گنبذ خضره

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ماڻهو تاج محل کي محبت جي علامت قرار ڏين ٿا پر يقين ڪيو ته ترڪ دور عثماني خلافت ۾ جنهن محبت، عقيدت، پرهيزگاري وڏي خرچ ۽ سالن جي محنت سان مسجد نبوي ﷺ جي تعمير ڪئي وئي سو تعميرات جي تاريخ جو بي نظير واقعو آهي. اوهان به پنهنجي دل کي محبت رسول الله ﷺ سان سرشار ڪرڻ لاءِ غور سان هي بيان پڙهو.
    جڏهن ترڪ حڪمرانن مسجد نبوي جي توسيع ۽ تعمير جو ارادو ڪيو ته خليفي وقت منادي ڪرائي ته تعمير مسجد نبوي لاءِ ماهر ڪاريگرن جي ضرورت آهي. اهي مختلف ڪمن جا جهڙوڪ پٿر، ڪاٺ، چٽسالي، گھڙاوت ۽ جڙاوت ۾ يڪتا هجن. سڏ تي لبيڪ چئي لاتعداد ڪاريگر اچي گڏ ٿيا. خليفي سندن احترام ڪيو. وظيفو مقرر ڪري استنبول کان ٻاهر هڪ وسندي ۾ خاص محل ٺاهي کين ڪٽنبن سميت اتي رهايو. خليفه اسلام جو ان وقت دنيا جي وسيع و عريض سلطنت جو حاڪم هئو، انهن ڪاريگرن کي هڪ عجيب وغريب هدايت ڪئي جتان عقيدت و محبت جو هي لازوال داستان شروع ٿو ٿئي. هن حڪم ڪيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ جي تعمير لاءِ احترام جو تقاضا آهي ته اهڙا نوجوان تيار ڪيا وڃن جيڪي پنهنجي فن ۾ بي مثال هجن، قرآني تعليم کان آگاه ۽ ڪامل ايمان وارا ۽ پرهيز گار هجن..... انهي لاء توهان پنهنجي هڪ هڪ ذهين ترين ٻار کي فن جي اهڙي سکيا ڏيو جو هو پنهنجي فن ۾ يڪتا ۽ بي مثال ٿي وڃن، ڀلي ان لاءِ ڪيترو عرصو لڳي، ترڪ حڪومت جو ذمو هوندو ته سندن تعليم و تربيت ٿئي.
    ڪاريگر فورن ان ڪم تي لڳي ويا. ساڳي وقت تعليم و تربيت جو آعلي سلسلو به شروع ٿي ويو. هر هڪ ٻار حافظ قرآن، تعميراتي فن جو ماهر ۽ شهسواري جي رمزن کان آگاه ٿيو. هي وڏي ٽاسڪ هئي. وڏي صبر سان ڪم هلندو رهيو جنهن ۾ اٽڪل 25 سال لڳي ويا................ انهي وچ ۾ سڄي مملڪت ۾ پٿر جون نيون کاڻيون کوٽائي آعلي سنگ مرمر ۽ قيمتي رنگين پٿر گڏ ڪيو ويو. جهنگلن مان بيش قيمت آعلي ڪاٺ ۽ تختا ڪٽايا ويا ۽ ٻيو ضروري سامان جهڙوڪ شيشو، رنگ جو سامان وغيره مهيا ڪيو ويو . اهڙي طرح هن تمام مشقت واري مرحلي کان پوءِ 500 جي لڳ ڀڳ جوان تيار ٿيا ۽ مديني شريف لاء روانا ٿيا.
    ادب رسولﷲﷺ کي ملحوظ خاطر رکندي. سڄو تعميراتي سامان شهر نبي ﷺ کان ٻاهر هڪ ڳوٺ آباد ڪري اتي رکيو ويو. سڄي گهڙائي ڪٽائي اتي ٿيندي هئي. ايتري قدر جو تعمير وقت ڪنهن پٿر ۾ ترميم يا تبديلي جي ضرورت هوندي هئي ته ان کي ساڳي جاءِ تي کڻي وڃي ٺاهيندا هئا جينئن مدينه منوره ۾ دز مٽي نه ٿئي. نوجوان ڪاريگر هر وقت باوضو رهندا هئا تعمير وقت مسلسل تلاوت قرآن مجید يا درود شریف پيا پڙهندا هئا. روضه اقدس جي ڄاري کي ٿلهي ڪپڙي سان ويڙهي رکندا هئا ۽ وڏا ستون لڳائي رياض الجنت ۽ روضي اقدس کي مٽي يا ڪنهن ٻئي تعميري سامان جي ڪرڻ کان بچايو پئي ويو.......... ائين عقيدت ۽ محبت جو سلسلو 15 سالن تائين هلندو رهيو ۽ مڪمل ٿيو. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي محبت، عقيدت جو اظهار نه ٿيو نه ٿيندو. گنبذ خضرا به انهي تعميرات جي نشاني آهي.
    رب جي ڪرم سان گنبذ خضرا اکين سان ڏسي سڪون قلب حاصل ڪيو اٿم، اوهان لاءِ به دعا آهي ته روضه رسول الله صلي الله عليه و سلم جي زيارت جو شرف ح
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو