1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌي راڳ جي اخلاقاري Moralization

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,509
    ورتل پسنديدگيون:
    26,993
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي راڳ جي اخلاقاري Moralization

    احسان احمد عرساڻي

    انگريزي لغتن ۾ اخلاقاري Moralization جي وصف هيٺينءَ ريت ڏنل آهي:
    1. The act of giving a moral meaning or effect to something; explanation in a moral sense
    2. the act of making moral
    [​IMG]
    مصور جو تخيل، جنهن ۾ سهڻي پنهنجي يار ”ميهار“ سان ملڻ وئي آهي
    مطلب تہ ڪنهن شَي، جهڙوڪ ادب، ڪهاڻي، قصي، شاعري، يا فنپاري جي اصل ظاهري صورت يا معنيٰ مٿان اخلاق يا پاڪيزگيءَ جو لبادو اوڙهڻ کي اخلاقاري سڏيو ويندو آهي. فغيدغِيس وِلهيم نِيتسشَ Friedrich Wilhelm Nietzsche نالي مشهور آلمانوي German فلاسافر موجب موسيقيءَ جي اخلاقاري دراصل زندگيءَ جي نفيع ڪندڙ عادت آهي، جيڪا حياتيءَ جي محرڪن کي صاف سٿري سوچ ۽ استدلال جي تنگ دائرن ۾ مقيد ڪري ٿي.
    اخقلاريءَ جا بدترين مثال سنڌ ۾ ملن ٿا، جتي راڳ رنگ توڙي رقص سميت فن جي سمورين صورتن جي اخلاقاري ڪندي ان کي مقبول ثقافت جو حصو بنجڻ کان روڪيو ويو آهي. سنڌ ڪيترين ئي صدين کان اخلاقاريءَ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي، جنهن سان سنڌ ۾ فن توڙي فن جي مقبول صورتن جي اوسر تي ناڪاري اثر پيا آهن. هن مضمون جو مقصد اهڙن چند مثالن جو ذڪر ڪرڻ ۽ سنڌي سماج مٿان ان جي اثرن تي روشني وجھڻ آهي.
    [​IMG]
    مرحومہ مائي الله رکي ميتڙي
    چون ٿا تہ ”سهڻي“ دنيا کان لڪي، گھڙي يا لوٽي جي مدد سان درياءُ ٽپي پنهنجي يار سان ملڻ ويندي هئي. شايد ان سان ئي منسوب سنڌ ۾ هڪ لوڪ گيت آهي؛ ”لوٽو مون کي آڻي ڏي، منهنجي يار ملڻ جو جو لوٽو“. ان کي ڪنهن دور ۾ الله رکي ميتڙيءَ ڳائي رڪارڊ ڪرايو هو. محمد قاسم ماڪا صاحب جي مهرباني جن ان رڪارڊ کي سنڀالي رکيو ۽ عوام آڏو پيش ڪيو. خبر نہ آهي تہ ڪڏهن ان گيت جي اخلاقاري Moralization ڪندي ”يار ملڻ جو لوٽو“ واري سٽ کي ڦيرائي ”کير پيئڻ جو لوٽو“ ڪري ڇڏيو ويو. اهڙي مهرباني ٻين کان سواءِ جيجي زرينہ بلوچ پڻ اسان سنڌين تي ڪئي. پر وقت گذرڻ سان اها اخلاقاري اسان جي سنڌ تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن، سي تمام گهرا آهن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي اوسر تي اڄ بہ ٻنجو وجھندا اچن. هيڪاري پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌي ماڻهسيہ Population جي ٻهراڙيءَ تائين محدود ٿي وڃڻ سبب سنڌي راڳ لاءِ آزاد Liberal فضا ۾ اسرڻ جا گس هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. نتيجي طور سنڌي راڳ ۽ فن جي منظرنگاريءَ ۾ سنڌياڻيون اڄ تائين رڳو لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾ کنيو پيون هلن.
    [​IMG]
    سنڌ جو مقبول ترين راڳي، جلال چانڊيو
    سنڌ جو مقبول ترين راڳي جلال چانڊيو پنهنجي منفرد ڳائڪي ۽ آزادانہ انداز سبب جيتوڻيڪ خانگي ڪيسيٽ ڪوٺين وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پذيرائي حاصل ڪندو رهيو، پر سنڌ جي ”پڙهيل لکيل اشرافيہ“ کيس فنڪار مڃڻ کان ئي انڪار ڪندي رهي ۽ سنڌي عوام ۾ مقبول ترين فنڪار کي سنڌ جي اخلاقاري ماريل اشرافيہ کان جيئري ڪڏهن بہ مڃتا نہ ملي. اها اشرافيہ سندس مقبوليت کي تسليم نہ ڪندي مٿس ”اخلاق کان ڪريل“ شاعري ڳائڻ جا الزام لڳائيندي رهي. سنڌ جي مشهور شاعر راشد مورائيءَ پنهنجي انٽرويو ۾ جلال چانڊي مٿان ان الزام جو جواب هن ريت ڏنو: ”عوام هن کان جهڙي تقاضا ڪندو هو، هُو عوام جي تقاضا تي پورو لهندو هو. عوام کيس ايتري عزت ڏيندو هو جو شادين جي تاريخ بہ هن کان وٺندا هئا تہ جيئن هُو سندن شاديءَ ۾ شرڪت ڪري ڳائي سگھي. هن کان اڳ ۾ سنڌي ماڻهن جي ٽيپ ۾ نور جهان يا عطاءُالله عيسيٰ خيلوي وڄندا هئا. انهن سڀني کي جلال اچي ٻنجو ڏنو. جلال ايڏو مقبول بڻجي ويو جو غير سنڌي ماڻهن کي جلال جا ڳايل سنڌي ڪلام ياد ٿي ويا هئا. ايترو مقبول وڃڻ، ايترو سنڌي ٻوليءَ کي ڳائڻ، سنڌي ڌنن کي ايتري مقبوليت ڏيڻ جو اعزاز صرف ۽ صرف جلال چانڊيي کي حاصل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ استاد منظور علي وڏي ۾ وڏو گويو هجڻ باوجود اهي ئي ڪي ڏهہ ٻارهن ڪلام ڳايا آهن. اڄ عابده پروين تمام وڏي ڳائڻي آهي، پر ان بہ ڪي چند سنڌي ڪلام ڳايا آهن“. اها راءِ منهنجي نہ پر مرحوم راشد مورائيءَ جي آهي. ياد رهي تہ جلال چانڊيي هزارين ڪلام ڳايا، ۽ سوين ڪيسيٽون رڪارڊ ڪرايون، ۽ سندس گيت ايترو وڪرو ٿيندو هو، جيترو نور جهان جو بہ نہ ٿيو. سچ پچ تہ سنڌي موسيقيءَ تي جلال چانڊيي جو وڏو احسان رهيو آهي، جنهن سنڌي موسيقيءَ کي عوام ۾ مقبول ڪيو، ۽ سنڌي انداز ڳائڪيءَ کي ورجيئاريو.
    پر هلندڙ دور سنڌي ٻوليءَ جي جيئدان لاءِ تمام ڏکيو ۽ للڪاريندڙ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي چٽاڀيٽي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٻوليءَ سان ٿي پئي آهي. هڪ لسانياتي جائزي مطابق هن وقت دنيا ۾ اردو/هندي ٻولي دنيا جي پنجون نمبر گھڻي کان گھڻو ڳالهائجندڙ ٻولي آهي، جڏهن تہ ساڳي لسانياتي جائزي مطابق 35 سالن کان پوءِ اردو/هندي دنيا جي ٻيون يا ٽيون نمبر گھڻي ۾ گھڻو ڳالهائجندڙ ٻولي بڻجي ويندي. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان اندر جيئڻو آهي، تہ اردو ٻوليءَ جي مقابلي ۾ سگھارو ٿيڻو پوندو. پر اردو ٻوليءَ جا وسيلا سنڌ تائين محدود نہ آهن. اردو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ سمورو پاڪستان ڀاڱيدار آهي. تنهن کان سواءِ اردو مقبول ثقافت جي اوسر جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو باليووڊ آهي، جتي انيڪ فنڪار ۽ فنڪارائون اردوءَ کي تقويت ڏئي رهيا آهن.
    1980ع ۾ هندستاني فلم ”قرباني“ لاءِ نازيہ حسن هڪ گيت ڳايو، جيڪو زينت امان تي فلمايو ويو، ۽ لازوال بڻجي ويو. اهو گيت اڄ بہ سموري سنڌ هند جا ماڻهو باهم‌ڄار Internet ذريعي شوق سان ڏسندا رهن ٿا.
    [​IMG]
    ”قرباني“ نالي هندي فلم ۾ زينت امان ”آپ جيسا ڪوئي ميري“ گيت تي پرفارم ڪندي
    آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي ۾ آئي، تو بات بن جائي
    گل ڪو بهار، بهار جو چمن،
    دل ڪو دل، بدن ڪو بدن
    هر ڪسي ڪو چاهيي تن ڪا ملن
    ڪاش مجھہ پر ايسا دل آپ ڪا ڀي آئي
    پر اهڙو ئي ڪو ڊِٺو اظهار سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندو تہ ان کي ”اخلاق کان ڪِريل“ تصور ڪيو ويندو ۽ سنڌين جي ”غيرت“ ۽ سماج جي اخلاقيات لاءِ خطرو پيدا ٿي پوندو.
    مگر نازيہ حسن اڪيلي ڪانهي جنهن ايترا بيباڪ ٻول هندي/ اردو ۾ ڳايا هجن. لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي کان وٺي اڄ جي ڪنيڪا ڪپور تائين سموريون ڳائڻيون اهڙا هيانءُ هرکائيندڙ گيت ڳائينديون رهيون آهن، جيڪي عوام ۾ تمام گھڻو مقبول ٿيا آهن. لتا جا گيت؛ فلم ”رضيہ سلطان“ (1983ع) جو ”پياس ڀڙڪي هي سر شام سي جلتا هي بدن“، ۽ فلم ”درد“ (1981ع) جو ”نہ جاني ڪيا هئا، جو تو ني ڇُو ليا“، فلم ”ڪرتويہ“ (1976ع) جو ”دُوري نہ رهي ڪوئي، آج اتني قريب آئو“ اڄ بہ تمام گھڻو مقبول آهن. لتا اهڙا ڪيترا ئي بيباڪ گيت ڳايا ۽ سنڌ توڙي هند ۾ بيپناهہ عزت ڪمائي.
    هلندڙ دور جي تقاضائن مطابق سنڌي موسيقيءَ کي ڪو بہ اهڙو فنڪار نہ ملي سگھيو آهي، جيڪو سنڌي ڪلام کي نہ رڳو سنڌي ٻڌندڙ ۾ مقبول ڪري بلڪہ سنڌي ٻڌندڙن ۾ نوان حلقا بہ شامل ڪري، جيئن سنڌي ٻولي ڌارين ٻولين جي حملي کي بہ منهن ڏئي سگھي ۽ پنهنجو دائره‌ڪار بہ وڌائي سگھي. سنڌي خانگي ٽي وي چينلس جيتوڻيڪ تمام سٺي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اخلاقاري سَٽيل سنڌي سماج ۾ سنڌي عورتون پوتي سنڀالڻ ۾ پوريون آهن. سنڌي چينلن تي گانن جي ماڊلڱ لاءِ بہ اڪثر غير سنڌياڻيون اچي ڪم ڪنديون آهن. سُرن کي پنهنجي چپن تي نچائي سگھڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪا بہ سنڌياڻي اسٽيج تي پرفارم نہ ٿي ڪري ۽ نہ ئي اهڙا ڪي گيت ڳائي سگھي ٿي، جيڪي عوام کي لڀائين. مجبوراً سنڌي ٽي وي چينلس لاليووڊ، باليووڊ ۽ هاليووڊ کي ڏيکاريندا رهن ٿا. اسان جي سنڌي اشرافيہ، باليووڊ کي تہ ڏاڍا مزا وٺي ڏسي ۽ ٻڌي ٿي، پر ساڳي فن جو مظاهرو ڪا سنڌياڻي ڪندي تہ کيس بيشرم بي‌حيا چوڻ کان گھڻو اڳتي وڌي مٿس تهمتون لڳايون وينديون ۽ حوصلاشڪني ڪئي ويندي آهي.
    [​IMG]
    ديبا سحر، مشهور سنڌي گيت ”ملي وڃ يار“ جي اخلاقاري ڪندي
    ڳائڪ تہ وري بہ سنڌيءَ ۾ ڪي ٻہ چار لڀي پوندا، پر سنڌي سنگيت ڳائڻ لاءِ هاڻي ڪا بہ ڳائڪہ نہ بچي آهي، جنهن جي ڳلي ۾ واقعي بہ سُرن جو جادو هجي. جيتوڻيڪ عابده پروين سُرن تي قدرت رکندڙ ڳائڪہ آهي، پر هڪ تہ اها سنڌي سنگيت کان گھڻو پري هلي وئي آهي، ٻيو تہ اها عوامي تقاضائن تي پورو لهڻ واري فنڪاره ڪانهي. مٿس صوفي راڳ جو خفت طاري ٿي چڪو آهي. بشمول عابده پروين جي، سنڌ جون فنڪارائون يقيناً ڪجھہ گھڻو ئي اخلاقاري سَٽيل آهن. ديبا سحر جيتوڻيڪ ڳائڪيءَ جي ڪنهن بہ غير معمولي صلاحيت جي مالڪ نہ آهي، پر پنهنجي حال سارو جيڪو ڪجھہ ڳائي ٿي سو بہ اخلاقاري سَٽيل هوندو آهي. ڪجھہ وقت اڳ ڪنهن سنڌي ٽي وي چينل تي علي گل سانگيءَ جو چيل، سنڌ جي مشهور راڳي منظور سخيراڻيءَ جو ڳايل گيت ”ملي وڃ يار تون مون سان“ رڪارڊ ڪرايائين. محترمہ ديبا سحر ”مون کي بس ياد ئي آهن گذاريون تو مون سان راتيون“ ڳائڻ جي همت ساري نہ سگھي ۽ ”اخلاق کان ڪِريل“ ان گيت کي اخلاق جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ گيت جا ٻول ئي مٽائي ڇڏيائين.
    [​IMG]
    هندستان جي حاليہ مقبول ڳائڪہ، ڪنيڪا ڪپور
    تازو ئي هندستان ۾ ڪنيڪا ڪپور نالي ڳائڪہ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي آهي. سندس گيت ”بيبي ڊول ۾ سوني دِي“، سُپر هِٽ ٿي ويو ۽ کيس فلم فيئر بهترين ڳائڪہ اعزاز کان سواءِ ڪيترا ئي ٻيا اعزاز حاصل ٿي ويا. هُوءَ واقعي سُرن تي قادر آهي. هُوءَ انيڪ قسمن جا مختلف اندازن سان ڪڍي سگھي ٿي. موسيقيءَ ۾ سند حاصل ڪندڙ ڪنيڪا ڪپور هن وقت 38 ورهين جي آهي. هن ڳائڪيءَ جي دنيا ۾ قدم 2012ع ۾ طلاق حاصل ڪرڻ کان پوءِ رکيو، ۽ 2015ع ۾ ئي هندستان جي مقبول ترين ڳائڪہ بڻجي وئي. سندس هڪ ٻي سُپر هِٽ گيت جا ٻول هن ريت آهن: ”مُنڊي ميري لپس پي مر گئي، منڊي ميري چِيڪس پر مر گئي، منڊي ميري اسٽائيل پر مر گئي...“. اهي سڀ گيت سنڌي ماڻهو پنهنجي ڪاڄن ۾ ڏاڍي فخر سان وڄائين ٿا، انهن تي سندن ڇوڪريون نچن ٿيون، ۽ مووي ٺاهرائين ٿيون. اڪثر سنڌي ماڻهن جي ڪاڄن ۾ سنڌيءَ کي ڇڏي باقي انيڪ ٻولين جا گيت وڄندا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. سنڌي سهرا شادين جي ڪاڄن ۾ ورلي ئي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. پر ماڻهن تي تنقيد ڪرڻ ۽ مٿن سنڌي ٻوليءَ سان دغا ڪرڻ جا الزام لڳائڻ کان بهتر آهي تہ سنڌي عوام جي امنگن جي ترجماني ڪندڙ گيت ڳائي پيش ڪيا وڃن، جيڪي ڌارين ٻولين جي موسيقيءَ جي جاءِ والاري سگھن.
    [​IMG]
    سريلي سنڌي ڳائڪہ، صنم ماروي
    اڄ سنڌ ۾ سڀ کان سريلي ۽ باصلاحيت ڳائڪہ ڪا آهي تہ اها صنم ماروي آهي. منجھس عوامي گيت ڳائڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. پر سندس لاڙو بہ غير سنڌي ٻولين ۽ صوفي راڳ ڏانهن آهي. اڄ ڏينهن تائين هن ڪي ٻہ چار سنڌي ڪلام ئي ڳايا آهن. سُرن جي وسيع رينج جيڪا صنم ماروي ادا ڪري سگھي ٿي، سا اڄ ڪلهہ جي دور ۾ گھربل مقبول عوامي گيتن جي ضرورت آهي. ڪهڙو نوجوان اڄ ويهي سندس ”پرچن شال پنهوار“ ٻڌندو؟ اسان جي اعليٰ پايي جي راڳين پاڻ کي صوفي راڳن تائين محدود رکندي نہ رڳو موسيقيءَ کي روح جي رانڀاٽ بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪہ راڳ مان جماليات کي ڪڍي، حسن ۽ جنسي ڪشش جي عشق سان ناتي کان انڪاري ٿيندي، راڳ جي مقصد کي ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن عوامي مقبوليت ماڻڻي آهي تہ لتا منگيشڪر وانگي ”اي بابُو ميري چال ۾ جھٽڪي، ديکلي پلٽڪي“ جهڙا گيت بہ ڳائڻا پوندا. هونءَ بہ ”لال ميري پت رکيو...“ ڳائڻ وارن جي پت ان حقيقت مان وائکي ٿي وئي آهي جو ”گوگل“ مطابق باهم‌ڄار Internet تي پورنوگرافِڪ مواد ڏسڻ ۾ پاڪستاني ماڻهو سڄي دنيا کان اڳڀرا آهن.
    [​IMG]
    قواليءَ کي جدت ڏيندڙ مشهور راڳي، نصرت فتح علي خان
    اڄ سنڌ کي نصرت فتح علي خان جهڙي انقلابي ڪردار جي ضرورت آهي، جنهن پنهنجي فن موسيقيءَ کي روايتن جي سنگھرن کان آزاد ڪرائيندي ”حسن جانان ڪي تعريف ممڪن نهين، آفرين“ ڳائي ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو. هن مٿس جاري ٿيندي فتوائن جي پرواهہ نہ ڪندي پنهنجي فنِ موسيقيءَ کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ دنيا کان سکندي پنهنجي فن کي نين بلندين تائين وٺي ويو، جتي قواليءَ جي فن آزاد فضا ۾ ساهہ کنيو.
    اڄوڪي سنڌي نسل جي لبن تي ڌارين ٻولين جا گيتن آهن. منجھن سنڌي سنگيت کي مقبول ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. نوجوان صوفي ‌راڳ بدران عوامي رنگ جا گيت ٻڌڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن سنڌي ٻولي نوجوانن جون سنگيت واريون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهي تہ نوجوان تہ پنهنجون سنگيت واريون گھرجون ڌارين ٻولين مان پوريون ڪري وٺندا، پر ڌارين ٻولين جي حملن آڏو سنڌي ٻولي جٽاءُ ڪري نہ سگھندي.
    ليکڪ انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ جي جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ پروفيسر ۽ نشستمان آهي، ۽ هن وقت جامعہ لمرڪ آئرستان ۾ محقق آهي. aursani@yahoo.com

    روزانہ سنڌ ايڪسپريس (29هين مارچ، 2017ع) ۾ شايع ٿيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو