ٻول : سِڪَ ۾ سِڪيءَ کي ڪينَ سِڪاءِ سُونهارا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سِڪَ ۾ سِڪيءَ کي ڪينَ سِڪاءِ سُونهارا
    دلبر دُلارا اکڙين جا تارا

    ڇڏي در سڀيئي در تي آياسين
    ڀورل جي ڀر ۾ پکڙا اڏياسين
    آئي جو آڌرُ ڪر پاڻ پيارا

    هلي پاڻ آيس ٻُڌي هوت هاڪون
    سهڻا ٻڌيون هئم تنهنجيون سوين ساکون
    ننگڙو نڀائج ننگ ناميارا

    سهڻا سلامي، آهيان مُدامي
    ڌر کان قبوليم در جي غلامي
    نوڪر چندر کان نه ڪر نه ڪنارا


    آواز : ماسٽر چندر
    ڪلام : ماسٽر چندر

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو