چار اپريل

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    چار اپريل.... 1

    حفيظ ڪنڀر

    ( اوريانا فلاشي ڀٽو صاحب کي ڪيئن ڏٺو؟ ھن بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اندرا گانڌي جو انٽرويو ڪيو هو جنهن بعد ڀٽي صاحب هن جڳ مشهور صحافي مائي کي انٽرويو ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري، جيڪو انٽرويو پنجن نشستن ۾ ڇهن ڏينهن تائين ٿيندو رهيو ان دوران اوريانا پنڊي کان وٺي هالا، سانگهڙ، حيدرآباد تائين ڀٽي صاحب سان گڏ هئي. انٽرويو تمام دلچسپ هو پر ڇپجڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب خود پريشان ٿي ويو ۽ هن اهي ٽڪرا انٽرويو مان ڪڍائڻ ٿي چاهيا جن ۾ هن اندرا گانڌي خلاف ڳالهايو هو. بهرحال اوريانا جو اھو ڪتاب Interview with History دنيا جي بيسٽ سيلر ڪتابن ۾ شامل هو، تاريخ ۽ سياست جي شاگردن لاءِ هي ڪتاب اڄ بہ انتهائي اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ ان دور جي مشهور شخصيتن جا انٽرويوز آهن. هتي ڀٽي صاحب جي شخصيت بابت اوريانا فلاشي جا خيال پيش ڪجن ٿا تہ ھن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪيئن پروڙيو، ڏٺو. )

    *-هي ماڻهو ناقابل فهم ۽ منفرد آهي جيڪو پنهنجي موڊ مطابق نوان فيصلا ڪندو آهي.

    * زيرڪ هجڻ جي حد تائين پکڙيل ذهانت وارو، لومڙي جيان عيار، پيدائشي جادوگر، ڪنهن کي مونجهاري ۾ مبتلا ڪرڻ وارو گڏوگڏ تهذيب يافتہ ماحول ۾ وڏو ٿيل، فطري صلاحيتن سان مالا مال ۽ شائستگي سان جهنجهيل.

    * مسڪراهٽن سان ڀرپور ڀٽي منهنجو ٻانهون کولي استقبال ڪيو. هو هڪ ڊگهو، شاندار انسان نظر آيو ٿي ۽ هڪ بئنڪ ڪار لڳو ٿي….. هو پنهنجي 44 سالن جي عمر کان وڏو پئي لڳو.

    * هو هميشه اوهان کي پنهنجو هڪ چهرو پيش ڪري ٿو بلڪل ان گهڙيءَ جڏھن ھو اوهان جي تجسس هيٺ اچڻ لڳي ٿو تہ ھو پنهنجو نئون رنگ پيش ڪري ٿو.

    * ڪشاده دل، آمریت پسند، فاشسٽ ۽ اشتراڪي، مخلص ۽ ڪوڙو-

    * بي شڪ هو اسان جي دور جو انتهائي ڏکيو رهنما آهي.*هو اڪيلو دلچسپ انسان آهي جيڪو سندس ملڪ ھيستائين متعارف ڪرايو آهي. اهو ئي هڪڙو آهي جيڪو ملڪ بچائڻ جي صلاحيت رکي ٿو کڻي ٿوري ئي عرصي لاءِ ئي سهي.

    * هو بادشاھ شاه حسين( اردن )جي وڌيڪ يادگيري ڏياري ٿو، شاه حسين جيان هن تي بہ الزام هنيو ٿو وڃي تہ ھو اهڙي قوم جي رهنمائي ٿو ڪري جيڪا مصنوعي طريقي سان ترتيب ڏني وئي آهي.

    * هي رسي تي هلندڙ اهو فنڪار آهي جنهن جي هيٺ حفاظت لاءِ ڪا بہ ڄاري وڇايل ناهي. ٻي طرف هو اوهان کي جان ڪينيڊي جي يادگيري ڏياري ٿو، ڪينيڊي وانگر هن جي ذهني نشو نما ائين ٿي آهي جو هن لاءِ لفظ "ناممڪن" ڪا بہ اهميت نٿو رکي. ڪينيڊي جيان هن بہ آرام، خوشي، نعمتن سان ڀرپور ننڍپڻ گذاريو آهي.

    * هو ايوب خان جي وزيرن مان هڪ هو حالانڪ هو ايوب خان سان سخت نفرت ڪندو هو.

    * هو آغا محمد يحي خان جي وزيرن مان هڪ هو حالانڪ هو ان کي حقارت ڀري نگاه سان ڏسندو هو.

    * ڀٽي بري حالتن جي ڪڏهن بہ پرواه نہ ڪئي هو طاقت سان محبت ڪري ٿو. ان طاقت جي نوعيت بابت اندازو لڳائڻ مشڪل ڪم آهي.

    * ھن جون ڳالهيون ٻڌي اوهان کي يقين اچي وڃي ٿو تہ ھن جا جذبا هڪ سٺي مقصد لاءِ آهن ھو سوشلسٽ نظام جو نفاذ چاهي ٿو پر جڏهن اوهان ڪراچي ۾ سندس شاندار لئبرري ڏسو ٿا تہ اوھان کي خبر پوي ٿي تہ مسوليني ۽ هٽلر جي لکيل ڪتابن کي قيمتي نوادراتن جيان چاندي جي ٺهيل پوشن ۾ سجائي رکيو ويو آهي.

    *هو سانگهڙ ۾ هڪ مجموعي ۾ پرجوش خطاب ڪري رهيو هتي ڪجھ سال پهرين هو هڪ قاتلاڻي حملي مان بچي نڪتو هو. هو مائيڪ تي رڙيون ڪري رهيو هو، پهرين اردو ۾ پوءِ سنڌي زبان ۾ ۽ وڏي شوخ انداز ۾ خود کي وڌيڪ قاتلاڻي حملن لاءِ پيش ڪري رهيو هو، هي ڀٽو جذبات انگيز مقرر هو جيڪو تعريف ۽ طاقت جو بکيو هو.

    * بس وهندي ئي هو پنهنجي مشيرن، پارٽي جي وزيرن، عليحدگي پسندن سان واري واري سان مليو، هو کين ڳالهائڻ لاءِ آڱر جو اشارو ڪري رهيو هو. آخر ۾ هو هڪ غريب ماڻهو سان مليو جيڪو ھن تان قربان ڪرڻ لاءِ هڪ ٻڪري بہ ڪاهي آيو هو. هي زميندار ڀٽو هو جنهن کي مغربي تهذيب بہ بنيادي طور تبديل نہ ڪري سگهي هئي.

    * هنکي هڪ ٽوپي پاتل هئي جيڪا کيس چو اين لائي ڏني هئي. فلائيٽ جي دوران هو هيٺ بنجر ۽ اڻ پوکيل زمين لڙڪن ڀري نظرن سان ڏسي ٿو مٽي جي ٺهيل گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو تاريخ جي پراڻي دور ۾ زندگي گهاري رهيا هئا. اوچتو هو پنهنجي ڪرائي مهٽيندي خود ڪلامي ڪري ٿو "آئون لازمي طور ڪامياب ٿيندس، آئون يقينن ڪامياب ٿي ويندس" ۽ اهو مارڪسي ڀٽو آهي جيڪو نهن کان چوٽي تائين پنهنجي ملڪ مان ڏک ۽ بک ختم ڪرڻ جي خواهش سان ڀريل آهي…

    اوريانا فلاسافي پاران ورتل انٽرويو انگريزي ۾
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو