1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    32000

شهيد ڀُٽو سان عقيدت بابا جي زباني

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2017۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,739
    ورتل پسنديدگيون:
    5,799
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    حقيقي معنى ۾ ڏِسجي ته سياست جو مقصد ئي آهي پاڻ ارپي ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ پر اهو چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، ان تي صحيح طرح سان عمل ڪرڻ لاءِ وڏي همٿ گهُرجي ٿي. پر سالن، ڏهاڪن يا وري صدين ۾ ڪي اهڙا ڏاها، سچا ۽ بردبار ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جيڪي سياست جي روح کي سمجهن ۽ ان سان انصاف ڪري سگهندا آهن. مُلڪي تاريخ ۾ اهڙن چند مثالن ۾ هڪ وڏو نالو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو به آهي جنهن جي واکاڻ کيس پنهنجي وقت ۾ سياست ڪندي روبرو ڏسندڙ اڄ به حال حيات ته ڪن ئي ٿا پر اسان جي ٽهي جنهن کيس نه ڏٺو سي پڻ سندس هر زبان تان واکاڻ ٻُڌي سندس مداح بڻيل آهن. ڇو ته هي واحد ليڊر آهي جنهن جي ذاتي ڏاهپ، ساڃاهه ۽ بردبار شخصيت توڙي پاليسين جي واکاڻ اڄ اُهي به ڪن ٿا جيڪي سندن پارٽيءَ جي موجوده قيادت توڙي پارٽي منشور خلاف آهن. چوندا آهن ته ٻار به ماءُ واکاڻيو نه پر جڳ واکاڻيو ڀلو لڳندو آهي. ايئن ئي ليڊر اُهي ڀلا جن کي پنهنجا ته ڇا پر پراوا يا مخالف به واکاڻين. جيئن ته اسان جي ٽهي شهيد ڀُٽو بابت رُڳو پڙهيو يا ٻُڌو آهي تنهنڪري اڄ هتي پڻ بابا جي زباني شهيد ڀُٽو سان منسوب دلچسپ ڳالهيون ايئن ئي لکان ٿو جيئن ٻُڌم.

    ”اسان ننڍا هئاسين. سياست وغيره ۾ ڪا ايڏي دلچسپي ڪانه هئي. منهنجي پيدائش 1952 جي آهي. مطلب ته ان وقت پاڪستان اڃان 5 سالن جو مس هو. پر آءُ پنج ڇهه سالن جو ٿيس ته ورهاڱي جي ڳالهه ماڻهو وساري چڪا هئا. هونئن به اسان جي تر ۾ ورهاڱي سان بس هڪ ئي ڳالهه اهڃاڻ طور ڪئي ويندي هئي ته سِک رهندا هئا جيڪي هتان لڏي ويا، پر اهو سو هو ته آمريت ۽ ملڪ ۾ مسئلن جو ذڪر هلندو رهندو هو. اڃان ڪجهه وڏا ٿياسين ته خبر پئي ته سنڌ ڄائو هڪ سياستدان آهي جيڪو آمرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي ۽ ترقي ڪندو وڃي وزيرِ خارجه ٿيو آهي. نه رُڳو ٿيو آهي پر چائنا سان دوستي (ان وقت هاڻوڪي چائنا ۽ تائيوان ٻنهي چائنا هجڻ جي دعوى ٿي ڪئي ۽ کين تسليم ڪرڻ ملڪن لاءِ مسئلو بڻيل هو) جي ڳالهه ٿي ڪئي جيڪا اڳتي هلي صحيح ثابت ٿي ۽ اڄ سي پيڪ تي اچي پهتي آهي. ان کان علاوه اسان مٿان ٻه ڏهاڪا اڳ غلامي جو ڳٽ لاهي هتان ويندڙ انگريز جي اڃان تائين جاري ڊڪٽيشن خلاف پڻ ڀُٽو ڳالهايو ۽ ڏاڍو سخت مؤقف رکيو ته هاڻي اسان جون پاليسيون اسان جي مرضيءَ جو هونديون. ايئن ڀُٽو جي مقبوليت وڌڻ لڳي ۽ ايتري وڌي جو برطانيه کي ان وقت جي آمر تي دٻاءُ وجهڻو پيو ته ڀُٽو کي هٽايو.

    قصو ڪوتاهه ڀُٽو کي سخت ۽ جارحانه پاليسين سبب پوندڙ دٻاءُ تحت هٽايو ويو ۽ ڀُٽي پنهنجي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان ٺاهي ۽ عوامي رابطا مُهم شروع ڪئي. ڏکڻ سنڌ ۾ دورن دوران سندن اسان جي ڳوٺ ملڪاڻي (تڏهن جي ضلعي ٿرپارڪر، هاڻوڪي بدين) لڳ جهڏو ۾ اچڻ جو اعلان ٿيو. ڇو ته ان وقت به هينئر جيان جهڏو ۽ آسپاس اردو ڳالهائيندڙ گهڻا هئا جتي ڀُٽو پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ٿي چاهي. ڀُٽو جي اچڻ جو اعلان ڇا ٿيو ڄڻ ته سڄي تَر ۾ خوشيءَ جي خبر پکڙجي وئي. هر ماڻهوءَ جي خواهش هجي ته ڀُٽي کي روبرو ڏسان ۽ کيس ٻُڌان. تنهن وقت ۾ جهڏو ملڪاڻي (13-14 ڪلوميٽر) پڪو روڊ ته هونئن ئي ڪونه هو پر فوٽ ڏيڍ جي ڌڌڙ واري رستي تي جيپن ۾ يا وري ڍڳي گاڏين تي وڃبو هو. پر اهي سهولتون به رُڳو سرنديءَ وارن کي هيون. اسان لاءِ ملڪاڻيءَ کان جهڏو وڃڻ لاءِ پنڌ هلڻ ئي واحد آپشن هوندو هو. تِن ڏينهن ڪو گهڻو ڪم نه هوندو هو ۽ واندا هوندا هئاسين پر پنهنجي چوپائي مال جي گاهه پٺي پوري ڪرڻ جي ذميداريءَ کان ڪنهن به صورت آجا نه هئاسين ۽ اڪثر نور ٽاڪيز سينيما ۾ فلم ڏسڻ لاءِ اٺ آنا هٿ اچڻ تي هم عمر ڇوڪرن جو ٽولو ٺاهي پنڌ ملڪاڻيءَ کان جهڏو وڃي فلمون ڏسي رات جو وري پنڌ واپس اچبو هو ۽ مال جي صبح جي گاهه وڍڻ لاءِ ٿورو به دير سان اُٿڻ تي مار ملندي هئي. پر ان سان ڪو فرق نه پوندو هو. ٻي دفعي وري اٺ آنا هٿ آيا ته وري به ساڳي ڪار هوندي هئي.

    جنهن ڏينهن ڀُٽي جي اچڻ جو اعلان ٿيو ته سڄي سنگت سويري ڪم ڪار لاهي تياري ڪئي. سج بيٺي پنڌ جهڏي لاءِ نڪتاسين. رستي تي ڌُڌڙ ايتري هوندي هئي جو ان تي پنڌ هلڻ ممڪن نه هو تنهنڪري رستي سان گڏ ٻنين مان هلبو هو. واٽر ڪورس مان پاڻي پيئندا فصلن ۾ بيٺل کائڻ جوڳو ڦل (وؤنڻن جي گوگڙن تائين به) کائيندا جهڏي پهتاسين ته ماڻهن جا ميڙ موجود هئا. سڀني کي انتظار هو ته ڀُٽو صاحب اچي ۽ کيس روبرو ڏسون. هن مهل تائين سندس تقريرون ريڊيو تي ٻُڌيون ۽ ان بابت گهڻن کان واکاڻ به رُڳو ٻُڌي ئي هئي. دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿياسين ته ڀُٽو کي روبرو ڏسبو.

    ٻاراڻو دماغ هو پر الائي ڇو منهنجي من ۾ هڪ نئين سُجهي ته آءُ ڀُٽي صاحب سان هٿ ملايان. ڪنهن سان ڳالهه به نه ڪيم جو خبر هئي سڀ ٽوڪيندا ته هيڏي رش ۾ ڀُٽي کي ٻيو ڪم ناهي جو توسان هٿ ملائيندو. خود مون لاءِ به اها خواهش ڪرڻ اجائي پئي لڳي پر ڀُٽي سان عقيدت جي انتها هئي. ڀُٽو آيو. ڀُٽي صاحب پنهنجي روايتي انداز سان تقرير ڪئي. غريبن جي ڀر جهلي ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. پيپلز پارٽي غريبن جي پارٽي جي ڳالهه ڪئي. ياد اٿم ته ڀُٽي صاحب جي تقرير لاءِ جتي اسٽيج ٺاهيو ويو هو اتي مرچ منڊي هئي. ڀُٽي صاحب کي بار بار کنگهه ٿيڻ لڳي ته پڇيائين هتي ڇا آهي؟ ٻُڌايو ويو ته هتي ويجهو مرچ منڊي آهي. ڀُٽي صاحب واعدو ڪيو ته مرچ منڊي ٻي پاسي شفٽ ڪري هتي پارڪ ٺاهينداسين. جيڪو اڳتي هلي پورو ٿيو ۽ اڄ به اجڙيل حالت ۾ سهي پر جهڏو ۾ ريلوي اسٽيشن لڳ ميونسپل پارڪ موجود آهي جتي اُن ڏينهن ڀُٽي صاحب تقرير هئي هُئي. آءُ ڪوشش ڪندو رهيس پر ويجهو پُهچي به پنهنجي خواهش پوري نه ڪري سگهيس ڇو ته رش تمام گهڻي هئي ۽ آءُ ماڻهن وچ ۾ اڳتي پوئتي ٿيندو رهيس پر پهچي نه سگهيس.

    واپسيءَ تي سڀ سنگتي خوش هئا. سڀني کي ايئن ٿي لڳو ته کين ڀُٽو صاحب کي ڏسي جيڪو شرف حاصل ٿيو آهي اها سندن خوش قسمتي آهي. گهر هلي وڏي فخر سان ٻُڌائيندا ته اسان ڀُٽي صاحب کي روبرو ڏسي آيا آهيون. ساڳي خوشي مون کي به هئي پر ڄڻ ته اڻ پوري ٿي لڳي. ٻاراڻي وهي جا ننڍا شوق به وڏي معنى رکندا آهن. ايئن لڳندو آهي ته اسان جيڪا هڪ ننڍڙي خواهش ڪئي آهي ان جو پوري ٿيڻ کان وڏي خوشي دنيا ۾ ٻي ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي. مون کي به ان ڏينهن ايئن لڳو ته ڀُٽو صاحب سان هٿ نه ملائي منهنجي زندگي صفا بي مزه ٿي پئي آهي.

    دل جا ارمان دل ۾ ئي هئا ته خبر پئي ڀُٽو صاحب ٻيهر ملڪاڻيءَ جي هاڻوڪي تعلقي واري شهر ٽنڊو باگو ۾ اچي رهيو آهي. خواهش ساڳي هئي، پنڌ ٻيڻو هو ۽ سنگت به لڳ ڀڳ ساڳي هئي. ڪم ڪار لاهي سوير ڀرو نڪتاسين ٽنڊو باگو ڏانهن پنڌ هلڻ جيڪو وچان شارٽ ڪٽ ڪندي به 30 ڪلوميٽر کن هو. اولياءَ خان شاهه واري درگاهه کان ٿيندا وڃي ٽنڊو باگو پهتاسين. هن دفعي آءُ سُجهندي ئي اسٽيج کي ويجهو وڃي پُهتس. ڀُٽو صاحب اچڻ سان اسٽيج تي مٿي ويٺل معزز ماڻهن مان هر هڪ سان هٿ ملايو. منهنجي خواهش وڌيڪ زور پڪڙڻ لڳي. ڀُٽو صاحب وارو اچڻ تي تقرير ڪرڻ لڳو. سڀ ٻُڌڻ لڳا. جڏهن پروگرام پورو ٿيو ته آءُ جلدي ۾ اسٽيج تي چڙهيس. ڀُٽو صاحب ڏانهن هٿ وڌايم. پاڻ هٿ ملائيندي مسڪرايو ۽ منهنجي خوشي جي ڪا انتها نه رهي هئي. چيم ”ڀُٽو صاحب آباد هوندؤ“. اُن ڏينهن ايئن لڳو ته مون هڪ وڏي خوشي حاصل ڪئي آهي جنهن جو ڪو مول ئي ناهي.

    وقت اهڙو ڦِريو جو 1977ع ۾ اسان کي ڏاڏيءَ جي زمين مان سم نالو گذرڻ تي ان جو معاوضو مليو ۽ اسان عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ سعودي عرب پهتاسين. ڀُٽو صاحب جي ڪوششن سان 1978ع کان اڳ آيل عُمري وارن کي اتي رهڻ جي قانوني اجازت ملي وئي. اسان خوش ٿياسين ۽ سالن کان سورن جي زندگيءَ ۾ سولائي اچڻ ۾ به ڀُٽو صاحب جو ڪردار هو. پر سال پوءِ ئي 1979ع ۾ جڏهن ڀُٽو صاحب کي ڦاهي جي ڳالهه ٿي ۽ بدقسمتيءَ سان اها پوري به ٿي. ان وقت جو ڏُک ٻُڌائڻ کان گهڻو آهي پر ايئن لڳندو آهي ته زندگيءَ ۾ ڏکائتي خبر ان کان وڏي ٻي ڪا به نه لڳي.“
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,581
    ورتل پسنديدگيون:
    27,083
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هو ڪرشماتي شخصيت هو .... ڀلي ته نيشنلائيزيشن واري پاليسي تي ڪيڏي به تنقيد ٿئي پر عوام ان وقت تائين مڪمل نظر انداز هو. اهو ڀٽو ئي هيو جنهن هارين ۽ مزدورن کي زبان ڏني ۽ حق ڏنا .... پر کيس وقت کان اڳ ئي رستي تان هٽايو ويو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,581
    ورتل پسنديدگيون:
    27,083
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هو ڪرشماتي شخصيت هو .... ڀلي ته نيشنلائيزيشن واري پاليسي تي ڪيڏي به تنقيد ٿئي پر عوام ان وقت تائين مڪمل نظر انداز هو. اهو ڀٽو ئي هيو جنهن هارين ۽ مزدورن کي زبان ڏني ۽ حق ڏنا .... پر کيس وقت کان اڳ ئي رستي تان هٽايو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو