سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مخفّف‘ جو مختصر جائزو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,546
    ورتل پسنديدگيون:
    27,052
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مخفّف‘ جو مختصر جائزو

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ٻوليءَ جا ڪافي لفظ، اصطلاحن(Terms) طور ڪم آندا ويندا آهن جن ۾ ’مخفّف‘ کي به ڳڻيو ويندو آهي. هن لفظ جي بدل ۾ ’محذوف‘ لفظ به ڪم آندو ويندو، ڇاڪاڻ ته ’مخفّف‘ ۽ ’محذوف‘ لفظن جي وياڪرڻي حيثيت ساڳي يعني اسم مفعول واري آهي ۽ معنى به تقريباً ساڳي اٿس. اصطلاح جي حيثيت رکندڙ عربي ٻوليءَ جو لفظ ’مقصور‘ به ساڳي معنى ۽ حيثيت رکندڙ لفظ آهي. ليڪن اصطلاحيطور انهن جو ڪارج مختلف ٿئي ٿو.
    انگريزي لفظ abbreviation جي به ساڳي مخفّف واري مراد ورتي ويندي آهي؛ ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ مختصر روپ لاءِ ساڳي نوعيت جا اصطلاح elision ۽contraction ؛ acronym ۽ initialism؛ truncation، clipping، blends ۽ short form جا لفظ به ٿوري گھڻي فرق سان انگريزي صورتخطيءَ ۾ مستعمل آهن. اهي اٺئي لفظ Abbreviation جي دائري ۾ شامل ڪيا ويندا آهن.
    انگريزي ٻوليءَ ۾ Abbreviationn جا ڪي دائرا به مقرر آهن ۽ ان جو لغتون به ڇپيل آهن. ظاهر آهي ته ان جي مستعمل صورتخطيءَ (Orthography) ۾ به ڪا حيثيت هوندي آهي! سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان اهڙي انداز سان ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، انلاءِ ٿيڻ اهو کپي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مخفّف جا ڪي اصول ۽ دائرا متعين ڪجن ۽ ان بعد ڪي صورتخطيون مقرر ڪري ان جي ڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت تيار ڪجي! ’لغات سنڌي مخفّفات‘ مصنّف ’طالب المولى‘ ان حوالي سان سنڌي صورتخطيءَ جي گھرج پوري ڪرڻ کان قاصر آهي؛ البت، سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان مخفّفات تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ جو ڪم بيشڪ ڪيو ويو آهي. ’لغات سنڌي مخفّفات‘ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پيڙه جو پٿر هجڻ جو شرف حاصل آهي.
    ڪنهن ٻوليءَ ۾ مستعمل اهڙن لفظن جي معنى ۽ مفهوم جاچڻ لاءِ يقيني طور تي ان لفظ جو سماجي ڪارج جاچڻو پوندو آهي. ضروري ناهي ته لفظ جي جيڪا لغوي معنى هوندي ته سماج ۾ اهو لفظ ڪو لغوي مفهوم سان ڪم ايندو هجي؛ ان خيال کان ڪم ڪرڻ وري ڪنهن ٻئي باب کي کوليندو. هت سنڌي مخفّف جي دائرن متعين ڪرڻ لاءِ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
    ’مخفّف‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن لفظ جي روپ کي گھٽائڻ جو نالو آهي؛ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهي روپَ ٿلهي ليکي ٻارهن نوعيَتن/ طريقن سان ڪم آندا ويندا آهن:

    پهريون قسم: ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر وٺڻ، ليڪن ورتل اکرن جي وچ ۾ پورو دم يا ٽٻڪو ڪم آندو ويندو آهي؛ مثال:
    قبل مسيح جو مخفّف = ق. م ... (عام صورتخطي)
    غلام مرتضى سيد جو مخفّف= جي.ايم سيد ... (عام ميڊيا)
    محبوب علي جوکئي جو مخفّف = م.ع جوکيو ... (عام ميڊيا)
    پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن = پ. ٽ. الف ... (عام ميڊيا)
    (مٿئين ڄاڻايل پهرين قسم جي مخفّف ۾ ڪنهن لفظ جو پهريون اکر ورتو ويندو آهي ۽ انهن جي وچ ۾ پورو دم ڏنو ويندو آهي؛ هي نمونو اڪثر اسم خاص ۾ ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ’اڳياڙي مخفّف يا ’حرفي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو، امريڪي انگريزيءَ ۾ initialism جي ڪن مخفّفات ۾ پوري دم جو استعمال ٿيندو آهي/ هيو، جيئن: U.S.A يا U.K، جنهن ڪري هن کي ان سان ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي؛ ٻي صورت ۾ initialism ۾ عام طور تي پوري دم/ ٽٻڪي جو استعمال ڪونه ٿيندو آهي، جيئن: UNO )

    ٻيون قسم: ڪن لفظن جا صرف پهريان اکر ته وٺڻ، ليڪن ورتل اکرن کي ملائي لفظ جي صورت ڏني ويندي آهي؛ مثال:
    صلي الله عليہ وسلم جو مخفّف = صَلعَم ... (عام ميڊيا)
    سنڌي ادبي سنگت جو مخفّف = ساس ... (عام ميڊيا)
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن = سَگا ... (عام ميڊيا)
    سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن جو مخفّف = سَپلا ... (عام ميڊيا)
    گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسئيشن = گسٽا ... (عام ميڊيا)
    جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مخفّف = جِساف ... (عام ميڊيا)
    جيئي سنڌ قومي محاذ جو مخفّف = جسقم ... (عام ميڊيا)
    (مٿئين ڄاڻايل ٻئين قسم ۾ وينجنن ۽ ننڍن سرن سان گڏ ڊگھن سرن جو استعمال يعني حرف علت: ’ا، و، ي‘ جو استعمال به آهي، جنهن سان لفظ اچارڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن کي ’ملفوظي مخفّف‘ يا ’اچاري مخفّف‘ جو نالو ڏئي سگھجي ٿو. هي نمونو انگريزيءَ ۾ به آهي، جنهن کي acronym چيو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزيءَ جي خاصيتن واري initialism جهڙو تز مثال ڪونه ٿو ملي، ضرور ان جا به ڪي سبب آهن.)

    ٽيون قسم: ڪنهن لفظ جي ڪنهن آواز/ اکر يا آوازن/ اکرن کي گھٽائڻ، جنهن سان لفظ جي حيثيت ڪنهن حد تي برقرار رهي؛ مثال:
    لوهڪار جو مخفّف = لوهار/ لوهر ... (ڀيرومل، 1956: 344 )
    ڪنڀڪار جو مخفّف = ڪنڀار/ ڪنڀر ... (ڀيرومل، 1956: 344 )
    ساٿاري جو مخفّف = ساٿي ... (طالب المولى، 1991: 35)
    رولاڪ جو مخفّف = رول ... (طالب المولى، 1991: 34)
    (ٽئين قسم جي لفظن ۾ ڊگھا سُر يا ڪي وينجن آواز حذف ڪيا ويندا آهن، هن نموني جو تعلق ٻوليءَ جي مڙني لهجن سان هوندو آهي، هنن مخفّفن سان انگريزي اصطلاحن جا ترتيبوار elision، contraction، truncation ۽ Clipping جا نمونا ڀيٽي سگھجن ٿا. هن قسم کي ’محذوف مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو.)

    چوٿون قسم: لهجي آهر ڪنهن لفظ جو سسيل اچار وٺڻ، جنهن کي عام صورتخطيءَ ۾ ڪونه ڳڻيو ويندو آهي؛ مثال:
    رنڌڻو جو مخفّف = رڌڻو ... (طالب المولى، 1991: 34)
    هاڻوڪين جو مخفّف = هاڻوڪن ... (حوالوساڳيو: 81)
    ڪاتين جو مخفّف = ڪاتن ... (حوالوساڳيو: 74)
    وڙهيو جو مخفّف = وڙيو ... (لاڙي لهجي موجب/ بحر وزن جي تقطيع موجب)

    (چوٿين قسم جي مخفّف ۾ ڊگھا سر، گُھڻا سر ۽ وسرڳ ڪيرايا ويندا آهن، هن فرق جو تعلق ٻوليءَ جي لهجاتي فرق (Dialectal Variance)سان آهي. هن قسم کي ’لهجاتي مخفّف‘ يا ’رواجي مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو. انگريزي اصطلاحن elision ۽ contraction ۾ اهڙي قسم جا آواز ڪيرائڻ جا مثال ملن ٿا.)

    پنجون قسم: ڪنهن آواز جو قريب مخرج واري ٻئي آواز ۾ ضم ٿِي مشدّد ٿيڻ، جنهن جو ڪنهن حد تي مستعمل صورتخطيءَ سان تعلق هوندو آهي؛ مثال:
    بدتر جو مخفّف = بتّر ... (الانا، 1991: ر)
    اِوتِحاد جو مخفّف = اتّحاد ... (عربي صَرف جي اصول موجب)
    اِوتِفاق جو مخفّف = اتّفاق ... (عربي صَرف جي اصول موجب)
    (پنجين قسم جو تعلق ٻوليءَ جي بدل آوازن سان آهي، هن ۾ اڪثر قريب مخرج آواز ٻئي آواز جي جڳهه والاريندو آهي، هي سهل پسنديءَ وارو انداز مڙني ٻولين ۾ ڏٺو ويو آهي. خاص ڳالهه اها به نوٽ ڪرڻ واري آهي ته هن انداز ۾ اکر ته گھٽائبو آهي پر آواز گھٽائبو ڪونهي؛ اهو آواز ڀر واري آواز جي صورت وٺي مشدّد ٿي ويندو آهي. هن مخفّف جو انداز ڊاڪٽر غلام علي الانا ڄاڻايو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئي ان قسم جي مخفّف کي متقاربين ادغام ۾ ڄاڻايو آهي. (جتوئي، 1996: 83) انگريزيءَ ۾ اهڙي قسم جي عمل کي Assimilation (سَنڌي/ ادغام) جي عمل ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن قسم کي ’سَنڌي/ ادغامي مخفّف‘ يا ’مخرجي مخفّف‘ چئي سگهجي ٿو.

    ڇهون قسم: عربي صورتخطيءَ پٽاندر سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيل هڪ اکرا مخفّف، جيڪي علامت طور ڄاتا ويندا آهن؛ مثال:
    ﷺ جو مخفّف = ؐ ... (رسول الله ﷺ جن سان مخصوص ڪيل)
    عليہ السلام جو مخفّف = ؑ ... (نبين ۽ چوڏهن معصومين لاءِ مخصوص ڪيل)
    عيسويءَ جو مخفّف = ع ... (عيسوي سن سان عام لڳايو ويندو آهي، جيئن: 2010ع)
    هجريءَ جو مخفّف = هہ ... (هجري سن سان عام لڳايو ويندو آهي، جيئن: 1431هه)
    ڏهائيءَ جو مخفّف = ء ... (پراڻي رياضيءَ توڙي سنڌي نصاب ۾ ڪم ايندڙ مخفّف)
    *(سنڌي پنجون ڪتاب، 2009: 51)
    مين جو مخفّف = ۾ ... (عام سنڌي صورتخطي، ٻه اڀيون زيرون ڊگھي گھُڻي سُر لاءِ)
    اَئين جو مخفّف = ۽ ... (عام سنڌي صورتخطي، ٻه اڀيون زيرون ڊگھي گھُڻي سُر لاءِ)
    (هن قسم جا مخفّفات عربي ٻوليءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيل آهي ۽ ڪي سنڌ جي عالمن سنڌي صورتخطيءَ جي رواج ۾ آندا آهن، اهي اڄڪلهه عام طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. هن قسم جا مخفّفات صرف هڪ اکر تي مبني هوندا آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾ به هڪ اکري مخفّف جو تصور آهي، جيئن: and لاءِ & وغيره، جن کي symbols ۾ شمار ڪيو ويندو آهي؛ ان ليکي تحت هن قسم کي ’علامتي مخفّف‘ يا ’مُفردي مخفّف‘ چوڻ ئي بهتر ٿيندو.)

    ستون قسم: عربي صورتخطيءَ جا سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيل مخفّف، جيڪي ٻه يا ٽي اکرا ٿين ٿا؛ مثال:
    رضي الله تعالى عنہ/ عنہٗ = رضہ (اصحابن سڳورن لاءِ مخصوص ڪيل)
    رحمة الله عليہ جو مخفّف = رح (بزرگ هستين لاءِ مخصوص ڪيل) (سليم، 1981: 55)
    (هن قسم جا عربي ٻوليءَ وارا مخفّفات سنڌيءَ ۾ به ڪم آندا ويندا آهن. انهن کي ’توصيفي مخفّف‘ يا ’تمجيدي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. هن قسم جهڙا مخفّف انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ Clipping ۽Contraction جي اصطلاحن سان سڃاتا ويندا آهن.)

    اٺون قسم:
    الى آخره جو مخفّف = الخ ... (هي مخفّف ڪنهن ڪم جي لڳاتار هجڻ لاءِ لکيو ويندو آهي)
    افراط و تفريط جو مخفّف = افراتفري ... (عربيءَ کي مخفّف بڻائي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندو ويو.)
    نسخ و تعليق جو مخفّف = نستعليق ... (ٻن خطن کي ملائي مخفّف بڻايو ويو.)
    (هن قسم کي انگريزي اصطلاح ’Blendss‘ سان ڀيٽي سگھجي ٿو، جنهن ۾ ٻن لفظن جو مخفّف بڻائي هڪ لفظ جوڙيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ هن قسم کي’متّصل مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو.)

    نائون قسم: ڪنهن ترتيب کي ياد رکڻ لاءِ لفظن جا پهريان اکر جوڙي هٿ ٺوڪيا لفظ بيهارڻ، جن جو مستعمل صورتخطيءَ سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي؛ مثال:
    مقرب فرشتن جا نالا: جبرئيلؑ، ميڪائيلؑ، اسرافيلؑ ۽ عزرائيلؑ جو مخفّف = جِماع ... (پرائمريءَ ۾ ٻارن کي فرشتن جي ترتيب ياد ڪرائڻ لاءِ اهو طريقو ڪم آڻيندا آهن، هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري اسڪول محراب پور جي استاد اعجاز احمد ميمڻ کي پڙهائيندي ڏٺي وئي.)
    فعل جي: هئڻ، ڪرڻ، سهڻ، ٿيڻ، پوڻ جو مخفّف = هُڪسَٿِپ ... (پرائمري اسڪول محراب پور مان نوٽ ڪئي وئي.)

    جاندار جون خاصيتون: ساه کڻڻ، کاڌو کائڻ، واڌ ڪرڻ، چرپر ڪرڻ، نسل وڌائڻ، احساس رکڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جو مخفّف = سِکوچُنان ... (هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري استاد ترتيب ياد ڪرائڻ لاءِ ياد ڪرائيندا آهن. هيءَ پڻ استاد اعجاز احمد ميمڻ وٽان نوٽ ڪئي وئي.)

    سيارو- ربيع، اونهارو- خريف جو مخفّف = سِراخ ... (هيءَ ٽيڪنڪ پرائمري استادن پاران عام طور تي ٻارن کي ياد ڪرائڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي، هيءَ پڻ استاد اعجاز احمد ميمڻ کي پڙهائيندي ڏٺي وئي. هن ٽيڪنڪ جو واسطو لفظن جي ترتيب سان هوندو آهي، اهو انداز انگريزيءَ ۾ به آهي، جيئن: رياضيءَ ۾ ڏنگين ڇڏائڻ واري ترتيب لاءِ BODMAS وارو مخفّف ياد ڪرايو ويندو آهي، جنهن جا اصل لفظ هوندا آهن: Braces، of، Division، Multiplication، Addition ۽ Subtraction؛ يا انڊلٺ جي رنگن جي ترتيب جيڪا Wave length جي ليکي تحت هوندي آهي ان ترتيب کي ياد ڪرڻ لاءِ VIBGYOR جو لفظ ڪم آندو ويندو آهي. هن مخفّف کي’تدريسي مخفّف‘ يا ’ترتيبي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. انگريزيءَ ۾ مبادا Short form ان قسم لاءِ ڪم آندو ويندو هجي!)

    ڏهون قسم: ڪنهن قاعدي پٽاندر ڪن اکرن کي ياد رکڻ لاءِ پاڻ ۾ جوڙي ڪو هٿرادو لفظ ٺاهڻ؛ مثال:
    ’ي، ت، س، م، ن، و، ا‘ = ’يتسمنوا‘/ ’ناموسيت‘ ... (عربي لفظن جي بنياد لهڻ لاءِ زائد اکرن جو مجموعو)

    الف، بي، جيم، دال = ’ابجد‘ / الف، بي، تي، ثي = ’ابتث‘ ... (آئيويٽا جي ترتيب کي ياد رکڻ لاءِ)

    يا، را، ميم، لام، واو، نون = ’يرملون‘ ... (ادغام جي عربي قاعدي موجب اکرن جو مجموعو، جنهن جا ٻه قسم آهن: ۱، ادغام ناقص مَع الغنه ۲، ادغام تام بِلا غنه.)

    يا، نون، ميم، واو = ’يـنـمـو‘ ... (عربيءَ ۾ انهن اکر وارن حرفن وقت نون کي غنو ڪري پڙهبو. ان کي ’ادغام مع الغنہ‘ چئبو آهي؛ مثلاً: مِنۡ يَّومٍ، مِنۡ نُّورٍ، مِنۡ مَّلَڪٍ، مِنۡ وّالٍ. (سرهيو، 1976: 31)
    (مٿئين ڄاڻايل ڏهين قسم جي مخفّف ۾ ڪنهن اصول کي ياد ڪرڻ لاءِ گھربل آوازن/ اکرن کي پاڻ ۾ ملائي لفظ کي هٿرادي صورت ڏني ويندي آهي ۽ ان کي ڪنهن حد تي صورتخطيءَ ۾ به جاءِ ڏنل هوندي آهي. هن ٽيڪنڪ جو واسطو اکرن سان هوندو آهي. هيءُ ’قاعدي وارو مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. هيءَ ٽيڪنڪ گھڻي قدر عربي ٻوليءَ ۾ ڪم آندي ويندي آهي.)

    يارهون قسم: ڪنهن لفظ يا لفظن جي مجموعي جا ابجدي تعداد ڪڍڻ سان مخفّف بيهارڻ، جيڪو عام رواج ۾ مستعمل به هجي؛ مثال:
    • ’ ‘ جو مخفّف = 786 ... (ابجد موجب عددن سان مخفّف بڻايو ويو)
    • ’يا علي مدد‘ جو مخفّف = 1100 ... (ابجد موجب عددن سان مخفّف بڻايو ويو)
    (هن قسم جو مخفّف به عربي آئيويٽا جي ابجد ترتيب تحت ڪنهن به لفظ، جملي يا فقري جو ابجد جي عددن موجب جوڙ بيهاريو ويندو آهي. عربيءَ ٻوليءَ جي تقليد موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪم آندو ويندو آهي. هن کي ’ابجدي مخفّف‘ ئي چئي سگھجي ٿو.

    ٻارهون قسم: ڪنهن لغت/ فرهنگ ۾ چند علامتن جي صورت ۾ مخفّف ترتيب ڏيڻ، جيڪي مخصوص لغت سان لاڳو سمجھي ويندي آهي؛ مثال:
    سنسڪرت جو مخفّف = سن ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    هندي ٻوليءَ جو مخفّف = هہ ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    پراڪرت ٻوليءَ جو مخفّف = پرا ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    بلوچي ٻوليءَ جو مخفّف = بل ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    انگريزي ٻوليءَ جو مخفّف = انگ ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    عربي ٻوليءَ جو مخفّف = ع ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    فارسي ٻوليءَ جو مخفّف = ف ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    اترادي لهجي جو مخفّف = (ت) ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    لاڙي لهجي جو مخفّف = (ل) ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    ڪوهستاني لهجي جو مخفّف = (ڪ) ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    ٿري لهجي جو مخفّف = (ٿ) ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    لسٻيلي جي لهجي جو مخفّف = (لس) ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    مذڪر جو مخفّف = ذ ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي)
    مؤنث جو مخفّف = ث ... (لغتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي) وغيره.
    (جامع سنڌي لغات، 1960: و ۽ز)
    (هن قسم جا مخفّفات لغتن يا فرهنگن ۾ نشانين/ علامتن طور ليکڪ/ مرتِّب ترتيب ڏيندا آهن، جيڪي گھڻو ڪري مخصوص متعلقه لغتن يا فرهنگن سان لاڳو سمجھيون وينديون آهن يا گھڻي قدر سنڌي لغتن ۾ ساڳيا مخفّف به ڪم آڻيندا آهن. هن کي ’لغاتي/ فرهنگي مخفّف‘ چئي سگھجي ٿو. انگريزيءَ ۾ اهڙي قسم لاءِ abbreviation جو لفظ/ اصطلاح ئي ڪم آيو آهي.)

    ٿلهي ليکي مخفّف جا اهي ٻارهن (12) انداز/ قسم محسوس ڪيا ويا آهن. جن تي لسانيات جي ماهرن پاران باقاعده ڪم ٿيڻ گھرجي. ڏٺو اهو ويو آهي ته علم عَروض يا ڇَند وِديا ۾ آوازن جي تخفيف يا انهن جي ماپ تور تي ٻوليءَ جي اصولن تحت ڪم ڪونه ٿيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفّف‘ کان به اسان جو نئون نسل چڱيان واقف ناهي يا ائين کڻي چئجي ته ان لاءِ اسان ڪي دائرا يا صورتخطي مقرر ڪونه ڪئي آهي.
    اهو خيال ذهن ۾ رکي لفظ مخفّف ۽ ان جي قريب معنى رکندڙ لفظن جو اشتقاق ۽ معنى مفهوم جاچي ان کي ٻوليءَ جي ماهرن اڳيان تنقيد لاءِ پيش ڪجي ٿو ته جيئن لفظ ’ مخفّف‘ جو مفهوم چڱيان واضح رهي ۽ ان جا ڪي اصول متعين ٿي سگھن.
    مُخَفَّف: [ مُخَفَّف- مُفَعَّل- اسم مفعول ( خَفَّ = هو هلڪو ٿيو)] هلڪو ڪيل، گھٽايل، ڇڻيل، ڇانگيل؛ جيئن: ’انشاء الله‘ جو مخفّف ’شال‘
    مَحذُوف: [ محذوف- مَفعُول- اسم مفعول- (حَذَفَ = هن ڪيرايو)] ڪيرايل، گھٽايل، پري ڪيل؛ علم عَروض موجب ڪنهن وزن مان سبب خفيف (ٻه آواز هڪ متحرڪ ٻيو ساڪن يعني ٻه حرف) ڪيرايل؛ جيئن: ’مفاعيلن‘ مان ’مفاعي/ فعولن‘.
    مقصُور: [مقصُور- مَفعُول- اسم مفعول (قَصَرَ = هن گھٽايو، محدود ڪيو، ننڍو ڪيو)] گھٽايل- سُسايل، ننڍو ڪيل- محدود ڪيل- علم عَروض موجب: ڪنهن وزن مان سبب خفيف جو آخري ساڪن آواز يعني هڪ حرف گھٽايل؛ جيئن: ’مفاعيلن‘ مان ’مفاعيل‘.
    ڄاڻايل ٽي اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا ويندا آهن، جن جون معنائون تقريباً ساڳيون ئي بيهن ٿيون؛ ليڪن مفهوم يا سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج آڌار مختلف آهن. منهنجي خيال ۾ مخفّف هڪ جامع لفظ آهي جنهن ۾ مختلف اندازن سان گھٽايل/ سُسايل لفظ شمار ڪري سگھبا آهن. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’محذوف‘ و ’مقصور‘ علم عَروض موجب ڪنهن وزن کي گھٽائي شعر ۾ لفظ کي هم- وزن بيهاريو ويندو آهي. واضح رهي ته شعر جي تقطيع جو واسطو اکرن سان نه پر آوازن جي تور سان آهي، جنهن کي اسين عام سمجھ موجب اکرن جو ڪيرائڻ چوندا آهيون. ان کان علاوه شعر جي ’تقطيع‘ ۾ به اهڙا آواز ڪيرائڻا هوندا آهن جن سان لفظ جي معنى توڙي مفهوم ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي. اهڙن اصطلاحن موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ لهجاتي فرق سبب ڪنهن لفظ ۾ سُر، گُھڻا سر، مختفي ’ه‘ يا وسرڳ ڪيرائڻ شامل ڪري سگھجن ٿا. واضح اهو ٿيو ته ’مخفّف‘ جي لفظ جو دائرو وسيع آهي، جڏهن ته ’حذف‘ يا ’قصر‘ ڪرڻ جو دائرو صرف آوازن جي وزن سان منسلڪ هوندوآهي. ان صورت ۾ ڪنهن لفظ مان ڪو آواز ڪيرائڻ لاءِ ’حذف‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويو آهي/ آڻڻ کپي.

    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مخفف‘ جا ٻارهن قسم نوٽ ڪيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان لغتن تي ڪم ڪندڙن/ دلچسپي رکندڙن لاءِ هن قسم جي لغتن لکڻ يا مخفف جي لفظن سهيڙڻ جي گذارش ڪجي ٿي....

    حوالا/ ذريعا:
    آڏواڻي ڀيرومل مهرچند (19566) - سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    الانا غلام علي، ڊاڪٽر (1991)- مقدمو، لغات سنڌي مخفّفات- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    محمد زمان طالب المولى، مخدوم (19911)- لغات سنڌي مخفّفات- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
    سنڌي پنجون ڪتاب (2009)- سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو.
    عبدالهادي سرهيو (1976ع)- علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو.
    بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (19600)- جامع سنڌي لغات، جلد پهريون- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
     
    شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو