سنڌي صورتخطيءَ بابت ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ جو تحقيقي جائزو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,546
    ورتل پسنديدگيون:
    27,052
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي صورتخطيءَ بابت ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ جو تحقيقي جائزو

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي علم و ادب تي ڪم ڪندڙ شخصيتن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آهي. سنڌي علم و ادب ۾ چند ماڻهو اهڙا ٿي گذريا آهن جن مختلف موضوعن تي ساڳي تارَ سان پِئي ڪم ڪيو آهي، تن ۾ مرزا قليچ بيگ مرحوم جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي، اهڙين مخصوص صفن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو به وڏو نالو آهي. صاحب موصوف سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردو ٻولين جو پڻ سٺو ڄاڻو هو؛ مختلف ٻولين تي لکيل سندس ڪتاب ان ڳالهه جا ساکي آهن.
    بظاهر ڊاڪٽر بلوچ ’ايڊيوڪيشن‘ (تعليم) جو ماڻهو هو، ليڪن هن بزرگ سنڌي ادب ۽ علمن جي مختلف پـﮨـلوئن: ’لوڪ ادب‘، ’لغت‘، ’لطيفيات‘، ’ڪلاسيڪي شاعري‘، ’سنڌي موسيقي‘، ’سنڌي ثقافت‘، ’تاريخ‘، ’لسانيات‘ وغيره تي هڪ اداري جي حيثيت ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي.

    وچولو لهجو/ معياري لهجو ۽ صوتيات موجب صورتخطيءَ جا مونجھارا
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب بنيادي طور تي حيدرآبادي لهجي جو ماڻهو آهي، ليڪن پاڻ حيدرآباد جي لهجي کي ’وچولي‘ ۾ شمار نه ٿو ڪري؛ اها سندس وڏ- جگري ۽ حقيقت پسندي آهي، جنهن مان سندس سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اون ظاهر ٿئي ٿي.
    سنڌي صورتخطيءَ جي سڌاري ۽ بـﮨـتريءَ لاءِ اون رکندي ۽ لسانيات جي محققن لاءِ فڪري دعوت ڏيندي، شڪايت جي انداز ۾ لکيو آهي ته: ”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گھڻي حد تائين حيدرآباد واري شـﮨـري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانهن گھٽ توجه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون. اڳيان عالم، انهن سنڌي اچارن لاءِ جن ۾ ’ر‘جو آواز سميٽيل هو تن لاءِ ’ر‘ وڌائي لکندا هئا، جيئن: چنڊر، پٽر، کنڊر وغيره، پر حيدرآبادي محاوري ۾ اهڙا لفظ چنڊ، پٽ، کنڊ ڪري اچاربا هئا. انهيءَ ڪري ڪتابن ۾ پڻ انهن اچارن سان ’ر‘ کان سواءِ لکيا ويا. اهڙيءَ طرح ’هه‘ سان سميٽيل اچارن: ڙﮩـه، مهه، لهه، نهه، ڻهه وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف- بي ۾ مستقل اچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهن ڪري نئين صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اهي اچار غلط نموني ۾ رائج ٿيا. زيرون زبرون (اعرابون) ختم ڪيون ويون، جنهن ڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجھڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘ سان سميٽيل اچارن توڙي ’ن‘ جي غنائيءَ وارن اچارن کي صورتخطيءَ ۾ صحيح هِجي سان بيـﮨـارڻ طرف ڌيان نه ڏنو ويو. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي، جو سنڌي صورتخطي ڪنهن حد تائين معياري ٿي، مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجھڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.“ (بلوچ، 1992: 15- 16)
    ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته حيدرآباد وارو لهجو ’وچولي لهجي‘ جي زمري ڪونه ٿو اچي! بلڪ ٻوليءَ جون واڳون ان لهجي جي هٿ وس هجڻ سبب صورتخطيءَ جا ڪافي مونجھارا اڄ سوڌو مونجھاري جي وَر چڙﮩـيل آهن. بلوچ صاحب جي راءِ مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته حيدرآبادي لهجي کي سرڪاري طور ’معياري لهجي‘ جي شرف سان نوازيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل مونجھارن ۾ وچولي لهجي جي تعيّن کان علاوه ٽن وينجنن ۽ ٻن سُرن جي گروه جا مونجھارا سامهون اچن ٿا؛ جن جو تفصيل هيٺين ريت رکي سگھجي ٿو:

    (الف) وچولي لهجي جي تعيّن وارو مونجھارو: ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب حيدرآبادي لهجو وچولي ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي، ته پوءِ: وچولو لهجو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

    (ب) ٽن وينجنن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجھارو:
    مورڌني صوتين: ٽر، ڊر ۽ ڍر جو مونجھارو؛
    ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جو مونجھارو.
    وسرڳن جو مونجھارو؛

    (ج) ٻن سُرن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجھارو
    زيرن زبرن (اعرابن) وارو مونجهارو؛
    ’ن‘ گُهڻي جو مونجھارو.

    مٿين نڪتن تي علم صوتيات جي حوالي سان ڪافي عالمن جو ڪم سامهون اچي ٿو، ليڪن سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اوڻايون برقرار آهن، جن ڏانهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب اشارا ڪيا آهن. سندس اشارن تي ڪيل ڪم جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

    وچولي لهجي جي تعيّن وارو مونجھارو
    ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب حيدرآبادي لهجو وچولي ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي، ته پوءِ:
     وچولو لهجو ڪـﮨـڙو ٿي سگهي ٿو؟
    ڊاڪٽر بلوچ واري ساڳي ڳالهه ڪاڪي ڀيرومل صاحب هيئن ڪئي آهي: ”حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو سبب ١٨۵٣ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ هنن اهائي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي؛ تنـﮨـنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي.“ (ڀيرومل، 1956: 93- 94)
    پروفيسر ڀيرومل صاحب جي راءِ: ’حيدرآباد … تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، تنهـنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي‘ مان اهوئي خيال ملي ٿو ته ٻوليءَ جي لهجن آهر ’حيدرآباد‘ تي ڌار ڪو نالو هجي ها، پر ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، جنهن سبب وچولي ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. پروفيسر ڀيرومل جو ’هڪ قسم جي زوراوِريءَ‘ ڏانهن اشارو آهي؛ ٻئي پاسي ڀيرومل صاحب ساهتي پرڳڻي کي وچولي ۽ معياري لهجي جو ڀائيندي لکي ٿو ته: ”وچولي ۾ ساهتي پرڳڻو يعني نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊيارو وغيره اچي وڃن ٿا.“ (ڀيرومل، 1956: 94)
    واضح رهي ته ڪافي عالمن ساهتي پرڳڻي جي ٻوليءَ کي وچولي ۾ شمار ڪيو آهي، جهـڙوڪ: پروفيسر علي نواز جتوئي، مسٽر کيمچند هيراڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، محترم نصير اعجاز. ان کان علاوه اها به ڳالهه ڪندي هلجي ته ڪوبه اهڙو عالم ڪونهي، جنهن وچولي جي دفعي ۾ ساهتي کان اختلاف رکيو هجي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ پروفيسر ڀيرومل صاحب جا حوالا سامهون آهن، جن حيدرآبادي لهجي کي وچولي ۾ هجڻ کان اختلاف ڏيکاريو آهي.

    ٽن وينجنن جو صوتياتي حقيقتن موجب صورتخطيءَ وارو مونجھارو
    مورڌني صوتين: ٽر، ڊر ۽ ڍر جو مونجھارو
    گريئرسن ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مثالن آڌار، ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي راءِ ڏيکاريندي لکي ٿو ته: ”[ر] جو ادغام سنسڪرت مان آيل لفظن ۾ موجود هو ۽ سنڌيءَ ۾ به قائم رهيو؛ جيڪو مائٽر، مِٽر، چنڊر، کنڊر وغيره ۾ موجود آهي. اهي لفظ اڄ تائين سڄي سنڌ ۾ ائين ڳالهائجن ٿا ۽ ائين ئي لکڻ کپن. حقيقت ۾ /ٽ/ ۽ /ٽر/ يا /ڊ/ ۽ /ڊر/ جدا جدا صوتيه آهن ۽ ٻوليءَ ۾ هرهڪ جي پنهنجي جاءِ آهي، مثلاً: پَٽُ = ميدان ۽ پَٽر= لوهو پٽر، منڊُ = پير يا ٽنگ جو ۽ مَنڊُر = ٽوڻي ڦيڻي جو.“ (بلوچ، 1999: 259- 260)
    ڊاڪٽر بلوچ جي نظر ۾ /ٽ/ ۽ /ٽر/ يا /ڊ/ ۽ /ڊر/ جدا جدا صوتيه آهن، ظاهر آهي ته صوتيه ڪنهن آئيويٽا/ رسم الخط ۾ الڳ سان شڪل/ اکر جي گھرج ڏيکاريندو آهي. ڪڇي لهجي ۾ ٽ ۽ ٽر جو هڪ بدل آواز [تر] آهي، جيئن لاڙي/ حيدرآبادي لهجي ۾ صرف هڪ آواز [ٽ] آهي. جنهن صورت ۾ اهڙا آواز جيڪي ڪن لفظن ۾ معنوي فرق رکندا آهن ان صورت ۾ ان کي صوتيو ڪوٺيو ويندو آهي. جيئن:
    اوٽ = پناهه، پردو، اولو، بچاءُ، ڇانوَ، اجھو، رنڊڪ وغيره.
    اوٽرَ = اٽڪل، اندازو، ڌُڪو، قياس، انومان.
    مِٽي = زمين، ڀونءِ، خاڪ، ڌوڙ، لَٽ، کِههَ وغيره.
    مِٽرِي = رشتو، عزازت، سڳائي، رستو، سٻنڌ، ناتو، ڳانْڍاپو وغيره.
    سوٽُ = خشڪ، ڪڙڪ، ٺوٺ، سخت، ڏاڍو، مضبوط وغيره.
    سوٽرُ = چاچي جو پٽ، زال جي مڙس لاءِ رسمي نالو.
    کوٽَ = دغا، ٺڳي، ڊروه، ڪپت، فريب، مڪر وغيره.
    کوٽرَ = کوٽڻ جي حالت، کوٽهڙو وغيره.
    وٽَ = وزن تورڻ جا ماپا، تورو، مرداڻي پاڪيزگيءَ لاءِ کنْيل ڀترَ، پيٽ جا سور، رسيءَ جا وٽَ.
    وٽرَ = نئينْ مند ۾ لٿل ميوو، انّ يا کاڌي جي شيءِ.
    ٽَڪو = ٻن پئسن وارو سڪو، ٽڪو پيسو.
    ٽرَڪو = گندو ٿيل، ڪِنو، وِسوڻو.
    ٽِڪو = زائفاڻون زيور، داغ
    ٽرِڪو = وڄت جو انْگ، ٽن جو مجموعو
    کٽِي = اها شيءِجنهن جي چکڻ سان کٽاڻ/ اگراڻ جو احساس ٿئي.
    کٽرِي = ڪپڙن ڌوئڻ وارو ڪاريگر.
    ٽوپَ = مٿي تي پائڻ واري شيءِ جو جمع.
    ٽروپَ = چتي، ڪنهن کي ڪو نقصان ڏيڻ.
    سٽَ = رٿ، ارادو، پهہ.
    سٽرَ = ڪاغذ تي لفظن سان لکيل/ لکڻ لاءِ نڪتل ليڪ. (هي لفظ اصل عربيءَ جي ’سطر‘ تان ورتل آهي؛ ان ڪري سنڌيءَ ۾ ’ر‘ جي ادغام سان هجڻ ئي مناسب آهي؛ جڏهن ته لاڙي/حيدرآبادي لهجي موجب اهو لفظ ’سِٽ‘ لکيو/ پڙﮭـيو ويندو آهي.)
    هڪ- اڌ /ڊر/ ۽ /ڍر/ جا مثال:
    ڏڍ = دلاسو، آسرو، ٽيڪ
    ڏڍۡرُ = گول پڙي هڻندڙ چمڙيءَ جي بيماري
    واڍ = ڪٽائي يا وڍڻ جو عمل
    واڍۡرِ = رَسو
    (مٿين مثالن مان /ٽ/ ۽ /ٽر/، /ڊ/ ۽ /ڊر/ ، /ڍ/ ۽ / ڍر/ جي مَٽ سان لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ٿيو، انلاءِ لاچار انهن کي بدل آواز(Allophone) جي بجاءِ صوتيو ئي چوڻو پوندو.) البته اترادي لهجي ۾ [ٺر] جو ڪم ايندڙ آواز سان ڪوبه اهڙو لفظ ناهي جيڪو ’ر‘ جي لار کان سواءِ لفظ سان معنوي فرق رکندو هجي، ان صورت ۾ علمي طور تي [ٺر] کي بدل آواز (Allophone) ئي چوڻو پوندو.
    علمي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ ئي آهي جنهن نه رڳو مذڪوره آوازن کي تسليم ڪيو بلڪه عالم آشڪار ڪافي عالمن جي ’ملامت سِر تي کڻي‘ انهن کي عملي طور ڇاپي ۾ به آندو. سندس لکيل ڪتاب (مختلف ادارن توڻي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ان جو ثبوت آهن.

    ڊاڪٽر بلوچ وٽ مورڌني آوازن جو حل
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’ر‘ جي لارَ وارن صوتين جي حوالي سان انگريزي دؤر واري ترتيب ڏنل آئيويٽا کان اڳ، ڪم ايندڙ عالمن جي متعيّن ٿيل اکرن بابت ڄاڻائي ٿو ته: ” ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ ٻئي روزمره جي سنڌي ٻوليءَ جا مخصوص اچار تسليم ڪري، انهن صوتين جي صورتخطي پڻ ’ر‘ جي اضافي سان قائم ڪئي وئي هئي؛ جيئن:
    ٽري، ٽِرئو، ٽريئي، پٽر، مائٽر، آڳاٽرو.
    ڊريگھ، چنڊر، سمنڊر، جنڊر.“ (بلوچ، 1999: 443)
    اهڙي آميزشي ’ر‘ لاءِ 800 واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ڪوشش وٺندي طالب المولى ڏانهن هڪ ادبي خط ۾ شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪندي ’ٽر ۽ ڊر‘ جي استعمال جا مثال ڏنا آهن، انهن مان ٻن تي اڪتفا ڪجي ٿو:
    نئون نينهن تنـﮨـنجو لڳو آهي نٽر،
    سـو مـون لئه ڳهڻو، ٻيــن لاءِ ڳــٽُر.

    ٻــيا ڀــل ٻـيائن ۾ ٻـيڻا ۽ ٻــيلــهہ،
    اسين مَر هُجون پاڻ ۾ کير کنڊُر.
    (بلوچ، اونهارو- 1983: 2633)
    ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل حل تي هڪ نظر
    ڊاڪٽر بلوچ جي ڪوشش وقتائتي ضرور آهي، ليڪن ٻوليءَ جي وسعت ۽ نفاست سببان نامناسب ۽ غير موزون آهي؛ ڇوته سڌو سنئون ’ر‘ ڏيڻ سان به ڪافي لفظن جي سڃاڻپ ۾ امڪاني مونجھارا پيدا ٿين ٿا؛ جهڙي نموني موجوده ’ڊ‘ جو اکر ٻٽا صوتيه سنڀاليندي مونجھارا ڪيون ويٺو آهي:
    کنڊُ = کي نون زبر کن، ڊي پيشُ ڊُ = کنڊُ
    لاڙي/ حيدرآبادي لهجي موجب__ کنڊُ = داڻيدار مٺاڻ ۽ درياهه جو گھارو (ٻَئِي).
    ساهتي/ اترادي لهجي موجب ___ کنڊُ = درياهه جو گھارو يا بر اعظم.
    پر جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل عمل موجب جنسي ’ر‘ ڏجي ته :کنڊرُ ڪري لکبو؛ جنهن سان پڻ ٻه- ٽي لفظ ڏِک ڏيندا، جيئن:
    o کَنڊَرُ = پراڻو، جنـﮨـر يا جـﮨـنر
    o کِنڊَر= وکريل يا ڦهليل صورت.
    ڇوته اسان وٽ عام طور تي، اعرابن ڏيڻ جو رواج قلمي توڻي ڪتابي ته آهي ڪونه! پر جيڪڏهن کنڊر کي اعرابون ڏبيون به، ته به انجي هِجي درست نه بيـهندي، ڇوته اگر ’ر‘ کي جزم اچي، ته اهو پوءِ به هڪ ساڪن آواز ٿي بيهندو؛ جڏهن ته اسان کي هڪ صوتئي /ڊر/ جو آواز بيـهارڻو آهي. ها البته، جيڪڏهن ’ڊ‘ کي ساڪن بڻائي ۽ ’ر‘ کي پيش ڏبو ته پوءِ ڪي قدر درست بيـهندو، مثلاً: کنڊرُ= کي نون زبر کن، ڊي ري پيش ڊۡرُ. مِٽرُ = (ميم کي ٽي سان نه ملائبو) ميم زير مِ، ٽي ري پيش ٽۡرُ.
    اهو معاملو گڏيل آواز (cluster of soundss) جو آهي، جنهن بابت لسانيات جا عالم به صاف نه آهن، ان صورت ۾ اسانجو عام استاد ته اڳيئي منڌل آهي. هن صورت ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم واري راءِ مناسب آهي ته اهڙي ’ر‘ جي لار وارن آوازن جي صورتخطيءَ ۾ ’ر‘ جو اکر ’ٽ‘ جي پيٽ ۾ لکيو وڃي. (دائود پوٽو، 1997: 52- 53)

    ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جو مونجھارو
    سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘ سان سميٽيل اچارن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب اشارو ڪيو آهي (بلوچ، 1992: 15) جنهن لاءِ ڪو مثال وغيره ته ڪونه ڏنو اٿس، البته صورتخطيءَ جي ٻين مونجھارن سان هن مونجھاري جو به ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ کان هٽي ڪري ٻئي ڪنهن عالم ’ي‘ سان سميٽيل اچارن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ بابت ڪونه ڄاڻايو آهي.

    ’ي‘ ۽ ’ر‘ وينجن جو اڳئين آواز کي ساڪن بڻائڻ
    سنڌي ٻوليءَ توڻي هن خطي جي ٻولين ۾ ڳالهائجندڙ گڏيل آوازن ۾ ’ر‘ ۽ ’ي‘ جا ٻه آواز اهڙا جوڙ آهن جن ۾ اڳئين آواز کي پاڻ سان گڏڻ جي قوت سمايل هوندي آهي، اهڙو تفصيل الانا صاحب جي ڪتابن مان ڏجي ٿو:
    ’ر‘ سان گڏيل آواز: بۡر، پۡر، گۡر، ڪۡر
    ’ي‘ سان گڏيل آواز: ڏۡي، ڌۡي، ٻۡي، پۡي، ٽۡي، جۡي، گۡي، ڪۡي، نۡي

    ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جي صورتخطيءَ ڏانـﻫـن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطيءَ‘ ۾ اشارو ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر الانا جيڪي مثال ڏنا آهن سي محدود آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيا به ڪافي اهڙا آواز مذڪوره آوازن سان ان تُريءَ ۾ تُرن ٿا. جيڪي ’ر‘ ۽ ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل رهن ٿا، جـﻫـڙوڪ:
    ’ر‘ سان گڏيل آواز: مِٽرِي، کَٽرِي، کَنڊرُ، مَنڊرُ، واڍرِ، ڏَڍرُ وغيره.
    ’ي‘ سان گڏيل آواز: سيارو، تيار، ستيارو، ڏکيو، واڻيو، مکيه، سورﮩـيه وغيره
    يعني: سۡيَ، تۡيَ، کۡيَ، ڻۡيَ، رۡهيَ وغيره.
    اهڙيءَ طرح اترادي توڻي وچولي (ساهتي) ۾ صوتياتي حيثيت رکندڙ ’ٽۡر، ڊۡر ۽ ڍۡر‘ جا گڏيل آواز پڻ ساڳئي نوعيت جا گڏيل آواز (cluster of sounds) آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل آوازن ۾ اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ’ڊگھي سُر سان يي‘ پنـﻫـنجي اڳئين آواز کي پاڻ سان گڏ متحرڪ بڻائي ٿي.

    مذڪوره آوازن جو امتزاج گھڻي قدر ديسي ٻولين سان واسطو رکي ٿو، خاص طور هندي ٻولين ۾ اهڙي آواز جي صورتخطيءَ جو حل ديوناگري آئيويٽا ۾ به موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهڙن آوازن کي سمجھڻ ۽ لکڻ لاءِ باضابطه طور تي ڪي اصول متعيّن ڪونه ڪيا ويا. ڊاڪٽر غلام علي الانا گڏيل ديسي آوازن جي رخ تي علمي طور تي بحث ضرور ڪيو آهي ليڪن ان جي ورڇ ڏانهن ڪو خاص توجه نه ڏئي سگھيو آهي ۽ ان جي هِجي يا اعراب ۾ به مونجھارا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب ’ڌۡيان‘ جهڙن لفظن ۾ ’ڌ‘ تي جزم ڏيڻ جي راءِ رکي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي اشاري موجب، هيٺ ’ي‘ سان سميٽيل چند لفظ سامهون رکي ان جي تنقيدي اڀياس سان ان آواز جي حيثيت ۽ صورتخطيءَ جا ڪي اصول اڀياس هيٺ آڻجن ٿا:
    ڪنهن لفظ جي منڍ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز: (هن جا ٻه نمونا آهن).
    اڳيان ’ي‘ سان: يمن/ جمـن، (ي ۽ ج هڪٻئي جا بدل آواز) هن نوعيت واري آواز ۾ سميٽيل آواز ڪونه ٿو رهي.
    ڪنـﻫـن وينجن سان سميٽيل ’ي‘ وينجن:
    پيار، ڌيان، ڏياري وغيره.
    ڪنهن لفظ جي وچ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز:
    ڀَريل، ڏُکيو، مَڻيو وغيره.
    ڪنهن لفظ جي آخر ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز:
    مکيہ، سورﮭـيہ، ورﮭـيہ وغيره.

    ڪنهن لفظ جي وچ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز بابت
    ’ي‘ سان سميٽيل آواز جي لسانياتي حيثيت بابت ڊاڪٽر الانا جو علمي بحث ٺيڪ آهي. ليڪن وچ وارن ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل لفظن جي درست هِجي ۽ صورتخطيءَ ۾ ڊاڪٽر الانا جي ڏسيل اصول موجب مونجھارو پيش اچي ٿو؛ مثال طور: ڀريل، ڏکيو وغيره جهڙن لفظن جي اصولي صورتخطي هيٺينءَ ريت بيـهندي:
    اصولي هجي ۽ صورتخطي: (ڀَ + رۡيَ + لُ) = ڀَرۡيَل.
    گڏيل آواز جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر الانا جزم جي استعمال جي سفارش ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ گڏيل آواز جي ٻن قسمن سبب، جزم جو اهڙو استعمال خود منجھائيندڙ آهي.

    آخري ’ي‘ سان سميٽيل آواز جي صورتخطي
    لفظ ’مکيہ يا سورﮭـيہ‘ ۾ ’ي‘ سان سميٽيل آواز جي لکت اڪثر ڪنهن وينجن سان ڳنڍيل ’يہ‘ جي صورت ۾ لکي ويندي آهي، جنهن ۾ ’ي + ـہ‘ جو ڳنڍ هوندو آهي.
    ’ي‘ سان ٻيو ڳنڍ اصل ۾ ’ه‘ جو هڪ روپ آهي جنهن تي سنڌي عالمن ڪو خاص ڪم ڪونه ڪيو آهي. راقم هڪ مقالي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ايندڙ ’هه‘ اکر جا پنج روپ ڄاڻايا آهن: ’هہ‘، ’ـهـ‘، ’ه‘، ’ـہ‘ ۽ ’ـه‘. انهن پنجن روپن مان آخري ٽي روپ (’ه‘، ’ـہ‘ ۽ ’ـه‘) ’مختفي ه‘ وارا سڏبا آهن. (جوکيو، سيپٽمبر- 2008: 87)

    سنڌي صورتخطيءَ ۾ آخري ’مختفي هي‘ جو روپ ڇوٽي سُر لاءِ به ڪم آيل آهي، هيٺ اهڙا مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
    زبر سان: تَہ، نَہ، سورﮭـيَہ، ورﮭـيَہ، مکيَہ.
    زير سان: بِہ.
    پيش سان: مکيُہ، سورﮭـيُہ، ورﮭـيُہ.
    مٿي ذڪر ڪيل ’ي‘ سان سميٽيل آوازن کي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’مختفي ه‘ جي آخري روپ سان لکيو ويندو آهي؛ جنهن جي حيثيت ته ڇوٽي سُرَ واري ٿيندي آهي؛ ليڪن هيٺ چند سنڌي صورتخطيءَ جا ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل آوازن وارا لفظ رکجن ٿا جن ۾ ’مختفي ه‘ جي استعمال هوندي به ٻن اعرابن (زبر ۽ پيش) جي گھرج پئي ٿي. ان جو اهم سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ جمع واحد جو اصول آهي؛ هيٺ اهڙا لفظ جمع واحد جي صورتن ۾ جاچي سگھجن ٿا:
    پيش سان (واحد ): سورﮭـيُہ، ورﮭـيُہ، مُکيُہ
    زبر سان (جمع): سورﮭـيَہ، ورﮭـيَہ، مکيَہ

    ’ي‘ سان سميٽيل آوازن جي صورتخطيءَ بابت ڪڍيل حل:
    ’ي‘ سان سميٽيل آوازن (پـهريون ساڪن ٻيو متحرڪ) کي جاچڻ بعد اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڪن آوازن جا ٻه قسم آهن: هڪ ۾ پهريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ ٿيندو آهي، جيئن: پيار (پۡيَ- گڏيل آواز)؛ ٻئي ۾ پـهريون متحرڪ ٻيو ساڪن ٿيندو آهي، جيڪو عام پڻ آهي، جيئن: تِلۡڪُ (تِلۡ- گڏيل آواز). ان صورت ۾ جڏهن ’ي‘ سان سميٽيل آواز (کۡيَ)، لفظ ’ڏکۡيو‘ ۾ هجي ته ان صورت ۾ هِجي ڪرڻ واري لاءِ مونجھارو اهو ٿئي ٿو ته ’کۡ‘ ساڪن آواز کي ’ڏ‘ سان ملائجي يا ’ي‘ سان ملائجي؟

    الانا صاحب اهڙن ’ر‘ يا ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل آوازن (پهريون ساڪن ٻيو متحرڪ) جي ساڪن آواز تي جزم جي راءِ رکي ٿو. جڏهن ته صورتخطيءَ جي لحاظ کان جزم جو ڪم اڳئين اکر سان ملائڻ آهي، جنهن ۾ پهريون متحرڪ، ٻيو ساڪن هوندو آهي، جيئن: ’گھِنۡٽي‘.

    ’ي‘ سان سميٽيل مختصر اڀياس مان هڪ ڳالهه اها واضح ٿي بيٺي ته ڊاڪٽر الانا وارو علمي بحث اهڙن لسانياتي مونجھارن لاءِ پيرائتو آهي؛ البته، سندس ’جزم‘ وارو استعمال غير علمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’ي‘ سان سميٽيل/ گڏيل آوازن جو وچ ۽ آخر ۾ اچڻ سبب سندس جزم وارو اصول مونجھارا ڪري ٿو. ان صورت ۾ ضرور ڪي رستا ڪڍڻا پون ٿا!

    هڪ صورت ته اها به آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’جزم‘ جون ٻه صورتون رهيون آهن، هڪ: عام ( ۡ ) ٻي: اوائلي ( ْ )؛ ساڳئي وقت سنڌي صورتخطيءَ ۾ ساڪن آوازن جون به ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون، بـهتر ٿيندو ته جيڪڏهن بحث هيٺ آيل مونجھارن تي اسين ’جزم‘ جي ٻي صورت ڪم آڻيون ۽ ان جا ڪي دائرا مقرر ڪيون ته مونجھارو حل ٿي سگھي ٿو. مثلاً:
    منڍ ۾ ايندڙ: پْيار، ڌْيان، گْيان، ڪْياڙي وغيره.
    وچ ۾ ايندڙ: ڏُکْيو، مَڻْيو، ڀَرْيل وغيره.

    وسرڳن جو مونجھارو
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ڄاڻائڻ موجب وچولي لهجي تي توجه نه ڏيڻ سبب سنڌي صورتخطيءَ جي ڪافي مونجھارن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. صاحب موصوف جيڪي صورتخطيءَ جا مونجھارا ڏسيا آهن تن ۾ اهم وسرڳ جو پڻ آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙي شڪايت ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”’هه‘ سان سميٽيل اچارن: ڙهہ، مهہ، لهہ، نهہ، ڻهہ وغيره کي سرڪاري طور منظور ٿيل الف- بي ۾ مستقل اچارن طور شامل ڪونه ڪيو ويو، جنهن ڪري نئين صورتخطي ۽ ان جي هِجي ۾ اهي اچار غلط نموني ۾ رائج ٿيا.“ حقيقت ۾ مذڪوره معاملي ۾ ڪنهن حد تي لهجاتي اختلاف ته ڪونهي، ليڪن حيدرآبادي لهجي جي مزاج ۾ نه هجڻ سبب، انهن مونجھارن تي ڪو درست رخ ۾ ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي. ايتريقدر جو ’رهہ‘ وسرڳ سان لفظن جون غلط صورتخطيون نوٽ ڪيون ويون آهن، جيئن: گراهڪ. جڏهن ته اصل صورت گرهاڪ ٿيندي.

    زيرن زبرن (اعرابن) جو مونجھارو
    اعرابن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شڪايت ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”زيرون زبرون (اعرابون) ختم ڪيون ويون، جنهن ڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجھڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. (حوالو ڄاڻايل)
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب بنيادي طور تي لسانيات جو ماڻهو نه هيو، ليڪن ٻوليءَ جي گھٽن گھيڙن کان چڱيان واقف هيو. سندس شڪايت: ’اعرابن ختم ٿيڻ سان لفظن کي سمجھڻ ڏکيو ٿي ويو‘ جنهن لاءِ ايترو ضرور چئي سگھبو ته جن لفظن ۾ غلط پڙهڻ جو امڪان هجي اتي اعرابون ڪم آڻڻ انتهائي ضروري آهي. ليڪن حيدرآبادي لهجي لاءِ سندس اها شڪايت ته: ’اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي وئي‘ انتهائي نازڪ آهي.

    سنڌي صورتخطيءَ ۾ اعرابن جي نفاست ان حوالي سان به اهم آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جمع- واحد، جنسي توڻي غير جنسي مذڪر- مؤنث ۽ اسم جون حالتون (فاعلي- مفعولي) آخري ڇوٽن سُرن تي مبني هونديون آهن. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ ماقبل آخر وينجن تي سُر جي اهميت به شديد محسوس ڪئي وئي آهي.

    ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان اهڙا اشارا محققن لاءِ هڪ وڏو ميدان مـهيا ڪن ٿا، ليڪن ڏٺو اهو ويو آهي ته صوتياتي حوالي سان ان جو ڪم ته بيشڪ درست رخ ۾ ٿيو آهي ليڪن رسم الخط کان وٺي صورتخطيءَ تائين ان مسئلي تي ڪم ٿي نه سگھيو آهي. راقم اهڙن نڪتن جو باضابطه اڀياس ڪرڻ ۽ ان جي حل تائين رسڻ ۾ مصروف آهي.

    حوالا/ ذريعا

    آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (1956)- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي- حيدرآباد.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1992)- سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1999)- سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو.
    بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (اونهارو- 1983ع)مخدوم طالب المولى ڏانهن هڪ ادبي خط. سنڌ. مرتب: انور جوکيو - سنڌ اسٽڊي سينٽر حيدرآباد.
    جوکيو، الطاف حسين (20088) سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت. ايڊيٽر تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 1 (1)، 72- 92. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر (19977) سون برابر سڳڙا- مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو