ظلم جو ڪاروبار برقرار رهندو ڇا؟؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    حقيقت ڇا آهي ان جو علم نيگيٽو ۽ پازيٽو ذهنن کي سوچ؛ سمجهه ۽ پنهنجي شعور جي معيار مطابق آهي؛ ان جي علاوه اسان جو علم پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين محدود آهي؛
    هوئين ته اسان المين کي هر اُڀرندڙ سج سان آجيان ڪرڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون؛
    پر ڪلھ هڪ دفعو وري جڏهن مردان مان مشال خان جي واقعي جي خبر اسان جي ڪنن ۽ اکين سان مخاطب ٿي ته جئ جهنجهوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو؛
    وري جڏهن دوستن طرفان شير ٿيل ويڊيو اکين اڳيان گذري
    ته باقائده اکيون نم ٿيڻ لڳيو ۽ روح کي رهڙون لڳيون؛
    ويڊيو ۾ جيڪو لڪاء ڏيکاريو ويو هو اهو لڪاء شايد ڪنهن جانور سان به ڪنهن نه ڪيو هوندو؛
    جانور کي به سير وجهي ساھ کي وڃڻ جي مهلت ڏني ويندي آهي پر مشال جي سيني مان ساھ کي به نائب جي ڏوهٽن پوٽن وڃڻ جو وجھ نه پي ڏنو
    ميڊيا رپورٽ مطابق پهريان مشال کي هاسٽل جي روم مان ڪڍي ٻاهر آيا آهن ان کان پوء هجوم جي شڪل اختيار ڪري جنهن کي جيڪي شئي هٿ ۾ پئي آئي ان سان پي ايذائن مطلب لٺين؛ سرين؛ ٺئوشن؛ مڪن؛ ايتري قدر جو گلن جا گملا به اڇلائي پي هنيا ويا هن جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا شلوار لاٿي وئي گوليون هنيون ويون؛
    مرڻ کان پوء به الله اڪبر جا نارا بلند ڪري ان جي لاش سان اهو عمل جاري ڪيو ويو؛ ڪٿي آهي انسانيت ... ڇا هي به انسان آهن جن اهو عمل ڪيو آهي؟
    هاء ڙي انسان تون ايترو ظالم ۽ سفاڪ به آهين .
    اهڙي عمل تي توکي اشرف المخلوقات سڏيندي شرمساري پيو محسوس ڪيان.
    فرض ڪريو ٿوري دير لاء مشال خان کي گستاخ رسول پاڻ تسليم ڪريون ٿا؛
    پر توهين پنهنجي دل تي هٿ رکي هڪ انسانيت جي ناطي راء ڏيو؛
    گستاخ رسول سان به اهڙو ڪنڌو رويو اپنائڻ کپي؛؟؟؟
    پاڪستان کي ڇڏي ڪري دنيا جي ڪنهن هڪ ملڪ جي نشاندهي ڪرايو جتي ان عمل جي قانوني اجازت هجي؟؟
    آئون چوان ٿو هي محمد ﷺ جا پيروڪار ڇا شيطان جا پيروڪار چوڻ به شيطان مٿان بهتان آ؛
    ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿي ته اهي آخر آهن؟؟
    اهي توهان اسان مان آهن، اهي توهان اسان جي مدد کانسواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. اهي اسان جون لاپرواهيون آهن، اهي اسان جون لاتعلقيون؛ غيرزميواريون آهن جن اسان جي معاشري جو مهانڊو بگاڙيو آهي؛
    اسان پنهنجي ڳوٺن؛ شهرن جهڙي ريت کلي عام مذهبي فرقي پرستي وارو رجحان وڌندي ڏسون ٿا پر ان جي آڏو رڪاوٽ نه ٿا بڻجون بلقي ان کي اڃا هٿي وٺرايون ٿا،
    اسان کي پنهنجي روين ۽ مزاجن توڙي رجحانن تي غور ويچار ڪرڻو پوندو اگر مذهب سچو آ ته مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ مذهب سان جُٺ جو رستو روڪيو؛
    جي نه ته ڪلھ مشال جهڙو ڳڀرو جوان ظلم جي ور چڙهي ويو وري ٻي مشال جي تياري ۾ هوندا اهيئن ئي ظلم جو ڪاروبار برقرار رهندو؛
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو