کُليل نوٽ بُڪ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سوجهرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2017۔

  1. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    http://sojharo-mangi.blogspot.com/2017/04/blog-post_72.html

    مون پنهنجي فليٽ جي دريءَ مان، سامهون هڪ گهر جي ڇت ڏانهن نهاريم، جنهن تي هڪ کليل نوٽ بُڪ اڇليل پيو هو، جنهن تي ڪيترائي لفظ لکيل هئا ۽ سندس پنا هوا ۾ ڪنهن جهنڊي جيان ڦڙڪي رهيا هئا. مون سمجھيو ڪنهن تخليقڪار جي تحرير آهي جيڪا خود پنهنجي ليکڪ کي ڀوائتي لڳي آهي ۽ پنهنجي موجد کي مايوس ڪيو اٿائين. وري سوچيم ته شايد ڪنهن محبوبا جا خط آهن جيڪي هن ڇت تي اڇليا آهن جيئن من ڪو پکيئڙو کين کڻي وڃي سندس ”روح مسرور“ محبوب تائين پهچائي، جي ائين نه ته ڀلا مينهن جي وسڪاري تي سندس اکر ئي ڊهي وڃن ۽ ٻيو ڪو به کيس پڙهي نه سگهي، بس فقط قدرت ئي ”مينهن ڦڙن“ جي صورت ۾ کيس پڙهي وٺي ۽ سمجهي وٺي ڇو ته هوءَ نه ٿي چاهي ته سندس محبوب کانسواءِ ڪو ٻيو کيس سمجھي ۽ پڙهي – پر قدرت ۾ ۽ پنهنجي محبوب ۾ ڪو فرق به نه ٿي رکي ۽ خطن کي ڇت تي اُس جي سيڪ وٺڻ لاءِ ڇڏي ڏنو اٿائين.

    اڇا پنا پڻ اس ۾ چمڪي رهيا آهن ۽ مٿن لکيل ڳاڙها اکر پڻ سٺو نظارو ٿا ڏين. وري خيال ڪيم ته ڪٿي ڪو لافاني افسانو ته نه آهي، ڪو جيون، ڪا حياتي – ڪنهن جي زندگي ته نه آهي. آسمان تان لٿل ڪو الهامي ڪتاب ته نه آهي. ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهيو ٿي ڪا ڏند ڪٿا هجي جنهن کي زماني جي مصروفيتن وساري ڇڏيو هجي ۽ ڇت تي پيل هن تحرير – شايد عظيم تحرير – کي اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو هجي. ٿي سگهيو ٿي ته دنيا کان لڪل ڪنهن عظيم هستيءَ جي آتم ڪٿا هجي جنهن سندس آخري پساهن ۾ کيس لکيو هجي، جيڪا اڳتي هلي، جيڪڏهن زندهه رهي ته ڪا تاريخ بڻجي وڃي، هڪ اتهاس جوڙي وٺي.

    ٿي سگهيو ٿي اُهي اهڙا لڄائتا ڪلما هجن جيڪي ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ پنهنجي محبوب کي سندس شرم جي انتها ڏيکارڻ لاءِ لکيا هُجن. (اُهو شرم جيڪو سندس لڱن ۾ هڪ نفيس احساس جيان ڊوڙي ٿو ۽ خود ئي ڪڏهن ڪڏهن حدون اورانگھڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ۽ بي شرميءَ جو جذبو بڻجي وڃي ٿو. ڇو ته عورت جو شرم ئي سندس محبت جي انتها هوندي آهي ۽ سندس لڱن جي خماريءَ جو جواب ٿيندو آهي.) ۽ پوءِ پنهنجي محبوب کي ڏيکارڻ کان اڳ پاڻ ئي لڄاري ٿي انهيءَ ”شرم نامي“ کي ڇت تي اڇلي ڇڏيو هوندو. ته جيئن ڀلي ته قدرت کيس پڙهي. هُن کي به علم هوندو ته قدرت ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ ڪو به پردو ناهي هوندو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو قدرت جهڙوڪ، سج جا ڪِرڻا ۽ مينهن جا ڦڙا سڌو اسان جي بدن سان ٽڪرائيندا آهن ۽ سندن تعلق اسان جي روح سان به ٿيندو آهي. بس ڪو اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو انسان جي ۽ قدرت جي اهڙي لڳ ۽ سنجوڳ کي پرکي سگهي. ۽ اها ڳالهه شايد اُن ڇوڪريءَ کي به خبر هوندي، جو هن نوٽ بُڪ کي اُگهاڙي حالت ۾ بنا ڪنهن پوش جي اُس ۾ اُڇليو هوندو ته جيئن قدرت به پڙهي ته شرم يعني بدن ۾ هڪ مٺي، نرمل ۽ نفيس درد جي لهر ڊوڙڻ، دل جي ڌڙڪڻ جو تيز ٿيڻ، پنهنجو پاڻ مان ئي ڇرڪ ڀرڻ، ڏڪڻ، ٿڌڙي هير ۾ به ساهه جو ٻوساٽجڻ به هڪ لاڀائتو احساس آهي جيڪو ڪا به ڇوڪري ڪنهن کي ٻڌائي نه ٿي سگهي ۽ پاڻ به پنهنجي وجود کي انهي احساس کان لا علم رکندي آهي.

    پر هو پنا ڪٿي ڪنهن شاگرد جي امتحان ۾ نقل ڪرڻ وارا ڦرا ته ڪو نه هئا جيڪي هُن پنهنجي والدين جي ڊپ کان مٿي اُڇليا هجن. خير! ڪجھ به هئا پر گمنام هئا ۽ منهنجي اُنهن تائين رسائي به مشڪل هئي. پر تنهن هوندي به مون بنا ڏٺي کين پڙهي ڇڏيو هو جيڪي مون کي نه پڙهڻ گهرجن هان ڇو ته اُهي ڪنهن ٻي جي امانت هُئا جن ۾ بي شڪ مون خيانت ڪئي. پر اِهو به چڱو ٿيو ڇاڪاڻ ته اِن سان مون کي هڪ نئين سوچ ۽ هڪ نئون تصور ملي ويو.
     
    سليمان وساڻ ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو