سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ننڍپڻ ۾ سائيڪل تي سواري ڪندي هميشه لطف ملندو هو۔۔۔ پر بابا سائين جي نصيحتن کان ۽ امڙ جي دڙڪن جو ڊپ به رهندو ئي هو۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو سواري ڏاڍي مزيدار هوندي هئي ان ڪري لڪي ڇپي گهر وارن کان اک بچائي سائيڪل ٻاهر ڪڍي گهمڻ جو مزو وٺڻ لاءِ اڪثر مون کي وحيد کي پنهنجي جيب خرچي به ڏيڻي پئجي ويندي هئي۔۔۔۔ (ته جيئن راز راز رهي)
    هاڻي جڏهن پنهنجا ٻار ان عمر کي پهچندي ٿا ڏسون ۽ سندن شوق به ساڳيا ۽ وري فرمائيش به سائيڪل جهڙي ته احساس ٿو ٿئي ته امڙ ۽ ابا کي اسان جو ايترو فڪر ڇو هيو۔۔۔
    پر اڄ جي جديد دور ان جو به حل ڳولي ورتو۔۔۔ ها سائين سائيڪل کي سواري طور هلائڻ کي جتي چين جهڙي ملڪ ۾ اهميت ڏني ٿي وڃي۔۔۔ جن مطابق پيٽرول جي بچت، ماحول جي آلودگي ۾ ڪمي ۽ پئسن جي بچت صرف سائيڪل جي سواري ۾ آهي اتي ڪافي اهڙا ملڪ به آهن جتي سائيڪل سواري رِسڪي ڪم به آهي۔۔۔۔
    هونڊا ڪمپني اهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ننڍي توڙي وڏي جي هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ايڪسرسائيز جهڙي اضافي خوبي سان هڪ اهڙي سائيڪل تيار ڪري ورتي آهي جنهن کي انڊور سائڪلنگ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو۔۔۔۔
    تصوير ڏسي تصور ۾ ئي مزو وٺو ڇو ته في الحال هي سائيڪل خريد ڪرڻ پنهنجي وس ۾ ناهي۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    سائين اهي وڏن ماڻهن جون سائيڪلون آهن۔۔ پنهنجي سائيڪل ته ٻه ڦيٿي آهي۔۔ جيڪا هلائڻ ۾ جيڪو مزو آهي۔۔ ڪٿي ڪونه ٿو اچي۔۔ پهريون ڀيرو مون 18 سالن جي عمر ۾ سائيڪل هلائي هئي سا به شاخ جي ڪپر تي۔۔۔ ڊپ ته ڏاڍو هيم پر هلائي ويم۔۔۔ مون وارو ماسات هر هر ڊڄ مان لهي پئي ويو۔۔ اڌ ته ساهه ان به سڪائي ڇڏيو۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    ادا سائين مونکي ياد آهي ته مون ننڍپڻ ۾ ٽن ڦيٿن واري سائيڪل هلائي هئي ۔۔۔ ان سائيڪل هلائڻ ۾ به وڏو مزو ايندو هو ۽ ها لاڙڪاڻي کان موئن جي دڙي جا ڪجهه چڪر دوستن سان گڏ سائيڪل تي ڏيڻ ۾ به وڏو لطف آيو هو ۔۔۔ رشيد صاحب جي هي سائيڪل ته اڃان عام ناهي ۽ اميد ته اسانجي اولاد جو اولاد شايد وٺي سگهندو ۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٻي خبر پڙهي هئي ته هلٽن هوٽل وارن پنهنجي لابي ۾ ورزش لا ڪجه سائيڪلون رکيون آهن ۔۔۔ جنهن تي لکيل آهي ته ورزش به ڪيو ۽ هڪ وقت جو کاڌو مفت ۾ پڻ کائو ۔۔۔
    سائيڪل جو راز اهو آهي ته ان سائيڪل جي هلائڻ سان بجلي پئدا ٿئي ٿي ۽ اها بجلي جمع ڪري هوٽل جي معاملات ۾ خرچ ڪري بجلي جي بچت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان بچت مان مهمانن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو ۔۔۔ آهي نه بچت جي بچت، صحت جي صحت ۽ مزي جو مزو ۔۔۔ ان کي چوندا آهن ترقي يافته قومون ۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    ادا رشيد صاحب ويٺي ويٺي توهان ڪهڙيون يادون ڏياري ڇڏيون، ڇا ته اهو زمانو هو، جنهن ۾ نه ڪا پريشاني هئي نه ڪو فڪر۔ ڀاء انهيء وقت ۾ مان ۽ منهنجو سوٽ اشفاق احمد وگهيو دادو شهر ۾ پنهنجي پاڙيسري سائيڪل دڪاندار ( ادڙي سائيڪل واري ) کان ڪرائي تي سائيڪلون کڻندا هواسين، ڇو جو هڪ ته والدين جو خوف هوندو هو ٻيو ته گهر ۾ سائيڪل ته هئي مگر اها وڏي هئي ۽ اها اسان جي هلائڻ وس نه هئي، (اهو ادڙو سائيڪل وارو اڄ به موجود آهي، ۽ 20 سال سال گذرڻ کانپوء به ان کي ادڙو سائيڪل وارو سڏيو ويندو آهي۔) ۽ ڪرائي جي سائيڪل اڌ ڪلاڪ جا 50 پيئسه ڏئي ڪري سائيڪل هلائيندا هواسين، ڀاء رشيد انهن ڏينهن جو به پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪرڻ کان مٿاهون آهي۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    سائين پاڻ وارا ٻئي مشهور و معروف فقير ۔۔۔ الانٽرنيشنل فقير ۽ الجهونو فقير گهڻن ڏينهن کان غائب آهن لڳي ٿو ته هلٽن هوٽل جي سائيڪل پلٽن ۾ شامل ٿي مزا، صحت ۽ کاڌو ماڻڻ جي جنگ ۾ لڳا پيا آهن
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    ۽ جي ٻئي فقير ان ڌنڌي ۾ لڳا ته هلٽن وارا بجلي پوري ملڪ کي ۽ بعد ۾ پوري دنيا کي مهيا ڪندا ۔۔۔

    هيٺ هڪ سائيٽ ڏيانٿو جنهن ۾ بجليءَ تي هلندڙ سائيڪلون آهن، ڪلڪ ڪيو ۽ ڏسو
    http://www.metacafe.com/watch/2517451/pedego_comfort_cruiser_electric_bikes/
     
  7. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    واه ادا رشيد صاحب واه
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    اهو لمحو به دسنو بيو جو اوهان اسانجا برانا زخم تازا كري جديا جدهن دكري كاليج كندهكوت م الاجي كيترا دهك كادها بر اج تائين اها سائيكل صحيح طرح هلائن نه آئي جديد دور جا ته جهاز به هلائي بر اها سائيكل!
     
  9. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    جواب: سائيڪل

    واه ادا طاهر واه دنيا وڃي چنڊ تي پهتي توهان اڃان سائيڪل جي ڳاله ٿا ڪريو۔
     
  10. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    ادا نثار صاحب سائيڪل جي سواري به هڪ بهترين سواري آهي۔ ادا لڳي ٿو ٿا ته وري به سائيڪل جو دور ايندو
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائيڪل

    بس ادا نادر اهي ڦٽ تازا نه ڪر
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    سائين بلڪل ۔۔۔ مان ته چوان ٿو اسان کي چندو ڪري خُدو ڪَلَي جي هوٽل تي ٻنهي فقيرن جي لاءِ هلائڻ لاءِ اهڙين ٻه عدد سائيڪلن جا آرڊر ڏئي ڇڏڻ گهرجن۔۔۔۔۔
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    ڇا ايئن ڪرڻ سان سنڌ مان لوڊ شيڊنگ ختم ٿي ويندي يا وري رهيو کهيو نور به هليو ويندو، ڇاڪاڻ جي خبر پئي پنجاب ۽ مرڪز کي ته فقيرن جا حق ۽ واسطا سنڌ کان کسيا ويندا ۽ پوءِ فقيراڻي بجلي به هٿن کان ويندي ۔۔۔ انڪري پهريان سنڌ آزاد ڪرايو پوءِ فقيراڻي بجلي پئدا ڪريو ته ڪو فائدو ٿئي نه ته انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔
     
  14. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    وائو وائو
     
  15. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    واهه واهه رشيد صاحب تمام بهترين سائيڪل آهي۔۔
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائيڪل جي سواري۔۔۔۔

    نه سائين اهڙي ڳالهه جي نوبت ئي نه ايندي۔۔۔ ٻين صوبن ۾ "شريف" فقير ويٺل آهن، جن جي اڳيان اسان جي ٻنهي فقيرن جي هڪ ئي ڪانه هلي۔۔۔
    هنن شريف فقيرن وٽ اڄ ڪلهه نئين ٽيڪنالوجي تيار ٿئي پئي جنهن ۾‌لوٽن ذريعي بجلي تيار ڪئي وڃي ٿي۔۔ ۽ اها بجلي جنهن جي مٿان ڪري ٿي ان کي ڪرسي سميت جلائي ڀسم ڪري ڇڏي ٿي۔۔ انهيءَ‌ کان علاوه ٻيا به کوڙ ئي فقير آهن۔۔۔ جيئن فضلو فقير۔۔۔ عِمرو فقير، شجو فقير۔۔۔ اڃان ته مشرو فقير ڏيهه واپس ورڻو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو