1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

هڪڙو تجربو ڪري ٿا ڏسون

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2017۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    هڪڙو تجربو ڪري ٿا ڏسون.
    ؛
    هڪ ڏيڏر کي، پاڻيءَ جي ٿالھ ۾ وجهي، پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ شروع ٿا ڪريون. پاڻيءَ جو گرمي پد جيترو وڌي ٿو، ڏيڏر اوتري ئي ڪوشش ڪري ٿو تہ پنهنجي جسم جي گرمي پد کي سندس برابريءَ ۾ آڻي ؛ وڌندڙ گرمي پد سان هُو لاڳيتو پنهنجي جسم جي گرمي پد کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ؛ جنهن مهل پاڻي اُٻرڻ شروع ٿئي ٿو تہ هاڻي ڏيڏر ان جي برابري نٿو ڪري سگهي ۽ پوءِ ٻاهر ٽپ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو، پر هزار ڪوششن جي باوجود هو ٻاهر ٽپ نٿو ڏيئي سگهي، ڇاڪاڻ تہ سندس سڄي طاقت پاڻيءَ جي گرمي پد جي برابري ڪرڻ ۾ ختم ٿي چڪي آهي.
    سُتت ئي ڏيڏر مري وڃي ٿو، تہ کيس ڪنهن ماريو؟ اسان مان ڪيترن جي ورندي اها ئي هوندي آ تہ کيس اُٻرندڙ پاڻيءَ ماريو، پر سچ اهو آهي تہ کيس سندس فيصلي ڪرڻ جي ناڪاميءَ ماريو تہ ڪنهن مهل کيس پاڻيءَ مان ٽپ ڏيڻ گهرجي ها. اسان کي ماڻهن ۽ حالتن ساڻ برابري رکڻ جي صورتحال پيش ايندي رهي ٿي، پر گڏو گڏ اسان کي اها بہ پڪ ڪرڻ گهرجي تہ ڪنهن مهل جُهڪڻو آهي ۽ ڪٿي مُنهن ڏيڻو آهي. الاءِ ڪيترا موقعا اچن ٿا، جڏهن صورتحال کي مُنهن ڏيندي، اسان کي مناسب قدم کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي، جي اسين ماڻهن کي ان ڳالھ جي اجازت ڏيون تہ هُو اسان سان جسماني، ذهني، جذباتي ۽ مالي حوالي سان پنهنجي مرضيءَ مطابق سلوڪ ڪن ٿا تہ پوءِ هُو سدائين ائين ڪندا رهندا. اهو اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي تہ اسان کي ان سلوڪ جي گرم ٿيندڙ پاڻيءَ مان ڪنهن مهل ٽپ ڏيڻو آهي. ڪوشش ڪجي تہ جي طاقت بچيل آهي تہ ٽپ ڏيئي ڇڏجي.
     
    WASEEM ۽ راجا ساند هيء پسند ڪيو آهي
  2. انيس احمد جوڻيجو

    انيس احمد جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
     
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    855
    ورتل پسنديدگيون:
    400
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ماڳ:
    In Ur Hearts
    بهترين.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو