1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

روحل فقير ۽ مراد فقير جي ڪلام جو مختصر جائزو

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    250
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    روحل فقير ۽ مراد فقير جي ڪلام جو مختصر جائزو
    روحل فقير:
    جهڙي طرح سنڌ جي هر اساسي شاعر جو ڪلام وحدت الوجود جي عڪاسي ڪري ٿو، اهڙي طرح روحل فقير جو ڪلام به وحدت الوجود سان گڏوگڏ نفس کي مارڻ جو به درس ڏئي ٿو. هن جو سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف جي دور سان سندس قريبي تعلق آهي. اهو ئي سبب آهي، جو روحل فقير صاحب جي ڪلام ۾ به پنهنجي همعصر بزرگن واري سادگي موجود آهي ۽ اهو ٻاهرين رنگ ڪرنگ کان آزاد ۽ پاڪ آهي. هو رهبر اعظم جي مبارڪ قول “الٰلهم اعوذبڪ من علم لا ينفعُ” (خدايا مان توکان ان علم کان پناھ گھران ٿو، جنهن کان ڪو نفعو نه پهچي.) جو پورو پورو تابع نظر اچي ٿو. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

    ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،

    پڌري ٿيندي ذات، رهڻي مان “روحل” چوي.

    هن پنهنجي ڪلام ۾ صوفي جي مسلڪ کي نمايان طور پيش ڪيو آهي. هن توحيد جي اهم مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي جو سندس ڪلام جو جوهر چئجي ته به روا آهي. توحيد جي معنيٰ آهي ”هيڪڙائي“ يعني خلقڻهار جي هيڪڙائيءَ جي قبوليت. صوفي جيئن ته پنهنجي ذات جو تعلق فقط خداوند تعاليٰ سان ڳنڍيل رکي ٿو. ان ڪري هو توحيد جو دنيا ۾ وڏو علمبردار آهي. روحل فقير ظاهري دنيا (مايا) کي ننديو آهي. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

    دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي، ٻيٺا مل عمر تاڻي،

    هڏي آ تون هوڏ تنهان دي، وڙهندي عمر وهاڻي،

    انڌيان عشق الله دا ڇوڙيا، پئي ولوڙن پاڻي،

    “روحل” راھ ربانيءَ ٻاجھو، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.

    ڪيڏي نه خوشنصيب زندگي آهي انهن آزاد انسانن جي، جي دنيا جي باطل حوَس کان بچي ان جي ڦندن ۽ ڦيرن مان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراھ تي قدم رکن ٿا، ۽ پوءِ “لا خوف عليهم ولاهم يحزنون” جي مرتبي تي پهچن ٿا.

    هن بيت ۾ روحل فقير اهيو ٻڌائي ٿو ته هي دنيا ڍونڍ آهي ۽ ڍونڍ جا طالب ڪتا هوندا آهن، يعني ڍونڍ جا طلبيندڙ ڪتا هوندا آهن. هن مان اهيو ئي واضح ٿئي ٿو ته هن دنيا جي حوَس ۽ لالچ اجايو آهي. ڇو ته هي دنيا فاني آهي. انکان علاوه اهيو به ٻڌائي ٿو ته جن بيوقوفن الله جي عشق کي ڇڏيو يعني حقيقي راهه تان هٽي ويا ۽ دنيا جي لالچ ۽ محبت ۾ محو ٿي ويا ته ان کي روحل پاڻي ولوڙڻ سان ڀيٽ ڏئي ٿو. جھڙي ريت پاڻي ولوڙڻ مان ڪجھ به حاصل ڪين ٿيندو. اهڙي طرح دنيا جي محبت (مايا) مان به ڪجھ حاصل نٿو ٿئي. حقيقي راھ هڪ خدا جي ئي آهي ۽ ٻيو سڀ فضول يعني نظر جو ڌوڪو آهي.

    نه مون سڌ نه سار، اچي عشق اٿاريو اچتو،

    “روحل” چوي روح ۾، تن پرين جي پچار،

    سي اکين آيا سپرين، ياد ڪريندي يار،

    ٺريا نيڻن نار، پسي منهن محبوب جو.

    هن بيت ۾ روحل فقير عشق حقيقي ۾ وصال جي ڳالھ ڪئي آهي. هونئن به جنهن سان محبت هوندي آهي ته هر پل تصور ۾ ان جو خيال هوندو آهي. هر وقت اها شخصيت ئي ذهن ۾ هوندي آهي. عشق حقيقي ۾ ته وصال جو ڪوبه امڪان ناهي هوندو پر جيڪڏهن نيت وصال جي هوندي آهي ته اهو به ٿي پوندو آهي. جيئن هن بيت ۾ ٻڌائي ٿو ته روح کي جن جي ضرورت هوندي آهي، يعني جن کي سچي دل سان ياد ڪيوسي اهي اکين آڏو اچانڪ اچي ويا ۽ انهن محبوبن کي ڏسي اسان جون اکيون ٺري پيون آهن. روحل فقير پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جي به تلقين ڪئي آهي. پاڻ فرمائي ٿو ته پنهنجي قلب مان ڪيني کي ڪڍ. جنهن کي تون ڳولين ٿو سو تنهنجي ئي اندر ۾ پيو وسي. پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏس:

    جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اَٿي قيمت سندو قطرو،

    ڪوري ڪڍ قلوبمان، مدائي جو ماڻ،

    پري نهارڻ پر کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،

    نت سائين توهي ساڻ، راتيان ڏينهان “روحل” چوي.

    صوفين جو نظريو هوندو آهي پاڻ سڃاڻڻ. انهن جي مطلق جڏهن پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻيندين ته توکي سڄي جھان جو علم حاصل ٿي ويندو. جيڪڏهن تون گھرين ٿو ته خدا کي سڃاڻين ته پاڻ کي سڃاڻ. اهڙي ريت هي بيت به وحدت الوجود سان تعلق رکي ٿو. صوفين انسان ۽ خدا جي روح کي هڪ روح ڪري سڏيو آهي. هن بيت ۾ وڌيڪ اهيو سمجھائي ٿو ته پاڻ کي صحيح سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي اندر (قلب) کي صاف ڪرڻ گھرجي.يعني اندر مان بغض ۽ ڪيني کي ختم ڪرڻ گھرجي. خدا انسان ۾ موجود آهي پر اڻڄاڻ ان کي مايا ۾ ڳولين ٿا. خدا کي ڳولڻ لاءِ پنهنجي روح ۾ جھاتي پايو. هيڏي هوڏي نهارڻ مورکن جو ڪم آهي. ڇو ته خدا هر پل گڏ آهي.

    ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيهي،

    نڪي ملڪ، نڪي خلق، نڪي اسيئي،

    اسين به ڳوليون جن کي، سي پاڻ اسيئي،

    ٻي وائي ويئي، “روحل” هونگ پريان جي هيڪڙي.

    جڏهن انسان عشق ڪري ٿو ته هو هن دنيا کان ڪٽجي وڃي ٿو. پوءِ اهو عشق ڪهڙوبه هجي. حقيقي يا مجازي. بس انسان ٻي دنيا کان ڪٽجي پنهنجي محبوب جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن بيت ۾ روحل اها سمجھاڻي ڏئي ٿو ته پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي محبوب کي ڏس ۽ جڏهن محبوب ملي وڃي ٿو (محبوب تائين رسائي ٿئي ٿي) ته هن ملڪ، هن جھان، هن خلق ۽ ايتريقدر جو پنهنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو جو پنهنجي وجود کي به وڃائي ويهي ٿو. ان کان سواءِ ٻي وائي يعني ٻي پچار به وسريو وڃي بس هرپل پنهنجي پرين جو ذڪر هوندو آهي.

    مراد فقير:
    مراد فقير جو جنم سن 1742ع ۾ ٿيو. سندس جي والد جو نالو محمد حيات هو، جو روحل فقير جو سوٽن مان هو. فقير صاحب به زنگيجو بلوچ هو. مراد فقير، روحل فقير جي قريبي صحبتين مان آهي. هو هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو.

    هي ننڍي هوندي ئي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي پهتو. روايتن موجب هو روحل فقير جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس هڪ دم به ڌار نه ٿيو آهي. هن کي روحاني مقام، جو حاصل ٿيو، سو سڄو ئي روحل فقير جي فيض جو اثر هو. جڏهن ٽالپرن حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون، تڏهن مراد فقير کين دعا ڪئي ته:

    ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،

    دائم تنين دعا جو، اسان پاڻي ٿا پايون،

    سي سدائين سايون، جن جي مدد “محمد مراد” چئي.

    هڪ سيد هنن فقيرن کي رنجائڻ شروع ڪيو مگر هنن طرفان صبر ۽ شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه جواب نه مليو. آخر هن انهن جي زمين تي قبضو ڪرڻ گھريو. مراد فقير کي هي ڳالھ نه وڻي. هن چاهيو ته هن کان بدلو وٺجي. جنهن کي روحل فقير پاڻ وٽ گھرائي منع ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته ”فاني شين جي لاءِ وڙهڻ ڇا جو؟ مرد اهو آهي جنهن پنهنجي نفس سان وڙهي، ان کي زير ڪيو.“هن فقير جو ڪلام چئن ٻولين ۾ ملي ٿو. سندس عشقيه شاعري اٿاھ درد سان ڀريل آهي. جنهن جي ثابتي لاءِ هيٺيون بيت ڏسو:

    سا مَن سک “مراد” چئي، جا پر پتنگن،

    اچن اجل سامهان، سر جو سانگ نه ڪن،

    جن کي موت مشاهدو، سي رتي ڪين رهن،

    ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پِرَ جي.

    هن بيت ۾ مراد فقير پتنگن واري راھ جو درس ڏئي ٿو. پتنگن کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته هي باھ اسان کي ساڙي، وجود کي ئي ختم ڪري ڇڏيندي، پر هنن کي ان سان عشق آهي. هو موت جي پرواھ نٿا ڪن ۽ بغير سوچڻ جي گھڙي پون ٿا. تان جو هو ان ۾ سڙي رک ٿي وڃن ٿا. (عشق ۾ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پنهنجي وجود کي فنا ڪرڻو پوندو آهي). عاشق ڪڏهن به پنهنجي سر جو سانگو ناهن ڪندا ۽ نه ئي نفعي نقصان جو سوچيندا آهن، بس هو سڌا ٿي هر اوکي شئي ۾ هٿ وجھي ڇڏيندا آهن پوءِ چاهي ڇو نه انهن کي پنهنجي جان به ڏيڻي پوي. روحل فقير جيان مراد فقير به ظاهري دنيا کي ننديو آهي. چوي ٿو دنيا خاطر دين کي ٿو ڇڏين. ڇاڪاڻ ته دنيا جون هي رنگينيون فقط نظر جو دوکو آهن.

    دنياڪارڻ دين کي، ٿو ورسيا وسارين،

    کٽي بازي بانورا، هٿين ٿو هارائين،

    ماري من “مراد” چئي، جي وحدت ڏي وارين،

    ته هوند جاڏي نهارين، تاڏي سڄڻ پسين سامهان.

    مراد فقير هن بيت ۾ من مارڻ (خودي کي ختم ڪرڻ) جو درس ڏنو آهي. هن دنيا جي لئي يعني مايا ۽ لالچ جي ڪري هن دين کي ڦٽو ڪيو ٿا، ته ان سان کٽيل بازي به هارائي ٿا ويهو. جيڪڏهن نفس کي ماري خدا جي هيڪڙائي ڏي وڃو ته جنهن طرف به نظر ڦيريو ته ان طرف اوهان کي خدا ئي نظر ايندو يعني پنهنجو محبوب سامهون هوندو.

    عاشقڪاهون ڪاھ، ٿا اچن ڪنڪلاچ تي،

    ڪات ڪڇونءَ جيوات ۾، ٿو لاهي ڪنڌ ڪلاھ،

    پيئي رتُ رڳن جي، مهٽيو کائي ماھ،

    سي ات نه سانگو ڪن ساھ، جن کي موت “مراد” مشاهدو.
     
  2. عبدالغفار مگسی

    عبدالغفار مگسی
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    گهوٽڪي
    سائين بهترين آھي
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,675
    ورتل پسنديدگيون:
    3,902
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    بهترين ونڊ
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو