ٻول : مرندس ته اچي يادون، ڳوڙهن کي چميون ڏيندئي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    مرندس ته اچي يادون، ڳوڙهن کي چميون ڏيندئي،
    ڳوڙهن جون وهي لارون، ڳلهڙن کي چميون ڏيندئي.

    اهي ڳلڙا اُگھندي اُگھندي رومان پُسي ويندئي،
    ۽ لڙڪ ڪِرِي يارو دامن کي چميون ڏيندئي

    ڪم ڪار جي سانگي سان منهنجي شهر جڏهن ايندين،
    هن شهر جي مٽي ڀي، پيرن کي چميون ڏيندئي..

    ماضيءَ جي تصور کي مدهوش ڪندين ڪاڏي!؟
    جنهن ويل ڏٺل منظر، نيڻن کي چميون ڏيندئي.
    ٻول : احمد خان مدهوش
    آواز : ممتاز لاشاري

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو