سنڌ جا عليحدگي پسند به هميشه مذهبي ئي رهيا آهن ۔ ------------------

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جڏهن به سنڌ جي تاريخ جي ورق گرداني ڪجي ٿي ، ته اها ڳالهه سج جيان روشن ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ جيڪي به عليحدگي پسند ٿي گذريا آهن ۽ سنڌ جي الڳ مملڪت جا قائل هئا ، سي به هميشه مذهبي خيالات سان وابسطا رهيا آهن ۽ انهن ۾ به اسلامي جذبو موجود رهيو آهي ۔
    ۔انهن جا ڪجهه مشهور مثال هيٺ ڏجن ٿا :
    علاء الدين خلجي سان مهاڏو اٽڪائيندڙ دودو سومرو هڪ مذهبي حڪومت جو اڳواڻ هو ۔ نواب دولهه دريا خان شهيد جا به مذهب طرف لاڙو هو ، ڇاڪاڻ ته سندس تعليم و تربيت ڪندڙ سنڌ جو پرهيزگار ، متقي ۽ عادل بادشاهه ڄام نندو هو ۔ دولهه درياه خان کان بعد مخدوم بلال شهيد ارغونن خلاف بغاوت ڪئي ، هو به هڪ جيد عالم ٿي گذريو آهي ۔
    مغلن سان بغاوت ڪري سنڌ کي آزاد ملڪ بنائڻ وارو ميان نصير محمد ڪلهوڙو به پنهنجي وقت جي وڏن عالمن مان هو ، جنهن جا ڪيترائي مريد هئا ، جيڪي سرائي سڏبا هئا ۔ سنڌ جي آزادي کان بعد به هنن هتي شرعي قانون نافذ رکيو ۽ عالمن ۽ مدرسن جو قدر ڪيائون ۔
    انگريز سامراج سان جهاد ڪندڙ ۽ "وطن يا ڪفن "جو نعرو بلند ڪندڙ شهيد سورهيه بادشاه به هڪ مذهبي اڳواڻ هو ، جنهن هڪ طرف آزادي جي تحريڪ برقرار رکي ته ٻئي طرف پنهنجن مريدن کي قرآن وو سنت تي هلڻ جي هدايت به ڪندو رهيو ۔
    پر 70 واري ڏهاڪي کان بعد جيڪا سنڌوديش واري تحريڪ هلائي وئي آهي ، اها ئي واحد تحريڪ آهي ، جيڪا نه صرف دين بيزار ، پر سنڌين کي به صدين کان مذهب جو دشمن ثابت ڪرڻ خاطر جلدن جا جلد لکيا ويا آهن ۔ پر سنڌين ۾ ڪالھ به اسلامي جذبو هو ۽ اڄ به اسلام سان محبت آهي ۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين جيئي سنڌ هلچل ناڪام رهي آهي ۔ ڇو ته امام اوزاعي رحه ۽ شاھ عبداللطيف جي ڌرتي جا وارث ڪنهن به اسلام دشمن تحريڪ کي قبولڻ لاء تيار نه آهن ۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏٺو وڃي ته تحريڪِ پاڪستان ۾ پڻ مذهبي بنياد شامل ڪيو ويو .. ۽ هتان جي ماڻهن کي آزاديءَ بجاءِ اهو سمجهايو ويو ته ڪلمي جي بنياد تي اهڙو اسلامي ملڪ بڻائجي جتي مسلمانن کي پنهنجي هر مذهبي عمل جي مڪمل آزادي هجي.. ۽ پوءِ پاڪستان ڪا مطلب ڪيا لا اله الا الله.. جا نعرا متعارف ٿيا..
    رڳو ايترو ئي نه پر ڀٽو خلاف تحريڪ جو نالو به تحريڪِ مصطفى رکيو ويو .. جنهن سان اهو ثابت پيو ٿئي ته هتان جي ماڻهن کي ڪنهن حد تائين اهو اندازو ته آهي ته هر ڪو کين پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي کين پرواهه ناهي پر ان بجاءِ هوُ مذهبي جذبات تي اڀري پون ٿا..
    خير اهو رڳو سنڌين لاءِ ناهي پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ايران جو انقلاب هجي يا سعودي عرب ۾ سلطنتِ عثمانيه خلاف بغاوت انهن سڀني عملن پويان به مذهبي جذبات هئا..

    مٿي توهان طرفان ٻڌايل شخصيتن ۾ سورهيه بادشاهه کانسواءِ ٻيون شخصيتون ڪيتريون مذهبي هيون ان جا ڪي حوالا ملن ته توهان جي ليک کي وڌيڪ جان ملي سگهندي..
     
    عبدالغني لوهار ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو