خوبصورت شاعر حسن پنهيار جو تعارف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت شاعر حسن پنهيار جو تعارف

    پيشڪش : احساس ميرل

    اصل نالو: محمد حسن
    ادبي نالو : حسن پنهيار
    والد جو نالو : محمد اسماعيل
    جنم : 1973
    ذات : پنهيار
    رهائش : ڳوٺ حاجي محمد رمضان خان پنهيار
    تعليم : گرئچوئيٽ ايگريڪلچر، ايم. اي سنڌي
    لکڻ جي شروعات : 1990کان
    ڳائڻ ۾ هڪ البم
    2005 جن فنڪارن شاعري ڳائي
    قبلا سيد سخاوت حضور بخاري
    شريف عباسي
    نذير فقير
    ڪجه اسم پاڻ ڳائيا اٿس

    ڇپيل مواد .عبرت مئگزين.ادب مهراڻ .ڪاوش. سوڀ .
    صنفون . غزل. گيت. وائي . نظم .چؤسٽا. دوها . بيت .
    (1)پهريون ڪتاب
    (پهر پيار جا) 2005
    (2)ڪتاب (نظر ناز پرين جو) 2007
    اڻ چپيل ڪتابن جا نالا
    (1)نيڻ نهارن پيچرا
    (2)ڀيڄ پاڳارا چوندو آ
    (3)هڪ نيڻ تنهنجا ٻيو جيجل سنڌ
    (4)رهجي ويل چُمي
    (55)تنهنجي ڏنل چُمي

    سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ

    غزل

    سبب سڀئي سي گلا جا ڪٿان پيا نڪرن!
    انڌي ڪوڙي هن انا جا ڪٿان پيا نڪرن!

    ڪيو نه هٿ ڪنهن به آ راز هي اصل پنهنجو.
    ته راز هي ڀي بقا جا ڪٿان پيا نڪرن !

    نه ڇيڙ تون بس اکين کي! مراقبي ۾ رھ.
    ۽ پوءِ ڏس هي فنا جا ڪٿان پيا نڪرن!

    نه طور سينا مثل آ قلب نظر هڪ جي!
    هي رنگ بوسي! لقا جا ڪٿان پيا نڪرن؟

    لکان نه ٿو مان! لکائي پيو به سٽ ڪوئي
    ٻڌاء گفتا ثنا جا ڪٿان پيا نڪرن!

    پرين حَسن اڄ به گونجي پيو زماني ۾
    ته ٻانهان ڪيئي خدا جا ڪٿان پيا نڪرن !

    غزل

    اُتر جي هِيرَ جا آهيون اسين ڪشمور جا آهيون
    سڪايل ۽ ستايل جا. نه ساٿي چور جا آهيون

    سُرن سان پيار آ پنهنجو گُرن کي خُوب ٿا ڄاڻون
    غزل گو جي ته محفل کي ٻڌڻ جا مور جا آهيون

    سنڏي ٽوپي اسان وٽ ٿي ٺهي سهڻي سلائي سان
    اندازو هاڻ ڪر پيارا پراڻي دور جا آهيون

    چمي ڀاڪر حسن جي تي رڳو تنقيد آهي بس
    ٻچا انسان جا آهيون نه ڪي ڪنهن نَور جا آهيون

    وائي

    اکيون سي ئي پسن
    جن سان ناتو نيهن جو

    عاديون ٿيون جن لاءِ هي
    ٻئي کي ڪيئن ڏسن
    جن سان ناتو نيهن جو

    ڱڻ مون احسان ٿي
    پرين شال اچن
    جن سان ناتو نيهن جو

    سدا منهنجي من ۾
    ساهن جيئن رهن
    جن سان ناتو نيهن جو

    چُمي پائي پيار سان
    ڀاڪر ساڻ چمن
    جن سان ناتو نيهن جو

    دم دم حَسن کان ڪڏهن
    پري پل نه ٿين
    جن سان ناتو نيهن جو

    ﺑﻴﺖ

    ﮔَﻬﺮَ ﺗُﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﭘﺮﻳﻦ ، ﺟڏﻫﻦ ﮔﺬﺭﺍﻥ ﭤﻮ
    ﭼُﻤﻲ ڏﺳﺎﻥ ﭤﻮ، ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺩﻳﻮﺍﺭ کي

    ﻣُﻨﺪ ﻣﻮٽي ﭘﻴﺎﺭ ﺟﻲ، ﺗﻮ ﮐﻲ ﻭﺭﮢﻮ ﺁ
    ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺗﻪ ڪﺮﮢﻮ ﺁ، ﺍُُﺳﻴﺌڙﻭ ﺁﺟﻴﺎﻥ ۾

    ﮀﻴڙﻳﻢ ﺗﻮ ﻻﺀِ ﺟﺎ، ﺳڪ ﭜﺮﻱ ﺳﻨﮕﻴﺖ،
    ﺳﺎﮘﻲ ﺗﻮ ﺳﺎﻥ ﻣﻴﺖ، ﺟﻨﻢ ﺟﻨﻢ ﺟﻲ ﺳُﭙﺮﻳﻦ

    ﺟﺎڏﻱ ڪﺎڏﻱ ﺟﻠﻮﻭ ، ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻳﺎﺭ ،
    ﻃﺮﺡ ﻃﺮﺡ ﺳﻴﻨﮕﺎﺭ ، ڪﻬڙﺍ ڪﻬڙﺍ ﻣﺎﻥ ڏﺳﺎﻥ

    هائيڪا

    پاتو تو ڀاڪر
    چُمي سان دک دور ٿيا
    ٿي ويس مڌ ۾ پُر


    تنهنجو نانءُ غزل
    آءُ ته توکي ڳايان
    پائي قربَ ڪجل


    اردو غزل

    دلوں میں گھر بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہو۰
    ہنسی لب پی سجالے جو محبت ہو تو ایسی ہوو۰

    مجازی مام کا مطلب اگر حاصل عیاں یوں بھی
    خدا سے بھی ملالے جو محبت ہو تو ایسی ہوو۰

    زمانے میں ھزاروں لوگ بڑے ہی نام رکھتےہیں
    گرے کو گر اٹھالے جو محبت ہو تو ایسی ہوو۰

    الف سی میم نکلا ھے مگر وہ میم جانے کیا!
    کسی کو وہ سکھالے جو محبت ہو تو ایسی ہو

    نظارے بہت ہیں لیکن عجب انداز نینوں کا
    ملا کے آنکھ پلالے جو محبت ہو تو ایسی ہو۔

    نہ کر ظاھر محبت کو چمی مانگوں تو کیا ھوگا ؟
    بنا مانگے ہی پالے جو محبث ہو تو ایسی ہو.

    حسن ہی نام کافی ہے عنایت یے تیری مولا
    تجھے اپنا بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہوو۰
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو