نڪتا ڪمان چشم مان تيرِ نظر جدا جدا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ داني شاه طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2017۔

  1. داني شاه

    داني شاه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2015
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    نڪتا ڪمان چشم مان تيرِ نظر جدا جدا،
    زخمي بنائي ويو هليو قلب و جگر جدا جدا!
    ”1“
    تنهنجي جمال ديد کان عرش ٿو شرمسار ٿئي،
    تارا ڪتيون جدا جدا شمس و قمر جدا جدا!
    ”2“
    تنهنجو ۽ منهنجو زاهدا ڪهڙي طرح سان قرب ٿئي،
    عزمِ سفر جدا جدا، راهِ سفر جدا جدا!
    ”3“
    اختر سوخته دل سان ڪر ايڏو ستم نه اي صنم،
    آه و فغان ۾ ٿو رهي برق و شرر جدا جدا!​
     
    MUHAMMAD ASIF BROHI هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو