جديديت پڄاڻان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڊاڪٽر غفور ميمڻ
    جديديت پڄاڻان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا
    _________


    هر شيءَ جو پنهنجو زمان و مڪان آهي، جيڪا شيءِ مادي طور وجود ۾ اچي ٿي، ان کي بقا ۽ فنا جي ويڙھ وڙهڻي آهي. واحد انسان آهي، جنهن بقا جي جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ گوهي کڻي ورتي آهي، انسان سان گڏ سنڌي ٻولي به لاڳاپيل آهي. انسان آهي ته ٻولي به رهندي ۽ ٻولي آهي ته ثقافت، قدر، رسم رواج، طور طريقا به موجود رهندا. هونءَ ته ٻولي پاڻ مرادو اختيار ڪيل علامتن جي تنظيم آهي پر سندس بنيادي ڪارج لڳ لاڳاپو جاري رهڻ آهي. ڪن يورپي مفڪرن موجب ٻولي مڪمل اظهار جو ذريعو ناهي، انسان جي سڀني جذبن جو اظهار ٻولي نٿي ڪري يا وري علامتن تحت اسان سمجھ رکي قبول ڪريون ٿا.
    مثال : مون کي آئسڪريم وڻي ٿي.
    ٻيو جملو : مون کي امان وڻي ٿي.
    ٽيون جملو : مون کي بهار جي موسم وڻي ٿي.
    هنن جملن ۾ آئسڪريم، امان، بهار جي موسم ۾ ڪابه مشابهت ناهي ته وڻڻ ۾ مشابهٿ ڇو آهي. معنيٰ لفظ وڻڻ اسان ٽنهي ۾ الڳ الڳ ڪارج طور علامتي سمجھون ٿا. ٻيو نظريو ڀڃ گھڙ جو آهي ته ڪوبه جملو مڪمل معنيٰ نٿو ڏي، بلڪه جيترو ڳالهايو وڃي ٿو اوترو ان ۾ لڪل جملا پڌرا ٿيو پون.
    مثلاً : انب مٺو ميوو آهي، هاڻ يلڪل جملو آهي ته ٻيا ميوا کٽا آهن. پر تنهن هوندي به ٻولي پياري آهي، جيجل جي هنج ۾ ڏنل لولي کي ڪير بچائڻ نه چاهيندو، جڏهن شيڪسپيئر چوي ٿو ته مون کي پنهنجي قوم جي غدارن سان به عشق آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي مٺڙن ٻولن سان ته محبت هئڻ گھُرجي.
    هاڻي هر دور جي پاڻ بچائڻ جا پنهنجا ذريعا ۽ طريقا آهن، مثال پٿر جي دور ۾ زندگي وڙهي جيئڻي هئي، جاگيرداري فطرت سان جڙي رهڻ ۾ بقا هئي، سرمائيداري ۾ مقابلي بازي ڪري پاڻ بچائڻو هو، سوشلزم ۾ پورهئي ۾ بقا هئي. جديديت پڄاڻان دور Hyper reality جو دور آهي، تنهنڪري بقا به نقلي ۽ حقيقت کان مٿانهان تصور اڀارڻ ۾ آهي. مثال پاڻ کي مارڪيٽ ۾ مکي چکي وکر بنائي اڀارڻو آهي. توهان ميڊيا ذريعي تصور پيدا ڪريو، جي اهو مشهور ٿي ويو ته توهان قبول ٿي ويا. ڇوته جديديت پڄاڻان اڻ ڇهندڙ (Intangible) دور آهي. مثال : ڊجيٽل ڊيٽا، آن لائن بئنڪنڪ، فائلن ۽ ملڪيت، ٽيڪسٽ مئسيج اڳتي هلي هوا ۾ لکيو ويندو، ڪرنسي ختم ٿي ويندي، ڪاغذ جو ڪارج ختم ٿي ويندو، Hyper reality ۽ Intangibility جو پاڻ گھاٽو لاڳاپو آهي، تنهنڪري حقيقت جي بجاءِ تصور حقيقت جي جڳھ وٺندا.
    هاڻي اچون ٿا ٻولي جي بقا تي، هر قوم هن وقت پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل آهي. ڇوته گلوبل دنيا وڏا چئلينج کڻي آئي آهي. مسئلن جا حال ساڳيا ناهن پر بدلجي چڪا آهن. ڇوته سڄي دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي چڪي آهي. قوم، ذات، ملڪ ۽ مذهب جي ويڇن بغير ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو آهي، هڪ ٻئي سان اظهارين ٿا، تنهنڪري مقامي ٻولين جي بجاءِ گلوبل دنيا جي ٻولي، هڪ ٿي رهي آهي. خاص طور سان مارڪيٽ ۽ واپار جي ٻولي مرڪزي شڪل ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. جنهنڪري خالص ٻولين جو دور ختم ٿي ويو آحي. خود انگريزي به خالص ۽ فامولائيز نه رهي آهي، اچارن ۾ فرق، گرامر ۾ فرق، لفظن ۾ فرق ۽ لکت جي طريقيڪار ۾ به فرق اچي ويو آهي. هن دور جو وڏي ۾ وڏو چئلينج آهي ته ٻولي انٽرنيٽ تي ڊجيٽلائيز ٿئي، تنهنڪري ڪيترن ڪمپيوٽنگ لنگئسٽڪ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت ٻولي کي نه پراڻا ماهر بچائيندا نه مارڪيٽ بچائيندي نه اسيمبليون بچائينديون، بلڪه ٻولي کي سافٽ ويئر انجنيئر بچائيندا، جنهن جو مثال اسان ڏٺو ته ماجد ڀرڳڙي جيڪڏهن MB Sindhi نه ٺاهي ها ته اسان ڪيترو پوئتي هُجون ها، بلڪل اهڙي طرح آن لائن ڊڪشنريون آنلائن لپي جي تبديلي، آن لائن گرامر، ٻولي کي وڏي هٿي ڏي ٿي. هن وقت سنڏي ٻولي به انهيءَ ڊوڙ ۾ شامل ٿي تيزي سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي اچي رهي آهي، اسان جا ڪيترا عالم انهيءَ بحث کي ڇيڙي چڪا آهن ته ٻولي ڪيئن بچائجي؟ جن ۾ هڪ عام بحث اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لپي کي تبديل ڪيو وڃي. ڪُجھ ماڻحن جو خيال آهي ته اسانکي رومن لپي رائج ڪرڻ گھُرجي ته جيئن اسان ڪمپيوٽر تي آساني سان لکي سگھون. خود موبائل تي پيغام کي گھڻا نوجوان اردو رومن ۾ لکن ٿا. ڇوته هنن کي سنڌي رومن ۾ لکڻ ڏکيو لڳي ٿو. تنهنڪري رومن لپي ۾ سنڌي آڻڻ سان نه صرف ڪمپيوٽر تي اسان آساني ماڻينداسين بلڪه يورپ جي سڀني ٻولين جي ويجھُ ٿي وينداسين. ٻيو بحث اهو آهي ته سنڌي ۾ عربي جا اهي آواز جيڪي سنڌي ماڻهون اچاري نٿو سگھي، اهي آئيوٽيا مان ڪڍي ڇڏڻ گھرجن. مثال : ث، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ق وغيره.. ڇوته ته ان جا نعم البدل آواز اسان وٽ موجود آهن.
    س، ت، ز، ا، گ ڪ جنهن تي تازو ڊاڪٽر فهميده حسين بحث ڪندي چيو هو ته ڀلا صبر کي سبر يا غرور گرور لکڻ ۾حرج ڪهڙو آهي، مئڊم ڊاڪٽر فهميده حسين هڪ عالم مدبر ۽ ٻوليءَ جي ماهر آهي پر عام جذباتي ماڻهون سندس ڳالھ نه سمجھي سگھيا.
    ٽيون بحث اهو به آهي ته سنڌي ٻلي جي لپي ديواناگري ۾ هئڻ گھُرجي، جيئن اسان هندستان جي ٻين ٻولين جي قريب ٿيون يا وري هندستان ۾ رهندڙ سنڌين سان وڌيڪ جُڙي سگھون، جيڪي تيزي سان ديواناگري لپي ۾ لکي رهيا آهن.
    چوٿون بحث اهو آهي ته ٻولي تي لپي جي ڇيڙڇاڙ نه ڪريو، جيئن آهي تيئن رهڻ ڏيو، ڪمپيوٽر تي ماهرن اهو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي هاڻي اسان انهن مسئلن تي تجويز ڪنداسين ته آخر ڪهڙو حل ٿي سگھي ٿو؟ پهرين ڳالھ ته عربي مان رومن لپي ۾ تبديليءَ جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا.
    اسان جا 1853ع کان ڇپيل ڪتاب ۽ ان کان اڳ موجود قلمي نسخا سڀ جا سڀ عربي رسم الخط ۾ لکيل آهن. يعني اسان جي تاريخ، علم، ثقافت، ادب، سڀ انهن ۾ سمايل آهي. جڏهن اسان رومن لپي رائج ڪنداسين ته ان وقت کان ايندڙ نسل صرف رومن لپي ۾ لکيل سنڌي سمجھندو، نتيجي طور اسان جا لکين ڪتاب ضايع ٿي ويندا. ايندڙ نسل نه پڙهي سگھندو. ڪمپيوٽر جا ماهر اهو به چون ٿا ته اهڙو سافٽويئر اچي چُڪو آهي جيڪو هڪ لپي کي ٻي لپي ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو، پر پوءِ به سخت ڪاپي ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترو خرچ برداشت ڪرڻو پوندو، اهو بحث به شروع ٿيندو ته پهريان ڪهڙا اهم ڪتاب تبديل ڪري رومن ۾ آڻجن.
    ٻي ڳالھ ته جيڪڏهن عربي لپي ايترو پريشاني جو بحث بنجي سگھي ته پوءِ خود عربستان وارن کي پريشان ٿيڻ گھُرجي، پر عربن ۾ اهڙو ڪوبه بحث هلندڙ ناهي.
    ٻيو بحث آهي ته جيڪي آواز سنڌي ۾ ناهن، اهي ڪڍي ڇڏجن، انهي سلسلي ۾ هڪ وڏي بحث ۽ ماهرن جي راءِ جي ضرورت آهي. انهي سلسلي ۾ سحرگل ڀٽي صاحبه ٻڌايو ته جاويد ڀٽي صاحب جو چوڻ آهي ته اسان جي موجوده آئيوٽيا کي بدلائڻ جي ضرورت ناهي. هڪ ته اهي اکر ۽ لفظ جي ٻولي جو ورثو آهن، اسانکي پنهنجي تاريخي ورثي تان هٿ نه کڻڻ گھُرجي ٻي اهم ڳالھ ته انهيءَ سان لفظ جي خاندان ۽ بنياد جي خبر پوي ٿي.
    ٻيو موقف آهي ته هي معاملو نازڪ آهي خود مذهبي ماڻهو انهيءَ جي مخالفت ڪندا. ڇوت هو ”غفور“ ”گفور“ لکڻ پسند نه ڪندا.
    ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جيترا صوتيات هوندا آهن انهن کان وڌيڪ آواز هوندا آهن پر سنڌي ۾ ڪُجھ صوتيات اهڙا آهن جن جا آواز ناهن، جن ۾ ض، خ، ق، ث وغيره اهم آهن، ڊاڪٽرفهميده حُسين جو مقوف آهي ته اهي آواز استاد ننڍي هوندي کان ٻارن کي پڙهائي پڪا ڪرائن ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو. خاص طور سان لاڙ ۾ مدرسن ۾ ۽ اسڪولن ۾ ٻارن کي اهڙا اچار پڙهايا ويندا هُئا.
    لاڙڪاڻي ۾ ”ڇ“ جي صوتيي جا ٻه آواز آهن، هڪ ته ڇ ٻيو ش، ڪير مڇي نٿو چوي، مشي چوي ٿو ته اسان انهي کي مڇي ئي سمجھنداسين.
    مثال : Till جو اچار انگريزن ۾ ٺل ٿيندو، پر ڪو غيرانگريز ٽل چوندو ته انگريز انهيءَ کي ٺل ئي سمجھندو، اچارن جو مسئلو هر ٻوليءَ ۾ موجود آحي، جاپاني ٻوليءَ ۾ ”هو“ جي صوتيي جا ڇھ آواز آهن. منهنجي انهي سلسلي ۾ راءِ آهي ته انهي سلسلي ۾ ٻولي جي ماهرن جي ڪاميٽي مقرر ڪري، انهي مسئلي تي ماهرانه راءِ ورتي وڃي. ٽوين بحث اهو به آهي ته سنڌي ٻولي جي لپي ديواناگري ۾ هئڻ گھُرجي، انهي سلسلي ۾ هندستان جي گھڻن سنڌين پنهنجا ڪتاب ديوناگري ۾ ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ۾ عام ماڻهون نٿو پڙهي سگھجي. اسان جيڪڏهن ديوناگري ۾ لپي تبديل ڪنداسين تڏهن به ساڳي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. مسئلا هر دور ۾ پيدا ٿيندا آهن پر انهن جو حل هر دور ۾ نئون هوندو آهي، لپيءَ کان وڌيڪ مسئلو صورتخطيءَ جو آهي سنڌ ۾ ڪيترا لفظ لکڻ جو معيار مقرر نه ٿيو آهي. مثال : بيدا يا بيضا، ساءِ يا سائين، تواريخ يا تاريخ، اقصيٰ يا اقصا.
    سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سابقه چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين انهيءَ تي هڪ عالمانه بحث ڪرايو هو پر اها صورتخطي جي ترجيحي شڪل اڇا رائج نه ٿي سگھي آهي، جنهن لاءِ پڻ ڪوششون وٺي صورتخطي رائج ڪرائڻ جي ضرورت آهي، جديدت پڄاڻان دور جا نوان چئلينج آهن. ٻولي جي اهم مسئلن ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ته سنڌي انٽرنيٽ تي پنهنجي جڳھ ٺاهي، اهڙا سافٽويئر ايجاد ٿين جو آساني سان مڙني مسئلن کي حل ڪري وٺجي..


    ... سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل ڪالم ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو