مدد علي سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2017۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    مدد علي سنڌيءَ جو سڄو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. پاڻ ناميارو اديب ۽ صحافي آھي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.

    تعليم

    مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي، جڏهن ته ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ ريسٽيڪيٽ هئڻ سبب اها مڪمل نه ڪري سگھيو.

    سياست
    مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ ’عوامي ليگ‘ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو.
    ادب
    آڪٽوبر 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين، جنهن رسالي تي 1973ع ۾ حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين. ان عرصي دوران، 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. اُن ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ ’اڳتي قدم‘ ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري، 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو. [1]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو