گڏه

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    کل جهڙي خبر
    خبر آئي ته چين, پاڪستان جي گڏهن( donkeys) تي سرمايه ڪاري ڪندو، پهريون رد عمل جيڪو ذهن ۾ آيو ته چين هجي يا آمريڪا هميشه پاڪستان ۾ گڏهن تي ئي سرمائيڪاري ڪئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڳين گڏهن گاه کائڻ بعد مالڪن کي اِٽون هنيون. گڏهن جي مستي ختم ڪرڻ لاءِ چين فيصلو ڪيو ته گڏه گهرائي سزا ڏيون، پهرين مرحلي ۾ سرحد صوبه جا گڏه گھرايا اٿن. گڏه به خوش هئا ته خر ڪارن مان جان ڇٽي. پر ٻٽي عذاب ۾ گرفتار ٿيا. خر ڪار ته پورهيو وٺندا هئا ۽ جسماني تشدد ڪندا هئا هي ته جيئري کل لاهيو ڪم ٿا آڻين. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته انهي ڪامياب ڊيل ٿيڻ تي ٻين صوبن جي گڏهن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي. خصوصا سنڌ بلوچستان جي غربت جا ماريل گڏه. سنڌ جي گڏهن ته چيني زبان به سکڻ شروع ڪئي آهي ته من مهرباني جو سلوڪ ٿئي.
    پنجاپ وارن ان سلسي ۾ اعلان ڪيو آهي ته هتان جا گڏه چين نه ويندا ڇو ته اهي گڏه هتي پنجاب جي گوشت جي ضرورت لاءِ ناڪافي آهن.
    لڳي ٿو ته گڏهن کان پوءِ ڪتن جو خير نه آهي. [​IMG][​IMG][​IMG]
     
    زوهيب علي خاصخيلي ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو