سيٽرل لائبيرري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    هر تعليمي توڙي تدرسي اداري جو ڪو نہ ڪو اسپاٽ ڪنهن نہ ڪنهن سبب جي ڪري گهڻو ساراهيو ويندو آهي اهڙي طرح شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي سينٽرل لائيبرري جي بلڊنگ پنهنجي افاديت ۽ انفراديت جي ڪري پوري يونيورسٽي ۾ پنهنجو الڳ شناخت رکي ٿي، هن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهڻ گهٽ، هڪ ٻي سان ڪچهريون ڪندي گهڻا نظر ايندا آهن، منهنجو دوست طفيل، جيڪو مون کان هڪ سال سينئير ۽ باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندو آهي، باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ ڇوڪرين جي گهڻائي هوندي بہ هن مهل تائين ڪائي سانوري بہ سيٽ ڪونہ ڪري سگهيو آهي، سبب پڇڻ تي چوندو آهي تہ
    ” منهنجي ڊي اين ۾ شرافت خاندائي طور سمايل آهي ان جي ڪري ڇوڪريون منهنجي ويجهون بہ نٿيون اچن“
    اها ٻي ڳالھ آ تہ کيس اهي چڪربازيون اچن ئي ڪون جنهن سان ڪنهن ڇوڪري جي ويجهڙائپ حاصل ڪبي آهي، ٻہ سال اڪيلائي ۾ گذاري گذاري نيٺ هن لا۽ صبر جي بہ حد ٿي وئي، هڪ ڏينهن مونکي چيائين ” يار ڪڏهن هلئو پاڻ سينٽرل لائبرري “ مون حيرت مان پڇيو ” ڇو خير تہ آهي ڪتاب پڙهندين يا وٺندين “ مرڪي چيائين ” ٻہ سال ٿيا آهن مون کي ڪڏهن ڪو ڪتاب پنهنجي نالي اِشو ڪرائيندي ڏٺو اٿئي“ . ” باقي ڇا جي لا۽ پاڻ هلئو “ مون تجسس مان کانس پڇيو.
    ” بس چڪر تي “
    ڪياڙي کندي چيائين،
    ” جي چڪر ئي هڻڻو اٿئي تہ پوري يونيورسٽي پئي آ، پيو چڪر هڻ، لائبرري هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آ “
    مون دانشورانا انداز ۾ کيس سمجهايو، بنا ڪنهن خاص وجہ جي مان پاڻ لائبرري وڃڻ کان ڪيٻائيندو هيم، سو بنا ڪنهن ڪم جي هن کي بہ وٺي وڃڻ مناسب نہ پئي سمجهيم، ليڪن ڪٿي ٿو سمجهي، سندس ذهن ۾ ڄڻڪ بنھ ڀريل هجي منهنجيون نصيحتون کيس فضول لڳي رهيون هون،
    ” يار تون صرف ايترو ٻڌا۽ گڏ هلندين يا نہ نصيحتون پو۽ ڪجان جلالي پير صاحب “
    همراه ڪاوڙ واري لهجي ۾ مونکان پڇيو، مون بي جهجڪ ٿي ساڻس گڏ هلڻ لا۽ حامي ڀري ۽ پنهنجي پراڻي دوستي جو ڀرم رکيو، اربع جي ڏينهن هن مونکي ميسيج ڪيو تہ اڄ سينٽرل لائيبرري هلنداسين، مون کيس ريپلا۽ ۾ اوڪي لکيو، ڪلاسن کان فارغ ٿي ڪري مان سڌو باٽني ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران وڃي کيس ميسيج ڪيو، هي منٽ اڌ ۾ ٻاهر آيو ۽ اسان سينٽرل لائيبرري لا۽ روانا ٿياسين، اڄ طفيل گلاب وانگي ٻهڪي پيو ۽ خوش خوش نظر پئي آيو، مون سندس نيت پروڙي ورتي تہ پڪ هي ڪنهن حسن جي ديوي جي درشن لا۽ سينٽرل لائبرري هلي پيو نہ تہ هيترو ٻهڪي ڪونہ ها، اسان جڏهن سينٽرل لائبرري جي گيٽ وٽ پهتاسين تہ اسان جي لائبرري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻن ايپران پهريل حسن جي ديوين اسان کي ڪراس ڪيو، شايد هو بہ باٽني ڊپارٽمنٽ يا زولاجي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهنديون هيون، تڏهن تہ کين وائيٽ ايپران اوڍيل هئا، مون تہ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪئي، مگر طفيل جو نظرون انهن ۾ ائين کپي ويون ڄڻڪ ڪي عيد جون چنڊ هجن، طفيل جي دل سيني مان نڪري چڪي هئي ۽ جي ٿري جي گولي جي رفتار ۾ سندن پويان پويان وڃي رهي هئي، لائيبرري ۾ داخل ٿيندي ئي مون ۽ طفيل لائبرري جي کاٻي ڪنڊ وڃي ورتي جنهن طرف ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب رکيل آهن مان ڪٻٽ ۾ رکيل ناول ڏسي رهيو هوس ۽ طفيل جون نظرون پوري لائبرري ۾ انهن ٻن پرسرار ديوين کي ڳولي رهيون هيون، اچانڪ طفيل آواز ڏنو
    ” اچ ويھ يار هو ڏس هو سامهون اچن پيون“
    مان سڌو اچي ويهي رهيم،
    الڙ ناريون، بغلن ۾ پرس، نازڪ اکين ۾ سن گلاسز پهريل، ڏسڻ ساڻ مان بہ ٿورو موهجي پيس مگر جلد ئي پاڻ سنڀاليم، ڇو تہ شڪارين وٽ شڪار ٿيڻ منهنجو دوست آيو هو نڪي مان، طفيل منهنجي ساڄي پاسي ويٺو هو ۽ سندن فيوچر جي ٿيڻ واري بي خبر محبوبا پنهنجي سهيلي ساڻ اسان جي کاٻي پاسي وڃي ويٺي، منهنجو نظريو اڄ تائين اهو رهيو آهي تہ يونيورسٽي ۾ جيڪا بہ ڇوڪري زير تعليم هوندي آهي اها ڪنهن نہ ڪنهن جي نظر جي اجل جو شڪار ٿي ويندي آهي، سڌو ائين تہ هر ڪنهن ڇوڪري جي پهريائين ئي ڪنهن نہ ڪنهن سان افئير هلندڙ هوندو آهي سو بهتر آهي تہ ڪنهن تي ٽرا۽ نہ ڪجي، پنهنجو ۽ ان جو قيمتي وطن برباد نہ ڪجي، ڪوئي پاڻ پرپوز ڪري تہ پو۽ کڻي انڪار نہ ڪجي باقي ڪنهن جي ڪباب ۾ هڏي نہ ٿجي، منهنجو دوست تہ مونکي ڪباب ۾ هڏي محسوس ٿي پيو ۽ سندس فيوچر جي محبوبا تہ مونکي ڏاڍي ايڊوانس پئي لڳي مون کي لڳو پئي تہ سندس پهريان ئي ڪو نہ ڪو بوا۽ فريڊ هوندو، منهنجي مجنون دوست طفيل جي دل سُن، چپ خشڪ ۽ اکيون ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو، ڇوڪرين مان تہ اصلي نظر ئي نہ پيو ڪڍي،
    ” وڻئي ٿي ڇا ؟؟؟؟ “
    مون کيس سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍيو،
    بي ساختہ ٿي چيائين ” ها يار ڏاڍي “
    ” تہ پو۽ دير ڇا جي، بوڪ مان پنو ڪڍ ۽ لکيس تہ تون مونکي وڻي ٿي، “
    همراه نہ ڪئي هم نہ ڪئي تم، مون کي گرو رنجنيش اوشو سمجهي منهنجي صلاح تي عمل ڪندي نوٽ بڪ مان پنو ڪڍيو ۽ سڌو لکيائين،
    ” آ لائيڪ يو يو آر سو بيوٽي فُل، واٽ از ان يوئر مائيڊ فار مي، پليز گيو مي اينصر ايٽ دس نمبر “
    هيٺيان پنهنجو نمبر لکي پر جوش ۽ پر اميد ٿي ويٺو، کيس ڇوڪري بہ وڻي، سليڪٽ بہ ٿي وئي، لو ليٽر بہ لکجي ويو، هاڻ مسئلو اهو هو تہ اهو لو ليٽر ان تائين پهچائي ڪير، هو نسورو نئون ماڻهون، مون کي پنهنجو ڀئو تہ مون کي نہ چئي سو ڏنا مانس ٽيڪر
    ” يار جڏهن عشق ڪبو آ ني پو۽ ڊڄبو ناهي، دلير ٿي وڃبو آ دلير، صفا دريا خان ۽ سمنڊ خان وانگي، نہ تہ پو۽ غزل ۽ مقالا پيو لکندي، همت ڪر اُٿ، وڃ لو ليٽر ڏيس، اصلي صفا نہ ڊڄ مان جو تونسان گڏ آ، بي عزتي ٿي تہ ٻنهن جي گڏ ٿيندي، ڏس مان تنهنجي لا۽ پنهنجي بي عزتي جي بہ پرواه نہ ٿو ڪيان، همت ڪر اُٿ ڪنڌار “
    همراه صفا جيٽ جهاز وانگر تيار ٿي ويو، صرف منهنجي اشاري جي دير هئي ۽ هن جي اٽيڪ ڪرڻ ، ان کان پهريان جو هي سندن ويجهو وڃي ۽ کين ليٽر ڏي ڪهاڻي ۾ ڪلائميڪس اچي ويو، سڪي جي پاسي پلٽو کاڌو،
    ” جسم ڀريل هلڪي قد سان پينٽ شرٽ پهريل ڇوڪرو اچي ساڻن گڏ ويٺو ۽ هو ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا،“
    طفيل جي دنيا کي ريوس گئير لڳي وئي، ڪجھ ٽائيم اڳ ڏٺل سندس سڀ منصوعي خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳا، سندس چهرو ڦڪو، نڻي خشڪ ۽ اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون، سندس لو اسٽوري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي.
    يوسف جميل لغاري
     
  2. سعيد عباس ٻرڙو

    سعيد عباس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊيٽي آهي
    ماڳ:
    خيرپور
    زبردست ادا
     
    يوسف جميل لغاري ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  3. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه

هن صفحي کي مشهور ڪريو