سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال تنهائيءَ جو سبب بڻجي ٿو

'ڪالم' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    روزاني سنڌايڪسپري، جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون :
    سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال تنهائيءَ جو سبب بڻجي ٿو
    __________
    عبيد ٿهيم
    ____________
    فيسبوڪ، انسٽاگرام، ٽوئيٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا ٽولز ذريعي توهان پنهنجن گھروارن ۽ دوستن سان هروقت رابطي ۾ رهو ٿا. پر هڪ تحقيق مطابق سوشل ميڊيا جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ تي توهان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ شروع ڪندا آهيو. يونيورسٽي آف پٽس برگ جي سائڪالاجسٽ جي چوڻ مطابق ته نوجوان جيترو وڌيڪ سوشل ميڊيا تي وقت صرف ڪن ٿا اوترو ئي هُو پاڻ کي سماجي طور تنها محسوس ڪرڻ لڳن ٿا.

    ٽُئيٽر، اسنيپ چيٽ، ريڊِٽ ۽ ٿمبلر جهڙين ويبسائٽن تي گھڻو وقت گذاريندڙ چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل ٿي ويندا آهن. انهن جي خيال ۾ اهو هوندو آهي ته سوشل ميڊيا تي انهن سان رابطي ۾ رهندڙ فردَ انهن کان وڌيڪ خوشگوار زندگي گھاري رهيا هوندا آهن. هي تحقيق امريڪي مئگزين پريوينشن ميڊيسن ۾ پڻ شايع ٿي هُئي، ماضي قريب ۾ ڪيل تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ۾ کوڙ سارا نفسياتي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، پنهنجي پاڻ کي بيڪار محسوس ڪرڻ، ٻين سان ساڙ، مزاج ۾ تبديلي ۽ ذهني دٻاءُ سوشل ميڊيا جا عام نقصان آهن.

    تحقيق جي سينيئر مصنف ڊاڪٽر الزبته ملر جو چوڻ آهي ته اسان اڃا تائين يقيني طور اهو نٿا چئي سگھون ته سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال اڳ ۾ شروع ٿيندو آهي يا سماجي طور تي تنهائي. اهو ممڪن آهي ته بالغ فردَ جيڪي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا هجن اهي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ شروع ٿا ڪن، يا وري سوشل ميڊيا جو گھڻو استعمال ڪندڙ حقيقي زندگيءَ ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا هُجن يا ٻنهي لاءِ ساڳي صورتحال به ٿي سگھي ٿي. جيڪڏهن ماڻهون سماجي اڪيلائپ جو شڪار پهرين ٿئي ٿو ته ان جو اِهو مطلب ناهي ته ان اڪيلائپ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي گھڻو وقت گذاريو وڃي.


    ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تحقيق ۾ شامل ٿيندڙن مان جن روزانو 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت سوشل ميڊيا تي گذاريو، اُهي انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ تنها محسوس ڪندا آهن جن روزانو سوشل ميڊيا تي اڌ ڪلاڪ کان به گھٽ وقت گذاريو هُجي. تحقيق جِي هڪ شريڪ مصنف، برائن اي پريماڪ جو چوڻ آهي ته هي هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي، ڇوته بالغ فردن ۾ دماغي صحت جا مسئلا ۽ سماجي اڪيلائپ وبا جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته، انسان بنيادي طور سماجي مخلوق آهي، پر جديد دور جي رجحانن سان اسان هڪٻئي جي ويجهو اچڻ بجاءِ ورهائجي پنهنجي پنهنجي خول ۾ بند ٿيندا پيا وڃون. جڏهن ته اهو سمجھيو وڃي ٿو ته سوشل ميڊيا سماجي ويڇا ختم ڪري ٿو پر هِي تحقيق ان ڳالھ جي مخالفت ڪري ٿِي.

    هن تحقيق ۾ 19 کان 32 سالن جا 1787 بالغ فرد شريڪ ٿيا هُئا، انهن فردن هڪ سوالنامو حل ڪري سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ پنهنجي احساسن بابت ٻُڌايو. انهن جي جوابن سان محققن مٿي ڄاڻايل نتيجا حاصل ڪيا. تحقيق مان معلوم ٿيو ته سوشل ميڊيا جي ڪري سماجي ميل ميلاپ جو تصور تبديل ٿي رهيو آهي، هاڻ ماڻهن وٽ حقيقي زندگي ۾ ڪنهن سان ملڻ لاءِ وقت ئي ناهي رهيو، ان کان پهرين هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو هو ته فيسبڪ جو گھڻو استعمال صارفن کي مايُوس ڪري ٿو....

    [​IMG]

    http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-4-20/page4.php

    http://sindhexpress.com.pk/epaper/i...ge=Magazine012&Date=20170421&Pageno=13&View=1
     
    محمد خان سيال ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو