ٽُٽي عشق جي سِر تي آفات پئي آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪلام : حضرت دادن فقير



    ٽُٽي عشق جي سِر تي آفات پئي آ،
    جلي جوش ۾ پنهنجي جسمات پئي آ.

    نڪي آهي فرحت نڪي آهي فرصت
    لڳي ساھ سان ڄڻ سڪرات پئي آ.

    تڪيان ويٺو تارا چوان ويٺو هر هر،
    اچي اوچتو مَن اجھا رات پئي آ.

    هُو ويهي فقط هُن جي ويهڻ جي دير آ،
    ٺهي يار جِي دل ۾ محلات پئي آ.

    ڪڏهن ڇا حجابن جي مارئي کان دادن!؟
    ملاقات جي وٺڻي خيرات پئي آ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو