گلقند

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    گلقند....... هڪ عورت ٻڌايو ته مون پنهنجي مڙس جو فيس بوڪ ڏٺو. اڪائونٽ اوپن هيو، مون واري مڙس جي نقلي آئي ڊي هڪ عربي نالي ولدالعز نالي سان ٺهيل هئي اتي هڪ عربي عورت سان فلرٽ پيو ڪري ۽ ان عورت جو نالو فیس بوڪ تي الفراشۃ الذھبیۃ هو ۔مون سندس پوسٽون پڙهيون ته محبت ڀريا شعر رومانوي ڪهاڻيون وغيره پوسٽ ٿيل، ان باڪس ۾ ايتري قدر جو همراه شادي لاء تيار هو ..... شڪر جو مونکي عربي ايندي هئي. تمام ڪاوڙ لڳي. مون به صاحب کي سبق سيکارڻ لاء ابوالقعقاع نالي فرضي آئي ڊي ٺاهي فرينڊشپ رڪيسٽ ڪيم هي اڳئي عربن تي هريل دير ئي ڪيائين. مون پاڻ واري وال تي خوب قتل و غارت خون خرابي جلاؤ گھیراؤ وغیرہ جون تصويرون لڳائڻ شروع ڪيون. ۔ڪجه عرصي بعد ان آئی ڈی تان پنهنجي مڙس کي میسیج ڪيم. "تون الفراشۃ الذھبیۃ نالي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار جا پيچ پيو لڳائين سا منهنجي زال آهي ۽ منهنجو تعلق خطرناڪ تنظيم جي اميرن مان آهي. تون ۽ تنهنجو خاندان منهنجي پهچ کان ٻاهر نه آهي مان توکي چڱي طرح سڃاڻان ڪٿي رهين ٿو تنهنجو نالو هي ڀائرن جا نالا گهر پتو. المطلب ته هاڻي مونکي فيس بوڪ تي نظر آئين ته مان توکي ٻڪري وانگر ذبح ڪندس اي خارش زده ٻڪري "
    راوي( اهاعورت ) بيان ڪيو ته مون ٻئي ڏينهن ڏٺو ته منهنجي مڙس سڳوري جو رنگ فڪ، فڪر مند، حالت جري. موبائيل ڏٺي مانس ته سڀ اڪائونٽ فیسبوڪ انسٽا گرام ۔سنیپ چیٽ ۔واٽس ایپ سب ڪجه ڊلیٽ ٿيل. وائڙن وانگر هر هر مونکان پئي پڇيائين ته عصر نماز جي آذان ڪڏهن ٿيندي..؟؟ [​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو