1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌي ٻوليءَ جي اسمن ۾ آخري سر (Vowel) جو حرف جر طور ڪم اچڻ

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,394
    ورتل پسنديدگيون:
    26,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ جي اسمن ۾ آخري سر (Vowel) جو حرف جر طور ڪم اچڻ

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    اها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته: ’سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لفظن جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي، يعني سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت ۾ لفظن جي آخري سُر جي وڏي اهميت هوندي آهي. آخري سُرن ۾ به، ٽن قسم جي سُرن (ڊگھن، دهرن ۽ ڇوٽن) مان ڇوٽي سُر (Short vowel) جي نفاست ۽ نزاڪت کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته، ڊگھن سُرن تي صرفي يا نحوي بناوت جو مدار، اردو يا هندستاني ٻولين ۾ به نوٽ ڪيو ويو آهي. ليڪن ڇوٽن سُرن تي صرفي توڻي نحوي بناوت جو مدار، سنڌي ٻوليءَ جي خاص مزاج ۾ شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر، واحد- جمع، اسم جون فاعلي- مفعولي ۽ اضافت واريون حالتون ۽ ڪنهن صورت ۾ حرف ندا پڻ آخري ڇوٽي سُر تي منحصر هوندي آهي.
    ڪنـﻫـن لفظ/ اسم جي آخري سُر تي تفصيلي ڪم: مؤنث- مذڪر، واحد- جمع ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت بابت، راقم پاران ڪيو ويو آهي. هتي صرف اهڙي نحوي حوالي سان ’آخري ڇوٽي سُر‘ (last vowel) جو اڀياس مقصود آهي جيڪي ’حرف جر‘ طور ڪم اچن ٿا؛ مثلاً:
    1، مان اسڪولِ وڃان ٿو.
    2، مان گھرِ آهيان.
    بنيادي طور لفظ اسڪول، بيشڪ انگريزي هجي ليڪن اسان وٽ ان جو استعمال سنڌي اصولن موجب ئي ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
    صرفي: واحد: اسڪولُ جمع: اسڪولَ
    (واحد جي صورت ۾ آخري پيش ۽ جمع جي صورت ۾ آخري زبر ڪم آندي وڃي ٿي.)
    نحوي: 1. اسان جي اسڪولَن جو نظام بهتر نه رهيو آهي.
    2. اسان جي اسڪولَن ۾ لائبريريون به نه هجڻ جي برابر آهن.
    (اسڪولَن، ۾ لام کي زبر جمع واري ٿئي ٿي ۽ پهرين ۾’نون ساڪن‘ اضافت جي لفظ ’جو‘ (حرف جر) جي سبب ۽ ٻئي ۾ به ’حرف جر‘ سبب ڪم آيو آهي؛ اهڙين صورتن ۾ ’ن ساڪن‘ جو اضافو ٿيندو آهي.)
    اهڙن اسمن ۾ جڏهن ’زير‘ ڪم آڻجي ٿي ته ان جو ڪردار ’حرف جر‘ وارو ٿي وڃي ٿو؛ يعني اها زير، حرف جر بدران ڪم آندي وڃي ٿي. اهڙي خاصيت برصغير جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ناهي. اهڙو خيال جوڙي سنڌي ٻوليءَ جي 20 سُرن ۽ گھُڻن سُرن (Vowels and Nasal Vowels) جو جائزو وٺجي ٿو.
    سُرن جو حرف جر طور ڪم اچڻ جو جائزو:

    ’اِ‘ سر جو حرف جر طور استعمال
    جملي ۾ حرف جر: مان اسڪولِ وڃان ٿو/
    لفظي اکيڙ: اسڪولِ = اسڪولَ ڏانهن
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اِ = ڏانهن

    جملي ۾ حرف جر: مان گھرِ/ اسڪولِ آهيان.
    لفظي اکيڙ: گھرِ/ اسڪولِ = گھرَ/ اسڪولَ ۾
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اِ = ۾

    ’اِن‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اَ‘سر جو حرف جر طور استعمال
    سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيب اضافت ۾ به زبر جو ڪردار آهي، جيڪا ’حرف اضافت‘ جي بدران ڪم ايندي آهي. دراصل، حرف اضافت جو لفظ: ’جو‘ وغيره به ’حرف جر‘ ۾ ئي شمار ٿيندو آهي؛ ليڪن هتي ترڪيب اضافت کان علاوه اهڙي ترڪيب به ڪم آندي وڃي ٿي جنهن ۾ اضافت واري تصور کان سواءِ ’حرف جر‘ جو مفهوم ادا ٿئي ٿي.
    جملو: هي ملههَ مهانگو ڪپڙو آهي.
    لفظي اکيڙ: ملههَ = ملههَ ۾
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اَ = ۾

    جملو: هن کي گھرَ ڀيڙو ڪري اچ.
    لفظي اکيڙ: گھرَ = گھرَ وٽ
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اَ = وٽ

    ’اَن‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اُ‘ سر جو حرف جر طور استعمال
    جملو: درُ کڙڪاءِ.
    لفظي اکيڙ: درُ = درَ کي
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُ = کي

    جملو: گرهُ چٻاڙي کائجي.
    لفظي اکيڙ: گرهُ = گرهَ کي
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُ = کي

    ’اُن‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’آ‘ ڊگهي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’آن‘ ڊگهي گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال
    جملو: مان گھران آيو آهيان.
    لفظي اکيڙ: گھَران = گھرَ کان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: آن = کان

    جملو: هو ڳوٺان آيو آهي.
    لفظي اکيڙ: ڳوٺان = ڳوٺان کان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: آن = کان

    ’اي‘ ڊگهي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اين‘ گھڻي ڊگهي سر جو حرف جر طور استعمال
    جملو: هو ٻارين ٻچين هت آيو هو.
    لفظي اکيڙ: ٻارين ٻچين = ٻارن ٻچن سان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اين + اين = سان

    جملو: گھڻي زالين گھر نه هلي.
    لفظي اکيڙ: زالين = زالن سان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اين = سان

    جملو: کيرين پٽين خوش آهيان.
    لفظي اکيڙ: کيرين پٽين = کيرن ۽ پٽن ۾
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اين = ۾
    ’اِي‘ ڊگهي سر جو حرف جر طور استعمال (حرف جر جي بدران يي معروف)
    جملو: گھٽِي صاف رکڻ گھرجي.
    لفظي اکيڙ: گھٽِي = گھٽيءَ کي
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اِي = کي

    جملو: مانِي چٻاڙي کائڻ کپي.
    لفظي اکيڙ: مانِي = مانيءَ کي
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اِي = کي
    (هتي ’ءَ‘ ڪاٽوءَ جو ڪم ٿيو....

    اِين‘ گھڻي ڊگهي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اَي‘ سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اَين‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’او‘ سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اون‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اُو‘ سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اُون‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (حرف جر جي بدران غنه واؤ معروف)
    جملو: مان ڏينهئُون موٽي ايندس
    لفظي اکيڙ: ڏينهئون = ڏينهن کان/ ۾
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُون = کان/ ۾

    جملو: هو ڳوٺئُون آيو.
    لفظي اکيڙ: ڳوٺئون = ڳوٺ منجهان/ کان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُون = منجهان/ کان

    جملو: هن پنهنجي هڙئُون مدد ڪئي.
    لفظي اکيڙ: کيرين پٽين = هڙئون = هڙَ مان/ منجهان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُون = مان/ منجهان

    جملو: مليرئُون مون ڏي مڪا...
    لفظي اکيڙ: مليرئُون = ملير کان/ مان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُون = کان/ مان

    جملو: ڪيچئون آيو قافلو...
    لفظي اکيڙ: ڪيچئُون = ڪيچ کان/ مان
    حرف جر طور لفظ جي پڇاڙي: اُون = کان/ مان

    ’اَو‘ سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)

    ’اَون‘ گھڻي سر جو حرف جر طور استعمال (ڪو مثال نه ٿو ملي)
    نوٽ: اڀياس هيٺ اهڙا لفظ به رکيا ويا آهن جن تي ’زيرن زبرن‘ جا امڪاني اختلاف به رهندا هجن، پر هي هڪ شروعاتي ڪوشش آهي، اميد ته مهربان دوست رهنمائي ڪندا.

    نتيجو:
    سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر، واحد- جمع، اسم جون فاعلي- مفعولي ۽ اضافت واريون حالتون ۽ ڪنهن صورت ۾ حرف ندا پڻ آخري ڇوٽي سُر (Last Short Vowel) تي منحصر هوندي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ زير ( ِ ) حرف جر جو ڪم ڏئي ٿي. اهڙي اڀياس تحت جڏهن ان کي مختلف سُرن مان گذارجي ٿو ته چند سُر سامهون اچن ٿا:
    (الف) اِ (زير) ... مثال: اسڪولِ وڃان ٿو (اسڪولَ ڏانهن)، اسڪولِ آهيان (اسڪول ۾)
    (ب) اَ (زبر) ... مثال: هي ملههَ مهانگو ڪپڙو آهي (ملههَ ۾)
    (ج) اُ (پيش) ... مثال: درُ کڙڪاءِ (درَ کي)
    (د) آن (گھُڻو مد) ... مثال: گهران آيو آهيان (گھر کان)
    (ه) اين (گھُڻي ي مجهول) ... مثال: ٻارين ٻچين آيو آهيان (ٻارن ٻچن سان)
    (و) اِي (ي معروف) ... مثال: گھٽِي صاف رکڻ گھرجي (گھٽِيءَ کي)
    (ز) اُون (گھُڻو و معروف) ... مثال: هن پنهنجي هڙئُون مدد ڪئي (هڙَ مان/ کان)
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو