ٻول : در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ (احمد خان مدهوش)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ،
    هڪ ٻئي جي پُٺيان ڊُڪندا ٿا اچن، لُڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ.

    جان پائي کڻي جھاتي هيڪر تان عڪس لڳن ٿا وحشي،
    هِي ڏوھ نه آ آئينن جو، چَهرن کي الائي ڇا ٿيو آ.

    جي اُڌما کائي اُٿندا هِن، هِيءُ ڇاتِي ڇِلجي پَوندي آ،
    ڪو چين نه ڪو آرام اٿن، جذبن کي الائي ڇا ٿيو آ.

    سِڪُ قرب الائي ڪاڏي ويو، هڪٻئي سان اوکيءَ ويلي ۾،
    هرڪو ٿو وڃي مُنهن موڙيندو، رشتن کي الائي ڇا ٿيو آ.

    ڏند قُلف ڪري چَپَ بَند ڪيم، ڄَڻ ٻوڏَ اڳيان ڪو بَندُ ٻَڌُم،
    هر رَنڊَڪ ٽوڙي اُڪرِي ويا، لفظن کي الائي ڇا ٿيو آ.
    ٻول : احمد خان مدهوش
    آواز : سڄڻ سنڌي


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو