1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌ جو قديم تخت گاهه ڀنڀور

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2017۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    سنڌ جو قديم تخت گاهه ڀنڀور
    ”پنهون پڄاڻان ڏينديس باهه ڀنڀور کي“
    جميل چانڊيو
    ”پنهون پڄاڻان ڏينديس باهه ڀنڀور کي“ جهڙي لطيفي لات ڪنهن جي ڪنن تائين نه پهتي هوندي، هاڻ ته سنڌي ادب ۾ ”سسئي پنهون “ڪردار جا جاکوڙ، جدوجهد، اڻٿڪ پورهئي ۽ منزل ماڻڻ جي مضبوط علامت بڻجي چڪا آهن. صدين جي صدائن هيٺ گونجندڙ ڀنڀور سنڌ جي عظمت جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ چئن وڏن دورن تائين سنڌ ملڪ جو تخت گاهه رهيو آهي، پر هتي انساني تهذيبون به پلجنديون رهيون آهن، سسئي ۽ پنهونءَ جي هن ماضيءَ واري ماڳ جو مان ۽ مرتبو وري نئون جنم وٺي هاڻوڪي سنڌ ۾ نروار ٿي رهيو آهي، ڪيٽي بندر جي نئين اڏاوت ۽ انساني آباديءَ جا متضاد خواب ڀنڀور کي سنڌ جي نئين تخت گاهه واري تاريخي پس منظر ڏانهن گهلي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ٺٽي نگر جي سياسي حلقن ۾ نئين بيٺڪي راڄ جهڙي خواب خلاف سخت مزاحمت به سامهون اچي پئي، پر سنڌ واسي ان ڳالهه تي متفق آهي ته ڀنڀور شاندار ماضيءَ کي موٽائي سنڌ جي عظمت جو تخت گاهه بڻجي ۽ اتي نئين دور جون سسئيون ۽ پهاڙن سان پاڻ اٽڪائيندڙ پنهون پيدا ٿي، هن ڌرتي جي رنگن، انگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪن.
    قومي شاهراهه کان ڪراچي ۽ ٺٽي طرف ايندي ويندي اوهان کي سنڌوءَ جي قديم ڇوڙ جي آخري ديدار لاءِ گهاري ڪريڪ، ڌاٻيجي ۽ ڀرپاسي جي گذر گاهن کان نه رڳو لوڻ جا اڻکٽ قديمي ڪارخانا ۽ نظر ايندا، پر ماضي جي يادن تي ماتم ڪندڙ ڀنڀوڙ جو ڀينگ بڻيل سياحتي ٽڪرو به نئين حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪيٽي بندر جي ذوالفقار آباد رٿا اسان سڀني کان زوردار گهر ڪري پئي ته خدارا هاڻ ته ڀنڀور کي انمول سياحتي مرڪز بڻايو. هتي 1958ع ۾ ٿيل کوٽائي ۽ وسيع تهذيب جي نشاندهيءَ بعد نئين دنيا دريافت ٿي هئي، ڀنڀور جي عجائب گهر طرف وکون وڌائيندي ثقافت کاتي جا 2 بورڊ اوهان جي آجيان ڪندي نظر ايندا. جيڪي فقط هيءَ ڄاڻ شيئر ڪن ٿا ته هتي کوٽائي جو سلسلو 1958ع کان شروع ٿيو، جنهن مان سڌ پئي ته ڀنڀور ۾ ٽن دورن جا آثا موجود آهن، هتان جا قديم ترين ماڻهو سائٿو پارٿن نسل جا هئا. بعد 100 سالن قبل مسيح کان ٻي صدي عيسوي تائين هندو ۽ ٻڌمت جي ماڻهن جو راڄ رهيو. ٻي صدي عيسوي کان 8 صدي عيسوي جي ابتدا تائين غير الاهي مذهب جا پيروڪار حاڪم رهيا. مسلمانن جي آمد بعد اٺين کان 13 صدي عيسوي تائين هتي مسلمانن جي ماڪيٽ رهي. 712ع ۾ محمد بن قاسم هن علائقي کي فتح ڪيو ۽ ايشيا کنڊ ۾ پهرين مسجد قائم ڪئي، پر آهستي آهستي سنڌوءَ جو رخ مٽجڻ سبب ۾ شهر ويران ٿي ويو. ڀنڀور 2100 سال قديم آهي، هتي قديم يوناني ساساني هندو ۽ ٻڌ دور جا آثار موجود آهن. اسلامي تهذيب جي ارتقا سان ڀنڀور واپار، سياحت ۽ علائقائي لاڳاپن ۾ نئون اوج ماڻيو. 712 کان 13هين صدي عيسويءَ تائين اسلامي دنيا جا چار دور گذريا آهن، سامونڊي سوڀ جو سبب هتي قديم بندرگاهه جو وجود هو. قديم ديبل جي تذڪري ۾ اوهان کي ٺٽي، مڪلي ۽ ڀنڀور جي تهذيبن کي به ڏسڻو پوندو، ٻئي طرف پير پٺي لڳ جهونا ڳڙهه کان اچي 8 صديون اڳ آباد ٿيندڙ سخي ڏاتار ڪاظمي سادات جا هاڻوڪا وارث پهاڙيءَ تي واضح پنهنجن بزرگن وارين قبرن کي به ديبل جي تاريخ سان سلهاڙين ٿا. سنڌ جا مؤرخ هن ڏس ۾ اڃا به تحقيق ڪري رهيا آهن. سنڌ جي مورخ علي شير قانع ٺٽوي، ابن بطوط پير حسام الدين راشي کان وٺي تائين ڏيهي توڙي پرڏيهي تاريخدان ۽ محقق سنڌ جي هن ديبلي تهذيب کي 2 هزار ورهين کان به گهڻو قديم ڪوٺڻ تي متفق آهن. هن ڏس ۾ تاريخ سنڌ جي غير سنڌي مصنف اعجاز الحق قدوسيءَ جو پورهيو خاص طور تي رهنمائي ڪري ٿو. ڀنڀور ڇو ڦٽو؟ اهو سوال اڄ به هزارين ماڻهن جي ذهن ۾ آهي. پر سنڌوءَ جي وهڪري بدلائڻ جو ظاهر منظر نامو، ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته ڀنڀور صديون اڳ شاندار شهر هو.
    ڀنڀور ۾ اڌ صدي اڳ قائم ٿيل ميوزيم ۾ اڄ به ڏسندڙن جي دلچسپي هر روز وڌندي نظر اچي ٿي. عام سياح توڙي محقق هر شيءَ کي باريڪ بينيءَ ۽ چاهه سان پسن ٿا.
    ڌاٻيجي شهر کان ٿورڙو اڳيان قومي شاهراهه تي زهري بلوچ قبيلي جي ننڍي قد واري سپوت ۽ سردار دودا خان طرفان باب السلام جي نالي سان جوڙايل نئين طرز واري خوبصورت مسجد اسان کي محمد بن قاسم جي نالي سان سڏجندڙ باب السلام جو چٽو مظهر نظر اچي ٿي. ڀنڀور واري قديم جامع مسجد جي اڱڻ تي ڳاڙهيون پڪيون سرون فقط فرش ۾ شامل ڪري ثقافت کاتي پنهنجا پَلَو آجا ڪري ڇڏيا. هاڻ ته انهن سرن کي به سري کائڻ شروع ڪيو آهي. سرون ته ڀرن پيون آهن پر سامونڊي هوا سبب هتان جا قديم پٿر به جهري رهيا آهن. آثارن لڳ موجود اهو چبوترو به سواليه نشان بڻيل آهي، جتي کوٽائي بعد اتان نڪتل ٻن انساني مڙهن کي شوڪيس ۾ بند ڪري رکيو ويو هو، پر اهي مڙهه ڀري ڀري خاڪ ٿي ويا هئا...! ڀنڀور سڄي جو سڄو سور، فراق، حجر، غم، اندوهه ۽ لازوال محبت جو سنگم آهي.
    ميوزيم ۾ مختلف دورن جون سانڍيل شيون، ٺيڪراٺو، قديمي، جواهر، نگينن سان جڙيل آرائشي زيرو، هٿيار، اوزار ۽ ٻيون اڻلٽ شيون اوهان سان پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪنديون ته سنڌ قديم دور ۾ ڪيڏي عظمت ۽ رفعت رکندڙ هئي. خطِ ڪوفي ۾ لکت روح کي راحت بخشي رهي آهي. ملتان کان مڪليءَ تائين جنهن دور ۾ هڪ ئي سڪورائج هئو، ان وقت ڀنڀور سنڌ جي گاڏي جو هنڌ، مهاڻن، کٽين، لوهارن، ڪنڀرن ۽ ٻين هنر مندن سان گڏ وقت جي بهادر بادشاهن جو به اڏول مرڪز هو، ديبل جي نالي واري شهر سان عرب تاريخون ڀريل آهن.
    سنڌ جو عوام هن دور ۾ ڀنڀور ميوزيم، سنڌ جي ثقافت جي اوسر، قديم اهڃاڻن جي تحفظ ۽ تفريحي مقام ۽ ماڳ جي وڌيڪ فعاليت لاءِ تمام گهڻيون اميدون رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڀنڀور ميوزيم ۾ هڪ نوجوان آفيسر ۽ پرعزم عملي جي صورت ۾ سٺي ٽيم اتي اڳئي موجود آهي، پر وقت جي اهم گهرج آهي ته ڀنڀور جي تفريحي ماڳ تي وڌ کان وڌيڪ سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن ڏس ۾ سنڌ سرڪار جا پاليسي ميڪر جديد عالمي تقاضائن، تزئين ۽ آرائشن کان اڻڄاڻ نظر اچن ٿا. حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو ڀنڀور بابت ميوزيم ۾ هڪ به ڪتاب ڪونهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ معلومات ۽ دلچسپي جو سبب بڻجي.
    رجعت پسند طبقي تي ڀنڀور کي فقط ويراک، بيزاري، ڀينگ ۽ مايوسيءَ سان تعبير ڪيو آهي، پر جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسون ماضيءَ ۾ سمنڊ جي ڇولين سان راند ڪندڙ هن ڀنڀور سنڌ جون ڪيتريون عظمتون، بلنديون ۽ اوچايون ڏٺيون آهن.
    پ پ سرڪار ذوالفقار آباد کي سنواري نئون شهر آباد ڪرڻ گهري ٿي، هي هڪ اهڙو خواب آهي، جنهن ۾ مثبت ۽ منفي ٻئي ردعمل ظاهر ٿين ٿا، صورتحال ڪهڙو به رخ اختيار ڪري وقت جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي تقاضا آهي ته ڀنڀور کي انتهائي خوبصورت هل پارڪ، ماڊرن وليج يا ماڊل ڪلچر جي صورت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
     
    عرس پريو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو