وسرڳن (Aspirates) لکڻ جي ٻن نمونن (ٽٻڪن ۽ ﻬ) جو جائزو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وسرڳن (Aspirates) لکڻ جي ٻن نمونن (ٽٻڪن ۽ ﻬ) جو جائزو

    ڊاڪٽڙ الطاف جوکيو

    سنڌي ٻوليءَ لاءِ 18533ع ۾ جيڪا آئيويٽا/ رسم الخط بيـﻫـاري وئي، تنـﻫـن جو گهڻو مدار ابوالحسن ٺٽويءَ جي جوڙيل آئيويٽا ۽ پراڻن ڪاتبن جي جوڙيل اکرن تي هيو. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي ترتيبيل آئيويٽا بعد 1845ع کان 1852ع جي عرصي دوران آخوند عبدالرحيم عباسي مرحوم هڪ نرالي 55 اکري آئيويٽا ترتيب ڏني. يقيناً، عباسي مرحوم جي اڳيان مخدوم ابوالحسن جي آئيويٽا هوندي، جنـﻫـن بنياد تي عباسي مرحوم چند نوان اکر متعيّن ڪيا. هن بزرگ، ڏه وسرڳ اکرن لاءِ جنسي ’ﻬ‘ جو ڳنڍ بـﻫـتر ڄاتو.
    ايلس واري آئيويٽا کي سرڪاري طور درسي توڻي انتظامي ادارن ۾ عام ڪيو ويو. چند عالم ان ترتيبيل آئيويٽا سان سـﻫـمت نہ ٿيندي، پنـﻫـنجي رنگ ڍنگ جون آئيويٽائون جوڙيون. 1858ﻉ کان اڳ خليفي گل محمد گل پڻ 55 اکرن تي مشتمل هڪ آئيويٽا جوڙي، جيڪا هن پنـﻫـنجي ڪتاب ’ديوان گل‘ ۾ ڪم آندي. هن ۾ وسرڳن جو ڪل تعداد تيرهن (13) ڄاڻايل آهي، جنـﻫـن ۾ هاڻوڪي آئيويٽا جي بنسبت ٽي (3) وسرڳ (ڙﻬ، نهہ، لهہ) وڌيڪ ڄاڻايل آهن، جڏهن تہ هاڻوڪي پرائيمر ۾ ڄاڻايل صورتخطيءَ پٽاندر عام استعمال ٿيندڙ ’مهہ ۽ ڻهہ‘ ڄاڻائي ڪونہ سگهيو.
    آخوند گل وسرڳ لاءِ جيڪي اکر گھڙيا، تن تي ڪنـﻫـن اوسرڳ وينجن (Aspirate Consonant) مٿان ننڍڙي ’هہ‘ جي علامت رکيل آهي. (ميمڻ، 1972: 156- 171)
    ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيبيل آئيويٽا گهڻي قدر آخوند عبدالرحيم عباسيءَ ۽ پراڻي دکني اردو جي آئيويٽا جي نموني تي ٻڌل هئي، جنـﻫـن جو مقصد برصغير ۾ ساڳين اکرن جي صورت ڪم آڻڻ هو؛ پر جيئن تہ اهي اکر سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق نہ هجڻ ۽ لفظن ۾ مونجهارا پيدا ٿيڻ جي امڪان سبب ان وقت جي اختياريءَ پاران، ان کي تقويت ڪونہ ملي. ڊاڪٽر ٽرمپ گهڻي قدر ساڳئي گروه جي آوازن لاءِ هڪ اصول جو قائل هيو. جنـﻫـن سبب هر وسرڳي آواز لاءِ ان جي اکر ۾ جنسي ’ﻬ‘ جو اضافو ڪيائين؛ جيئن:
    ’بهہ = ڀ،
    تهہ = ٿ،
    ٿهہ = ٺ،
    چهه = ڇ،
    دﻬ = ڌ،
    ڐﻬ = ڍ،
    پهہ = ڦ،
    کهہ = ک‘. (ٽرمپ، 1985: xxx)
    مرزا قليچ بيگ پڻ آخوند عبدالرحيم ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جيان هڪ اصول قائم ڪرڻ جو قائل هيو، جنـﻫـن لاءِ لکيائين تہ: ”جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ ’هہ‘ آواز سان گڏيل اکر آهن، جي ’هہ‘ سان لکڻ ۾ ٿا اچن، تڏهن الف- بي ۾ ائين ڪرڻ گھربو هو، جيئن تہ: ڪالهہ، ڳالهہ، ملهہ وغيره ۾ لام سان گڏ ’هہ‘ جو آواز آهي. مڙهہ، ڪڙهہ، وڙهڻ، وغيره ۾ ’ڙ‘ سان گڏ ’هہ‘ جو آواز اچي ٿو. سنهو، اونهون، ٻانهون وغيره ۾ ’ن‘ سان گڏ ’هہ‘ جو آواز اچي ٿو.“ (قليچ، 2006: 165)
    مرزا قليچ بيگ عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳ لاءِ هڪ اصول رکڻ جو رايو رکندي خيال ڏيکاري ٿو تہ: ”اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانگي اصل هندي هئي ۽ سنسڪرت جي ڌيءَ هئي ۽ پراڪرت مان نڪتل هئي، تنـﻫـن ۾ بہ عربي صورتخطي ڪم آيل آهي، مگر انهيءَ ۾ وري بہ ڪو اصول ڪم آيل آهي، جن اکرن ۾ ’هہ‘ جو آواز لڪل آهي، تنـﻫـن جي پٺيان ’هہ‘ جو اکر لکندا آهن، پر سنڌي الف بي ۾ ڪن اکرن ۾ ’هہ‘ وڌي اٿن، ڪن ۾ نہ!“ (قليچ، 2006: 165)
    مرزا قليچ بيگ جي راءِ موجب جـﻫڙي نموني عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳن جو شمار ٿيل آهي، تن ۾ ’لهہ ڙهہ، نهہ‘ جو شمار بہ ڪيو وڃي. ان کان اول اهڙن وسرڳن لاءِ هڪ اصول متعيّن ٿئي تہ بـﻫـتر!

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهو واحد ماڻهو آهي، جنـﻫـن موجوده عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳن جي صورت ۾ ٽٻڪن ۽ وسرڳي ’ﻬ‘ کي مثالن آڌار ڄاڻائيندي اهو واضح ڪيو آهي تہ ٻنهي جو استعمال درست آهي؛ ڊاڪٽر بلوچ جو اهو خيال وزنائتو آهي.
    فرض ڪريو تہ ’ڇهَہ‘ لفظ هجڻ سان گڏوگڏ صوتيات جي حوالي سان هڪ وسرڳ پڻ آهي؛ ڇاڪاڻ تہ ان ۾ ’ڇ‘ ۽ ’هہ‘ الڳ الڳ سُرن سان اچاري نہ ٿو سگهجي، بلڪه ’ڇَهہ‘ هڪ ئي جھٽڪي ۾ ڦڦڙن جي هوا سان سخت تارونءَ وٽ زبان جي اڳياڙي ملائڻ سان آواز ٺـﻫـي ٿو، جنـﻫـن کي هلڪو ڌوڪڻو وسرڳ چئجي ٿو. جيڪڏهن ’ڇ‘ آواز کي وسرڳي ’ﻬ‘ سان لکجي ها تہ پوءِ ’ڇه‍ہ‘ وسرڳ جي لکت (چهه‍ہ/ چهـﻫ‍ہ) يقيناً اڻ- ٺھڪندڙ ٿي پوي ها!
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق، صورتخطيءَ جي خيال کان راءِ رکي ٿو تہ: ”سنڌيءَ جي ٿ، ٺ، ڇ، ک ۽ ڦ وارين صورتن ۾ ’هہ‘ جي ادغام جي انتـﻫـائي تڪميلي صورت موجود آهي؛ ايتريقدر جو ’هہ‘ انهن ۾ ڪُلي طور کاڄي هضم ٿي وئي آهي. انجي سڃاڻپ اها آهي جو انهن صوتين پويان ٻي ’هه‘ اچي سگهي ٿي … سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جھ ۽ گھ صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي. ’هه‘ انهن صوتين جي اندر پيٽ ۾ آهي، جيتوڻيڪ ڏسجي ڪانہ ٿي، پر تنـﻫـن هوندي بہ هضم نہ ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري انهن صوتين پويان ٻي ’هہ‘ نہ ايندي.“ (بلوچ، 1983: 259- 263)
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب آخر ۾ راءِ رکي ٿو تہ: ” ’هہ‘ جي وجود جي لحاظ سان انهن جو لکت ۾ گھ، جھ واريون صورتون مناسب آهن، بـﻫـتر ائين هو تہ ڀ، ڌ ۽ ڍ کي بهہ، دهہ ۽ ڊهہ جي صورتن ۾ لکجي ها. ڙهہ، لهہ، مهہ، نهہ ۽ ڻهہ سي بہ ميل واري ادغامي صورت وارا آهن ۽ انهن جي پويان بہ ٻي ’هہ‘ اچي نہ سگھندي.“ (بلوچ، 1983: 259- 263)
    ان مان واضح ٿيو تہ ڪِن وسرڳ اکرن ۾ ٽٻڪن جو استعمال درست، وقتائتو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪيل آهي؛ البتہ جنـﻫـن اصول ڏانـﻫـن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اشارو ڪيو آهي تہ ”بـﻫـتر ٿئي ها جيڪڏهن ڀ، ڌ ۽ ڍ کي بهہ، دﻬ ۽ ڊﻬ جي صورتن ۾ لکجي ها“ سو مونجهاري جا امڪان پيدا ڪري ٿو؛ جيئن: نشاندهي. ها، البتہ ڊاڪٽر صاحب جي ضميمي ۾ اضافي وسرڳ پڙهائڻ واري راءِ تي عمل ٿيڻ گهرجي.
    هاڻي سوچ اها ٿئي ٿي تہ عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ اضافي وسرڳ، ضميمي طور ڏيڻ/ پڙهائڻ جي ڪـﻫـڙي ضرورت آهي؛ يعني جيڪڏهن اضافي يا نظر انداز ڪيل وسرڳ آئيويٽا ۾ شامل بہ ڪجن تہ ان جي لساني حيثيت ڪـﻫـڙي آهي؟
    محترم آفتاب ابڙو سنڌي آئيويٽا/ صورتخطيءَ ۾ ٻين نڪتن سان وسرڳي اکرن جي نمونن جو ذڪر ڪندي، وسرڳ اکرن کي ’وسرڳي ﻬ‘ سان لکڻ/ رکڻ جي سختي سان راءِ رکندي لکي ٿو تہ: ”چوٿون طريقو وري بلڪل نرالو اختيار ڪيو ويو، جنـﻫـن مان ڄاڻي سگهجي ٿو تہ ڪاميٽيءَ جي نظر ڪيتري ڪوتاه هئي. اهو هو ’ک‘ جو وسرڳ، جيتوڻيڪ سڄي هندستان ۾ اهو حرف ’ڪ‘ طور سڃاتو پئي ويو، ان کي گدري مان گوبي ڪري خلق کلائي وئي“ (آفتاب، 2010: 51- 92)
    اصل ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو مٿيون حوالو ٻوليءَ جي ماهرن وٽ عام ٿي ڪونہ سگهيو آهي، جنـﻫـن ۾ ٻوليءَ جي مزاج مطابق اکرن جي تعيّن جو ذڪر ڪيل آهي؛ آفتاب ابڙي، اکرن جي تعيّن جي راءِ تہ رکي آهي، ليڪن ٻوليءَ جي مزاج مطابق صورتخطيءَ جي مونجهارن تي غور ڪونہ ڪيو آهي. جيڪڏهن ابڙي صاحب جي راءِ مطابق، ڊاڪٽر بلوچ جا ڄاڻايل مستعمل لفظ لکجن تہ هيٺين صورت بيـﻫـي ٿي:

    ٻوليءَ جي مزاج مطابق صورتخطي: ک = کِـﻫَـہ، کَـﻫُـرو
    آفتاب ابڙي جي راءِ مطابق صورتخطي: کـﻫَـہ = کهھَہ/ کـﻫَـهہ... کهـﻫُـرو/ کههُرو/ کـﻫُـهرو (لفظ جون چند امڪاني صورتون جڙي ٿيون وڃن.)

    اهڙين حالتن ۾ اهڙي راءِ، جيڪا ٻوليءَ جي مزاج مطابق مونجهارا پيدا ڪري ۽ خلق کي کلائي، غير علمي ليکجي ٿي.
    ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ مطابق ’ڀ‘، ’ڌ‘ ۽ ’ڍ‘ وسرڳن جي شڪل ’به‍ہ، دهہ ۽ ڊهہ‘ واري رکڻ گهرجي ها؛ ڇاڪاڻ تہ اهي وسرڳ آواز اهڙا آهن جن جي پويان ٻي ’هہ‘ ڪانہ اچي سگھندي، يعني ’سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جھ ۽ گھ صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي‘.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب وسرڳ جي جنـﻫـن پاسي جي ڳالهه ڪئي آهي سا بلڪل درست آهي. ليڪن جيڪا صورتخطيءَ جي حوالي سان راءِ ڏني آهي، تنـﻫـن ۾ اڳيئي مونجهارا آهن، جيڪي طئہ ٿي ڪونہ سگهيا آهن؛ مثلاً: ’ماڻهوءَ‘ جي صورتخطيءَ ۾ وسرڳي ’ﻬ‘ جي لکڻ جو تہ امڪان آهي ليڪن ’دﻬ‘ جي صورت ڪيئن بيـﻫـارجي: ’دهہ‘ يا ’دﻬ‘؟
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ سان ٻن قسمن جي مونجهارن جو امڪان آهي:
    صورتخطيءَ جو مونجهارو
    ’دهہ‘ يا ’دﻬ‘ ۾ ’ﻬ‘ جي وسرڳي صورت تي اڳيئي مونجهارو هلي پيو، درسي ڪتابن ۾ لفظ ’جھاز‘ ’هہ وينجن‘ بجاءِ، وسرڳي ’ﻬ‘ سان لکيو/ ڇپيو پيو آهي؛ ڪافي عام ڪتابن ۾ ’جهَڪ‘ جـﻫـڙا لفظ ’جـﻫـڪ‘ سان لکيا پيا آهن. ڪـﻫـڙي خبر تہ درسي ڪتابن جا ڪرتا ڌرتا يا پرنٽ ميڊيا وارا اهڙن وسرڳي اکرن سان ڪـﻫـڙي حالت ڪندا!

    ’د‘، ’ڊ‘، ’ڙ‘ ۽ ’ر‘ جـﻫـڙن منفصل اکرن سان ’وسرڳي ﻬ‘ ڪيئن لکجي، ڙهہ يا ڙﻬ، ره‍ہ يا رﻬ؟

    سنڌي صورتخطيءَ ۾ يا ڪمپوزنگ واري سوفٽ ويئر ۾ موجود فونٽن جي وائڙائپ سبب ’وسرڳي ﻬ‘ جي شڪل متّصل (ڳنڍجندڙ) واري آهي؛ جڏهن تہ منفصِل (نہ ڳنڍجندڙ) اکرن سان ’وسرڳي ﻬ‘ جو ڳنڍ ٿي ڪونہ سگهندو، نہ وري ’وسرڳي ﻬ‘ جي ڪا شروعاتي اکر واري شڪل آهي، جنـﻫـن کي منفصل اکر جي ڀر ۾ رکي سگهجي.

    بـﻫـرحال ’رهہ، ڙهہ‘ کان وڌيڪ ’رﻬ، ڙﻬ‘ واري صورت بـﻫـتر آهي، ٻي صورت ۾ درست هِجي يا سڃاڻ ۾ مونجهارا ٿين ٿا؛ جيئن: ’برهمڻ‘ ۾ ٻوليءَ جي عالمن پاران، اها سڃاڻپ ٿي ڪانہ سگهي آهي تہ ’ره‍ہ‘ وسرڳ آهي يا ’هہ‘ وينجن طور الڳ هِجي ۾ آڻجي!
    (ياد رهي تہ لفظ ’برهمڻ‘ ۾ ’ب‘ ساڪن آهي ۽ ’رﮭ‘ وسرڳ واري اعراب سان ملندي.)

    اچار/ هِجي جو مونجهارو
    جيئن ’ورهائڻ‘ ۾ ’رﻬ‘ وسرڳ جو مونجهارو آهي، جنـﻫـن بابت عام تہ ٺـﻫـيو، پر عالم بہ اندرين هنيون ويٺا آهن، تہ پوءِ ڊاڪٽر بلوچ واري راءِ جو ڪـﻫـڙو حال ٿيندو! لکجي ’دِلي دَهَڪَ‘ (اعرابن سواءِ) تہ پڙهڻ وارو پڙهـيس ’دِلي ڌَڪ‘، پوءِ تہ ٻنڀو ئي ٻئي پاسي ٿي ويندو.

    لکيل هُجي ’دهل‘ تہ پڙهڻ وارو اچار ڪڍي ’ڌل‘ تہ بہ ڳالهہ نہ ٺھي!
    سنڌي صورتخطيءَ ۾ منفصِل اکرن کي وسرڳ جي صورت ۾ لکڻ جا معاملا اڄ سوڌو طئہ ٿي ڪونہ سگهيا آهن؛ ان بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ کي مٿين مونجهارن جي امڪانن سبب ڪارآمد نہ ٿو چئي سگهجي. ان بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ايلس واري ڪاميٽيءَ ۾ موجود ماهرن وسرڳ اکرن لاءِ جيڪي ٽٻڪن ۽ ’وسرڳي ﻬ‘ واري عمل کي ٺيڪ ڄاتو، سو بلڪل درست ۽ مناسب قدم هيو؛ جنـﻫـن بابت ڊاڪٽر بلوچ اشارو ڪيو آهي.

    نتيجو:
    عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳ اکرن جي شڪلين جا ٽي نمونا آهن:
    (الف) بنا ٽٻڪن وارا: ک
    (ب) ٻن ٽٻڪن وارا: ٺ، ڌ ۽ ڍ
    (ج) چئن ٽٻڪن وارا: ڀ، ٿ، ڇ ۽ ڦ
    (د) وسرڳي ﻬ سان: جهہ ۽ گهہ
    چند عالمن جا اهي اعتراض سامهون آيا تہ اهڙن وسرڳ آوازن لاءِ اکرن جو نمونو ساڳيو هجڻ گھرجي ها، يعن ٻٽي اکر(Digraph) جي صورت ۾ هجڻ گھرجي ها.
    ڪنهن بہ ان معاملي کي علمي حوالي سان نه اکيڙيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان معاملي تي ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر مثالن ڏيڻ بعد اها راءِ رکي آهي ته اکرن ۾ ٽٻڪن ۽ ’وسرڳي ﻬ‘ جو گڏيل استعمال مناسب آهي.

    حوالا/ ذريعا
    ابڙو، آفتاب (20100) موجوده عربي- سنڌي لپيءَ جو تنقيدي اڀياس. ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ. ڪلاچي، تحقيقي جرنل. ج 13 (1)، ص: 51- 92. ڪراچي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.

    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1983) طالب المولى ڏانـﻫـن هڪ ادبي خط. ايڊيٽر: انور جوکيو، ٽماهي سنڌ- اونـﻫـارو 1983. ص: 259- 263. حيدرآباد: سنڌ اسٽڊي سينٽر.
    ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر (1985) شاهه جو رسالو . ڀٽ شاه: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
    مرزا، قليچ بيگ [1961] 2006. سنڌي وياڪرڻ (گڏيل ڀاڱا). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي (1972) ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي. ٽماهي مهراڻ، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي. ج 61 (4). ص 156- 171. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳ اکرن جي شڪلين جا ٽي نمونا آهن:
    (الف) بنا ٽٻڪن وارا: ک
    (ب) ٻن ٽٻڪن وارا: ٺ، ڌ ۽ ڍ
    (ج) چئن ٽٻڪن وارا: ڀ، ٿ، ڇ ۽ ڦ
    (د) وسرڳي ﻬ سان: جهہ ۽ گهہ

    ان تي ڪي عالم ئي بهتر راءِ ڏئي سگهندا پر وسرڳ اکرن اسان کي مونجهاري ۾ ته وڌو آهي .... بهتر هو ته سڀني وسرڳ اکرن کي بغير ه جي لکجي ها. ۽ ڪنهن اکر کي اضافي ٽٻڪا ڏئي لکيو وڃي ها. ”ک“ کي ”ڪ“ رهڻ ڏنو وڃي ها ۽ ک، گه، جه لاءِ ڪنهن اکرن کي اضافي ٽٻڪا ڏنا وڃن ها ......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو