’ڙهہ، نهہ، ڻهہ، مهہ، لهہ‘ وسرڳن جي صوتي حيثيت بابت

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ’ڙهہ، نهہ، ڻهہ، مهہ، لهہ‘ وسرڳن جي صوتي حيثيت بابت

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    وسرڳ جي لسانياتي سطح
    وسرڳ ڪنـﻫـن وينجن آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوڪ ملائڻ سبب بيـﻫـندو آهي؛ جنـﻫـن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنـﻫـن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجن آواز نڪرندو آهي. مثلاً ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو وينجن آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جھ‘ جو آواز نڪرندو.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا وسرڳ جي مخرجي حيثيت بابت ڄاڻائي ٿو ت‍ہ: ”هيءَ هڪ مڃيل ڳالهہ آهي تہ آوازن جي اچارڻ مـﻫـل ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾ ججھو ٿيندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ گهٽ ٿيندو آهي. هوا جو زور ’پيٽ ڇَـهہ‘ (diaphragm) جي وسيلي ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهن هوا جي داٻ ۾ زور گهڻو هوندو آهي، ۽ اهو جي لنگھ ۾ رڪاوٽ يا رنڊڪ پيل هوندي آهي، تڏهن انهيءَ رنڊڪ يا رڪاوٽ جي ’هٽڻ يا ڇٽڻ‘ سان، هوا جي ڦوڪ هڪدم آواز جي پويان، ان سان گڏوگڏ، ٻاهر ڌوڪيندي ايندي آهي. هوا جي انهيءَ ’ڦوڪ‘ کي ’وسرگائي‘(aspiration) چئبو آهي.“ (الانا، 1967: 46، 48، 49)
    ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب وسرڳ جي آواز بابت ٻڌائي ٿو تہ ”وسرگائي، وينجنن جي هڪ اضافي خصوصيت آهي، ڌوڪڻا وينجن جڏهن اچارجن ٿا تہ ان سان گڏ هوا جي هڪ ڌوڪ (Puff of Air) شامل ٿي وڃي ٿي، جن آوازن ۾ هيءَ ڌوڪ گهڻي آهي، سي ’وسرگ آواز‘ آهن، يعني تن ۾ وسرگائي شامل آهي؛ ۽ جن ۾ هيءَ ڌوڪ اڻ لَکي يا تمام گهٽ آهي، تن کي ’اوسرگ آواز‘ سڏجي ٿو.“ (هدايت، 2009: 74- 79)
    ڊاڪٽر غلام علي الانا هنن آوازن بابت ’W.S, Allenn‘ جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو تہ ”هيءَ خصوصيت نه فقط سنڌي زبان جي صوتياتي نظام ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿي، پر هند و پاڪ جي ٻين سڀني آريائي زبانن ۽ قديم يونانيءَ ۾ بہ هيءَ خصوصيت نظر اچي ٿي. وسرگ آواز، انگريزي ٻوليءَ ۾ بہ ملن ٿا.“ (الانا، 1967، 46- 47)

    وسرڳ جي صوتي (Phonemic) حيثيت
    ڊاڪٽر غلام علي الانا وسرڳن بابت تقابلي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ ”وسرگ آواز، انگريزي ٻوليءَ ۾ بہ ملن ٿا؛ پر انگريزي زبان جي صوتياتي نظام ۾ وسرگائي، صوتي (Phonemic) نہ آهي، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرگ وينجن آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهن تہ انگريزيءَ ۾ وسرگ آواز ڌار صوتئي طور ڪم نه ٿا اچن. مطلب تہ سنڌيءَ جي صوتياتي نظام موجب [پ] ۽ [ڦ] ٻه ڌار ڌار صوتيه (Phonemes) آهن. …اهڙا وسرگ آواز آهن: ڦ، ڀ، مهہ، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڻهہ، نهہ، ڇ، جھ، ڙهہ، ک، گھ، لهہ.“ (الانا، 1967: 47، 49)
    ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻائڻ مطابق وسرڳي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ظاهر آَهي تہ جيستائين آئيويٽا ۾ ان وسرڳي آواز لاءِ ڪو اکر يا علامت مقرر نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين ان آئيويٽا کي اڌورو ئي ڀانيو ويندو آهي. ان لاءِ موجوده آئيويٽا ۾ اهڙا ڏهہ وسرڳ شامل ڪيا ويا؛ بعد ۾ پنج وسرڳ سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي صورت ۾ ڏنا ويا. ليڪن اڄ تائين ان کي آئيويٽا / پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري آئيويٽا ۾ ضميمي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ورتي وئي آهي. موجوده دؤر ۾ ان ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ اهي پنج وسرڳ جيڪڏهن صوتئي جي تارازيءَ ۾ پورا لـﻫـن ٿا تہ انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ ضميمي طور ئي سـﻫـي، سنڌي پٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن. مذڪوره ’ڙهہ، نهہ، ڻهہ، مهہ، لهہ‘ نظر انداز ٿيل وسرڳن جي سندن اوسرڳ آواز جي مٽا سٽا سان معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيان مثال ڏجن ٿا:

    ياد رهي تہ صوتي (Phonemic) حيثيت جاچڻ لاءِ ڪوبہ لفظ کڻي صرف گھربل آواز مٽائي سڏبو آهي؛ جيڪڏهن معنى ۾ فرق اچي ٿو تہ ان آواز کي صوتيو (Phoneme) ڪوٺبو. هيٺ اهڙو ميزان رکجي ٿو:

    اوسرڳ آواز ’ڙ‘ سان لفظ:
    ۱۱. ڪوٗڙُ= تاڃي ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ کوڙيل ڪِلن جي قطار، تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺي؛ ڪروڙ.
    ۲. ڪُڙِ = ٿڪ، ٿڪاوٽ. ڪڪڙ کي هڪلڻ جو آواز.
    ۳۳. سَڙُ = (امر) سڙڻ، ڪاوڙ ۾ پچڻ.

    وسرڳ آواز ’ڙهہ‘ سان لفظ:
    ۱. ڪوٗڙه = بدن تي اڇا داغ ڪندڙ هڪ وچڙندڙ بيماري، جذام.
    ۲. ڪُڙه = ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي پلجڻ ۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ.
    ۳. سَڙه = ڪم ڪوس يا سست (ڏاند).

    اوسرڳ ’ن‘ ۽ وسرڳ آواز ’نهہ‘ سان لفظ: ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

    اوسرڳ ’ڻ‘ ۽ وسرڳ آواز ’ڻهہ‘ سان لفظ: ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

    اوسرڳ ’م‘ ۽ وسرڳ آواز ’مهہ‘ سان لفظ: ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

    اوسرڳ آواز ’ل‘ سان لفظ:
    ۱. ڪَلَ = سُڌ، ڄاڻ؛ انجڻ؛ اٽي جي ڳوهہ
    ۲. مالَ = ڌن، ڍور ڍڳا (جمع)
    ۳. ڪُلو = پٽڪي هيٺان وجھندڙ ٽوپي
    ۴. مَلَ = مهٽو؛ گدلاڻ

    وسرڳ آواز ’لهہ‘ سان لفظ:
    ۱. ڪَلهہ = گذريل ڏينـﻫـن.
    ۲. مالهہ = هار؛ نار ۾ لوٽين ٻڌڻ لاءِ رسو.
    ۳. ڪُلهو = ٻانـﻫـن ۽ ڪنڌ جو وچيون حصو.
    ۴. مَلهہ = سنڌي ڪشتي.

    مٿئين ميزان موجب ٽن گُهڻن وينجنن ۽ ان جي وسرڳن جي مٽ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي خاص لفظ ڪونہ ٿا ملن، جيڪي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ گُهڻن اَوسرڳ ۽ ان جي وسرڳ وينجنن جي مٽ سان مونجهارا پيدا ڪندا هجن، جنـﻫـن بنياد تي ’گُهڻن وسرڳن‘ کي الڳ سان صوتيو تسليم ڪجي! حقيقت اها آهي تہ صوتئي جي معلوم ڪرڻ واري طريقي موجب ٽي گُهڻا وسرڳ صوتئي جي زمري ۾ نہ ٿا اچن؛ حالانڪ ڊاڪٽر الانا انهن پنج ئي نظر انداز ٿيل وسرڳن کي صوتئي جو درجو ڏئي ٿو، جن ۾ ٻہ وسرڳ ’ڙهہ‘ ۽ ’لهہ‘ واقعةً سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جو درجو رکن ٿا، جڏهن تہ ٽي گُهڻا وسرڳ ’نهہ، ڻهہ ۽ مهہ‘ صوتئي جو درجو نه ٿا رکن، بلڪ اهي آواز جي حيثيت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهہ آهي تہ معياري لـﻫـجي موجب ڪافي لفظن ۾ اهي گُهڻا وسرڳ اچار ۾ ڪم آندا وڃن ٿا ۽ ظاهر آهي تہ آوازن جي بنياد تي لکت ۾ بہ ڪم آڻڻ گهرجن. ان کان علاوه ’رﮭـہ‘ نہ پڙهائڻ سبب ڪافي غلط صورتخطيون سامهون آيون آهن. ان لاءِ اختياريءَ وارن آڏو نظر انداز ٿيل وسرڳي اکرن کي پٽيءَ ۾ ضميمي طور شامل ڪرڻ لاءِ عرض رکجي ٿو.

    نتيجو:
    انگريزي توڻي اردو ۾ وسرڳ ضميمي ۾ پڙهايو ويندو آهي. عام طور راءِ آهي تہ سنڌي آئيويٽا ۾ اکرن جو تعداد 52 عام پڙهندڙ لاءِ گھڻو آهي. جيڪڏهن آوازن جي بنياد تي جاچبو تہ 51 تہ آواز آهن، تنهن ۾ بہ 10 وسرڳ تہ باقي وڃي ٿا 41 بچن. تنهـن ۾ بہ عربي آواز تہ نرالا آهن جن سان ڪا هٿ چراند نہ ٿي ڪري سگھجي.
    اصل ڳالهہ اها آهي تہ چند ٻولين جي آئيويٽائن ۾ وسرڳ الڳ سان ٿا پڙها وڃن. سنڌي آئيويٽا ۾ جيڪڏهن هڪ اصول تحت الڳ وسرڳ پڙهايا ويندا تہ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڄاڻايل مونجھارو آڏو ايندو. تنهنڪري جيڪا آئيويٽا مستعمل آهي تنهن سان هٿ چراند ڪرڻ انتـﻫـائي مشڪل ۽ اڻ- وڻندڙ عمل ٿي پوندو؛ ان لاءِ بقايا وسرڳ ضميمي طور پڙهائڻ لاءِ اختياريءَ وارن اڳيان عرض رکجن ٿا:
    ’رﮭـہ، ڙﮭـ‍ہ، لهہ، مهہ، نهہ ۽ ڻهہ‘

    حوالا/ ذريعا:
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1967) سنڌي صوتيات- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    هدايت پريم ڊاڪٽر (جنوري 2009) سنڌي ٻولي جرنل- سنڌي ٻوليءَ جا وسرگ آواز- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو