تعليم صرف اسڪول جي چوديواري تائين محدود ناهي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڪفايت الله طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2017۔

  1. ڪفايت الله

    ڪفايت الله
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2013
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    Energy and Environment Engineer
    ماڳ:
    گھوٽڪي
    تعليم صرف اسڪول جي چوديواري تائين محدود ناهي!

    اتفاق سان ڪجھ دوستن سان ملا قات ٿي ۽ هڪ نيشنل هاءِوي تي هوٽل تي چانھ پيڻ جو اتفاق ٿيو. ڪچهري ڪندي دوست هڪ سوال ڪيو ته ڇا تعليم صرف اسڪول جي چوديواري تائين محدود آهي؟ ڪجھ دوستن جو خيال هيو ته ها بلڪل ڇو ته تعليم هڪ اسڪول ۾ ڏني ويندي آهي. پر انهن دوستن ۾ هڪ دوست چيو ائين آهي ته تعليم هڪ اسڪول ۾ ڏني ويندي آهي پر ڇو ته اسان جو تعليم جو نظام بهتر نه هجڻ ڪري صرف ۽ صرف سائنس جي تعليم ئي ڏني ويندي آهي. شاگردن کي خاص ڪري انساني قدرن، اخلا ق، ورتاءُ، قرباني، چڱائي لڱائي، احساس، دوستي ۽ محبت جي باري ۾ ڄاڻ ڪو به درس يا سبق نه ڏنو ويندو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو اسان جو معاشرو ايترو بحس ۽ خراب ٿي ريو آهي. رشتن ۾ احساس ۽ پهنجائپ اُن جي ڪري به ناهي جو اسان کي اُن جي باري ۾ تعليم ناهي. ان گفتگو دوران هڪ هلڪي آواز ۾ ويجهو ويٺل هڪ وڏي عمر واري شخص چيو اي منهنجي سنڌ جا نوجوانون تواهان جون سڀ ڳالهيون دورست آهن پر انهن مسئلن کي حل ڪرڻ بي اوهان جو اولين ترجيھ هجڻ گهرجي. اوهان جي ويجهو جيڪي به اسڪول آهن اوهان انهن اُستادن کي سمجهائيو ته هوء به پنهنجي شاگردن انهن ڳالهين جي ڪجھ نه ڪجھ تعليم ڏين. والدين کي گهرجي هوء به پنهنجي اولاد کي تعليم ڏين ۽ ساڳي ريت اوهان به انهن اهم نقطن تي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڳڏجاڻي ڪريو ۽ تعليم عام ڪريو. ڪجھ لمحي لاءِ سوچيوسين ته واقعي جڏهن اسان تنقيد ڪريون ٿا معاشري جي حال تي ته اسان تي به فرض آهي اسان به انھي معاشري جي برائين جي خاتمي ۽ معاشري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪريون.

    ڪفايت الله ڪلوڙ (گھوٽڪي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو