي ذريعي اهي ناول شايع ڪيا ويا، تهڙيءَ طرح وري حيدرآباد سنڌ مان به ”ڪهاڻي“، ”ڀارت جيون“ ۽ ٻين رسالن دوران ڪافي تاريخي ۽ سماجي ناول نڪري ظاهر ٿيا.

    هن ادبي ڪشمڪش جو اثر سنڌ جي مسلمانن تي پڻ ڪافي طرح پيو ۽ اردو تاريخي ناولن جا ترجما متواتر ٿيندا رهيا، جهڙوڪ:”حوردمشق“، ”خنجرهلال“ ۽ ”منصور موهنا“ جا ناول ڇپجي شايع ٿيا. مگر تاريخي ناولن ۾ اسان جي خيال ۾ پهرين طبع زاد ناول جو لکيو ويو، اهو مرحوم حڪيم عبدالخالق مورائيءَ جو لکيل ناول ”سندري“، جو نهايت دلچسپ ۽ ادبي شاهڪار آهي.

    خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي نيڪ ڪوششن سان جيڪا مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد ۾ قائم ٿي، ان جي سرپرستيءَ هيٺ پڻ ڪي عمدا ناول شايع ٿيا، جهڙوڪ:

    1)جڙتو شهزادو (محمد صديق ميمڻ)

    2)زندگيءَ جو پهريون دؤر سال 1931ع

    3)زندگيءَ جو ٻيو دؤر سال 1932ع

    4)نبين جا قصا حاجي فيض محمد ڀريائي

    5)در يتيم قريشي فتح محمد کهڙائي

    وغيره.

    سن 1939ع کان وٺي مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ ته باقاعدي هڪ تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو جو اڳتي هلي ”رساله عبرت“ جي سلسلي ۾ تبديل ٿيو. مسٽر ڏيپلائيءَ جون متفرق آکاڻيون ۽ مضمون اڳي ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ متواتر ايندا رهندا هئا. سال 1939ع تائين سنڌي زبان جا تاريخي ناول نويس يا ته ڪبرسني کان هن ميدان ۾ رٽائر ٿي چڪا هئا، يا منجهائن ڪي فوت ٿي ويا هئا. ان ڪري ناول نويسيءَ جي ميدان ۾ وري هڪ وڏو خال پئجي ويو. ان خال کي ڀرڻ جي شديد ضرورت مسٽر ڏيپلائي پوري ڪري ڏيکاري. هن صاحب اول اردو تان ترجما ۽ تلخيص ڪري ننڍا تاريخي ناول ڇپيا ۽ بعد ۾ اوريجنل يعني طبع زاد ناول پڻ لکڻ لڳو. تخميناً سندس هڪ سؤ کن تاريخي ناول ڇپجي چڪا آهن، جن مان ”ڏاهري رنگ محل“ ۽ ”گلستان حسن“ ضبط ٿيل آهن ۽ ”نور توحيد“، ”شيرِ ايران“، ”مصطفيٰ ڪمال“، ”مجاهد ڪشمير“، ”سمرقند جو صوف“، ”حور بغداد“، ”ٽيپو شهيد“ ۽ ”عيد جو چنڊ“ خاص طور قابل ذڪر آهن.

    ساڳئي زماني ۾ شڪارپور طرف ”برڪت علي آزاد“ ۽ ”شيخ اياز“ ۽ ڪراچي مان ”باغي ساهتيه“ وارن به چڱا ترقي پسند ناول شايع ڪيا. هن ڏس ۾ ”آزاد سلسلي حيدرآباد“ ۾ پڻ چار_ پنج ناول شايع ٿيا، مگر پوءِ اهو وڌيڪ عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. سندس ڪتاب ”شيش محل“، ”شامت اعمال“، ”سئنڊل جو سٽڪو“، ”مظلوم شهزاديون“، ”انجام الفت“ يادگار آهن.

    هندو مصنفن طرفان پڻ هن دؤر ۾ ناولن لکڻ جو سلسلو بند ڪونه ٿيو، مسٽر ڀمڀاڻيءَ ڪن انگريزي ناولن تان چند نهايت اعليٰ درجي جا ناول ترجمو ڪيا، مثلاً:

    1)پاپ ۽ پاڪيزگي (انگريزي ناول ٽيس جو ترجمو)

    2)مالهڻ طبع زاد

    3)وڌوا

    ان کان سواءِ پروفيسر اين. آر. ملڪاڻي ۽ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پڻ چند ناول ترجمو ڪيا، جي سندن خدمتون وسرڻ جون نه آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو تاريخي ناول نورجهان سندس هڪ عمدو شاهڪار آهي.

    سنڌي قصن ۾ وڏين آکاڻين جو بنياد دراصل ”سندر ساهتيه“ ۽ ”رتن“ وڌو ۽ بعد ۾ ”ڪهاڻي“، ”ڀارت جيون“ ۽ ”آشا“ به انهن کي گهڻو وڌايو. سکر جي رسالي ”سنسار چڪر“ ۽ ڪراچي جي ”سنسار سماچار“ جي ادبي پرچن، خواه ”سنڌو رسالي“ به ان طرف توجهه ڏنو، مگر انهن سڀني ۾ گهڻو حصو ترجمن جو هو.

    ننڍين ڪهاڻين جو پهريون طبع زاد ڪتاب ”پنج“ نالي سان سنڌ جي قابل اديب مسٽر عثمان علي انصاريءَ ميرپورخاص مان شايع ڪيو، جنهن جون پنج ئي آکاڻيون اسان جي قلب تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿيون. رسالو عبرت به هن ڏس ۾ سندر ساهتيه ۽ رتن کان پٺتي ڪونه پيو، ۽ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون اٽڪل اسي کن آکاڻيون شايع ڪيائين، جن مان ”هار“، ”اقبال جي ڀيڻ“ ۽ ”پنج گڏيون“ ڪافي مشهور آهن. انهيءَ ضمن ۾ اهو ذڪرڪرڻ پڻ ضروري ٿيندو ته اهڙي هڪ ننڍي ڪهاڻي مسٽر محمد خان غنيءَ پڻ ”محروم تمنا“ جي نالي سان ترجمو ڪري 1946ع ۾ ڇپائي هئي. رسالي ”آگي قدم“ ۽ ”باغيءَ“ ۾ به چڱيون چڱيون ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون ۽ هينئر وري ”ادبي اداره سنڌ“ هن راهه ۾ قدم رکيو آهي.

    پراڻي زماني جا قصا، تخليقي ڳالهين سان ڀرپور آهن ۽ اگرچه گهٽ پڙهيل عوام ۽ جُهلا انهن کي ڪافي همٿائين ٿا، پر ضروري آهي ته اهڙيءَ چيز کان ڪناره ڪشي ڪري سنڌي زبان ۾ نئين طرز جا اهڙا ناول شايع ڪيا وڃن جي قوم کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، جيئن ته اهڙن ناولن جو هي نئون دؤر آهي، تنهن ڪري فڪر ڪونهي، جيڪڏهن انهن ۾ ترجمن جو گهڻو انداز هجي. هر ڪنهن ملڪ ۽ ان جي ادب جو نئون دؤر هميشه ترجمن سان ئي شروع ٿيندو آهي. اهي ترجما پڙهي پڙهي نوجوان اصل ناول شايع ڪندا آهن، ان ڪري سنڌ جي ادب جي بهي خواهن تي لازم آهي ته هو انگريزي خواه اردو زبانن تان عمدا عمدا ناول ترجما يا تلخيص ڪري سنڌي ادب کي مزين ڪن ۽ منجهن معقول اضافو ڪن. وڏيون ڪهاڻيون به ان سلسلي ۾ ضروري چيز آهن، پر ڪهاڻيون جيئن ته سنڌيءَ ۾ اڳيئي چڱي انداز ۾ ترجمو ٿيل آهن، ان ڪري اهي ترجمن بدران اصلي يعني اوريجنل هجن ته زياده چڱو ٿيندو. اسان جي نوجوان طبقي کي اڪثر عشقيه ناولن سان شغف آهي، مگر جيئن علامه اقبال فرمايو آهي ته:

    آ تجهڪو بتادون مين تقدير امم ڪيا هي؟

    شمشير و سنان اول اور چنگ و رباب آخر!

    تيئن عشقيه اشعار ۽ ناول ئي آهن، جي قومن جي زوال کي آڻيندا آهن. قومن جو عروج بهادري ۽ انقلاب سندن ادب مان ئي پيدا ٿيندو آهي. اسان جا اديب حضرات جيڪڏهن قوم کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجا ناول خواهه آکاڻيون مجاهداڻي رنگ ۾ لکڻ تي زور ڏين. ازانسواءِ هينئر جن ناولن يا افسانن جي وڌيڪ ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. اهي اهڙا هئڻ گهرجن، جن جو واسطو سموري انسانيت جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ سان هجي، ڇو ته قوم اهائي اقبال ۽ ترقيءَ سان همڪنار ٿيندي جا پاڻ سان گڏ سموري انسانيت جي خيرخواهي چاهيندي هوندي.



    ناول جو موجوده دؤر

    اسان جي سنڌي ادب ۾ نثر جو ذخيرو اڳيئي ٿورو آهي، ويتر عمدا ڪتاب ته بلڪل ڪمياب آهن. قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪمي ڪانهي، مگر اهي اڪثر بيسود آهن، نه منجهن ڪا خيالن جي گهرائي آهي ۽ نه اعليٰ ويچار آهن، تنهن ڪري انهن جي پڙهڻ مان ڪوبه مزو ڪونه ٿو اچي. هاڻي البت حالتون اميد افزا نظر اچي رهيون آهن ۽ اڪثر عوام گاهي بگاهي سنڌي ڪتاب پڙهندو نظر اچي ٿو. تڏهن به اهي فقط اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. شڪر آهي جو هن ڏس ۾ ڪن علم دوست حضرات درد دل ڌاري پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ کين پگهر جو پورهيو به نٿو پڙ پوي، تاهم محض هن خيال کان ته سنڌي ادب اوج تي رسي، هنن گهڻو سعيو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

    پاڪستان جدا ٿيڻ بعد سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جا ناپاڪ حملا شروع ٿيا آهن، جن جي جواب ۾ سنڌي نوجوان ڀڙڪي اٿيا آهن ۽ ”فردوس پبليڪيشن هالا“، ”ادبي اداره حيدرآباد“، ”پرهه ڦٽي حيدرآباد“ جهڙا ادارا قائم ٿيا آهن، جن مان ڪي ناول ڇپائي چڪا آهن، ڪي ڇپائي رهيا آهن ۽ ڪي هن بعد ڇپائيندا. بزم فردوس هالا جو هڪ عمدو ناول ۽ ”ڪاروان زندگي“ محترم انجم هالائيءَ جو لکيل قابل ذڪر آهي.

    ان کان سواءِ ڪي جاسوسي ناول ۽ ڪي افسانا پڻ انفرادي طرح ڇپجي چڪا آهن. مثلاً بزم بسمل ٽنڊو محمد خان جي طرفان ”شرابي“ ۽ ”گناهه جون راتيون“ شايع ٿيل آهن.

    ادبي اداره جي طرفان:

    1)پڪو بدمعاش (جاسوسي) محمد بخش جوهر

    2)زبردستي (سماجي) محمد بخش جوهر

    3)باغي (سماجي) محمد بخش جوهر

    4)ڪاليجي ڪڪي (سماجي) محمد بخش جوهر

    5)شيطان جي ناني (سماجي) محمد بخش جوهر

    6)سکن جي لڙائي (تاريخي) محمد بخش جوهر

    7)شريف ڊاڪو (جاسوسي) محمد بخش جوهر

    8)تباهي حسيني محمد حافظ

    وغيره ڇپجي چڪا آهن.

    هن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناول شايع ٿيا آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    1)طوطو مينا ماستر محمد يوسف ابڙو

    2)شير ميسور ماستر گل محمد شاهه رضوي

    3)زميندار سيد حيدر شاهه

    4)راهه نجات (زندگيءَ جو ترجمو)مسٽر الهه بخش ٽالپر

    5)پرديسيءَ جو پيار طبع زاد مسٽر الهه بخش ٽالپر

    اهي سڀيئي ناول اڪثر سال 1952ع جي پيدائش آهن:

    افسانوي ادب(Fiction)روز بروز نت نوان روپ اختيار ڪندو رهي ٿو. هينئر مختصر افساني ۽ ٻين ڪن صنفن جي ادبي دنيا ۾ گهڻي شهرت آهي. عوام لاءِ اهي گهڻي قدر پسنديده ۽ مرغوب چيزون آهن. ناول جي مقبوليت ۽ اهميت جيتري اوائلي دؤر ۾ هئي، هن دؤر ۾ ان کان به وڌيڪ آهي. مغربي دنيا ۾ بدستور ناول جي فن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نيون نيون تبديليون ۽ اضافا رونما ٿيندا رهيا آهن. ان مان نه رڳو اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ صنف ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهي آهي، پر اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ صنف مستقبل ۾ زنده جاويد رهندي. رومزره جي مشاهدي مان اها ڳالهه بخوبيءَ معلوم ٿيندي ته ناول جي ضرورت موجوده دؤر ۾ وڌندڙ آهي. يورپ ۾ ته فلمون به ناولن تان ٺاهيون وينديون آهن.

    ناول جي فن سنڌي زبان ۾ ڪا خاص ترقي ڪانه ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ ناول گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيا، ليڪن صرف ٿورا اهڙا اصلوڪا ناول آهن جيڪي صحيح معنيٰ ۾ ناول چوائڻ جا مستحق آهن، البت ڪي سٺا ڪي ترجما ٿيل ناول چڱي تعداد ۾ اسان جي ادبي خزاني ۾ شامل آهن. قيام پاڪستان بعد ناولن جي اشاعت تمام سست رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هن صنف جي ادب ۾ تجديد ۽ لکندڙن کي ترغيب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ ترجمن ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي.

    1952ع بعد جيڪي ناول سنڌي زبان ۾ شايع ٿيا آهن، تن مان چند هي آهن:

    1)حسنه رسول بخش خمار

    2)سورج شاخون ڪڍيون محمد علي ڀٽي

    3)درياء جي ڪپ تي گل حسن گل

    4)انصاف ڪٿي آ؟ محمد دائود بلوچ

    5)نوران قاضي عبدالڪريم

    6)نازبوءِ فضل احمد بچاڻي

    مٿيان چند طبع زاد ناول ۽ انهن کان سواءِ ڪي ٻيا ناول اداره آواز ادب حيدرآباد جا شايع ڪرايل آهن.

    آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد به چڱي انداز ۾ جاسوسي، تاريخي ۽ رومانوي ناول شايع ڪرايا آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    1)ابيلا لطف الله بدوي

    2)لاش خواجه غلام علي الانا

    ڊاڪٽر منظور احمد عرساڻيءَ به هن صنف ۾ پاڻ کي چڱو موکيو آهي. سندس هڪ طبع زاد ناول ”ڪلب ۽ گهر“ ۽ ٻيو ”مجاهد“ جو نسيم حجازيءَ جي اردو ناول تان ترجمو ٿيل آهي، ڇپجي چڪا آهن.

    هن دؤر ۾ انگريزي ناولن مان به ڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن، مثلاً:

    1)عاشي

    2)روح جي ڳولا

    پهريون سر رائيڊ هيگرڊ جي انگريزي ناول ”She“ جو ترجمو آهي ۽ ٻيو ”Shadows in the wall“ جو ترجمو آهي. اهي ٻيئي ناول فضل احمد بچاڻيءَ ترجمو ڪيا آهن ۽ دارالترجمه ٽنڊوالهيار ڇپايا آهن.

    انهن کان سواءِ ٻيا به ڪي ناول شايع ٿيا آهن، جي اداره ادب نو ۽ ادبيات وارن ڇپايا آهن.

    سنڌ جي مشهور اهل قلم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪاوشن سبب سنڌي ناول ۾ حقيقي طور اضافو آيو آهي. تاريخي ناول جي فن ۾ کيس خاص ملڪو حاصل آهي، ان سلسلي ۾ سندس خدمات جو گذشته دؤر ۾ تذڪرو ڪيل آهي. هن مختصر عرصي ۾ به سندس ڪافي ناول شايع ٿيا آهن، جن کي ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، انهن مان چند هي آهن:

    1)جپاني گڏي

    2)امڙ

    3)غازي انور پاشا

    4)آزاديءَ جي جنگ

    5)دکن جا مجاهد

    6)سانگهڙ

    مٿين سڀني ناولن مان سانگهڙ کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. رائيٽرس گلڊ طرفان مصنف کي هن تخليق لاءِ انعام به ملي چڪو آهي. هن دؤر ۾ جيڪي به اهم ناول شايع ٿيا آهن، تن سڀني جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ليڪن اها لسٽ مڪمل سمجهڻ نه گهرجي.

    هڪ ڳالهه پڙهندڙن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته هن ساڳئي دور ۾ هندستان ۾ سنڌي ناول طبع زاد خواه ترجما تمام گهڻا شايع ٿيا آهن. اسان وٽ انهن جي پنجين حصي جيترا به مس شايع ٿيا هوندا. هندستان جي مشهور ليکڪ سندري اتمچنداڻيءَ جا ٻه ناول ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ۽ ”ڪرندڙ ديوارون“ سنڌ مان به شايع ٿيا آهن.

    چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌي زبان ۾ ڪم از ڪم هڪ هزار کن ناول آهن. منهنجي ڌيان ۾ جيڪڏهن هزار نه هوندا ته به ڪم از ڪم ننڍا وڏا ناول، لوڪ ڪهاڻيون ۽ ننڍيون آکاڻيون تقريباً ستن سَوَن کان گهٽ ڪين ٿينديون. دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي سنڌي ادب جي گهڻگهرن کي توفيق ڏئي ته پنهنجي ادب سان عشق رکي، ان کي شاهوڪار بنائين. (آمين)

    ****************
     
  2. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تمام
    بهترين ۽ مفصل
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو