احتجاجن جو عڪس

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ڪجھ عادتون، روايتون ۽ هدايتون اسان جا ساٿي بڻجي ويندا آهن جڏهن اونداھ ذهنن ۾ علم پنهنجي طاقت سان شعور جا ڏيا ٻارڻ شروع ڪندي آهي تہ هر شئي ۾ اسان کي سندس عڪس چٽو ۽ واضع نظر اچڻ لڳندو آهي،

    دنيا جي هر معاشري ۾ هڪ روايت قديم آهي اِها آهي احتجاج جي روايت، هر روز اخبارن، ٽيليوزنن توڙي سوشل ميڊيا تي کوڙ سارن احتجاجن جون تصويري منظر ڏسڻ لا۽ نصيب ٿينديون آهن، مثلن :

    ” ڳوٺاڻن جو وڏيري جي ظلمن جي خلاف احتجاج“ ،

    ” دعا ڪالوني واسين جو تشدد ڪرڻ وارن جوابدارن جي گرفتاري لا۽ احتجاج“،

    ” قمبر ۾ معذورن جو مطالبن جي مڃتا لا۽ احتجاج“ ،

    ” ڇاڇري ويجهو بلڊنگ نہ هجڻ ڪري ٻارڙا جهوپڙي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، ڳوٺاڻن جو احتجاج“،

    ” ٺري ميرواه ۾ شهرين جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج“،

    ” نوشهري فيروز ۾ حقن جي حاصلات لا۽ خوراڪ کاتي جي ملازمن جو احتجاج“،

    ” لاڙڪاڻي ۾ جيالي جو گهرواري ۽ ٻارن سميت نوڪري لا۽ احتجاج“،

    ” قمبر ۾ معذور جو ٻارڙن سميت سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاج“،

    اهڙي نموني اگر ڪنهن هڪ ڏينهن جي اخبار تي گهري مطالعي واري نظر رکي ڪري پڙهجي ٿو تہ انيڪ قسمن جا احتجاج رپوٽ ٿيل نظر اچن ٿا، هر احتجاج جا اسباب الڳ ۽ سندن نوعيت بہ اڪثر هڪ ٻي جي مخالف هجي ٿي، اسان وٽ هر فرد پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ساڻس ٿيل نا انصافين خلاف احتجاج ڪندو آهي ان جو مقصد اڳلي ڌر کي اهو ياد دهاني ڪرائڻ هوندو آهي تہ هن طرف ڌيان ڏنو وڃي ۽ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

    ننڍي ٻار جو روئڻ بہ دراصل هڪ قسم جو احتجاج هوندو آهي ٻار روئي ڪري اهو احتجاج ڪندو آهي تہ کيس بک لڳي آهي ۽ کيس سندس کاڌو فراهم ڪيو وڃي، سمجھ ۽ عقل اچڻ کان پو۽ اڪثر ٻار پنهنجن مطالبن جي مڃتا لا۽ احتجاج ڪندا آهن سندن احتجاج گهر ۾ ماني نہ کائڻ، والدين سان ڳالھ ٻولھ کي فل اسٽاپ هڻڻ يا وري بي وقتو گهر ڇڏي ڪري ڪٿي گم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ هوندو آهي، اِهي حرڪت ان شئي جي نشاندهي ڪندا آهن تہ سندن مطالبا مڃيا وڃن نہ تہ هو ڪنهن بہ حد تائين وڃي سگهن ٿا يا ڪجھ بہ ڪري سگهن ٿا.

    جوڀن جي ڏينهن ۾ محبوب جي من جي مندر ۾ پنهنجو گهر اڏيندڙ عاشق بہ ڪنهن حد تائين مختلف حالاتن ۽ واقعاتن جي رونما ٿيڻ مهل احتجاج ڪندا آهن، هن طبعقي جو احتجاج مڙيئي ٻين احتجاجن کان مختلف ۽ انوکو هوندو آهي، ” وقت تي بيلنس نہ موڪلڻ، ميسيج جو رپلا۽ نہ ڪرڻ، بي وقتو مسڊ ڪال ڏيڻ وغيرو وغيره، هن قسم جي ڪافي معمالاتن جي واقع ٿيڻ مهل هن طبعقي جي مجبور ۽ مسڪين عاشقن سان سندن محبوبائون احتجاجن ڳالهائڻ ٻولائڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن، پو۽ وري ٿيندو ائين آهي تہ اهي عاشق پنهنجي محبوبائن جا گس پنڌ جهلي کين منٿ ميڙ ڪرڻ توڙي مختلف هربا هلائيندا آهن تہ جئين سندن پرين ساڻن پرچي پون، ناز، نخرا ۽ ماڻا تہ محبوبن جا ڏاج هوندا آهن بنا ناز نخرن ۽ ماڻن جي ڪنهن کي محبوب جو رتبو ڪئين ٿو حاصل ٿي سگهي.

    احتجاجن جي پنهنجي هڪ وڏي تاريخ آهي، احتجاج انيڪ روپ رکي ٿي، ڪڏهن سُڪل ماني ڳچي ۾ وجهي ماڻهو احتجاج ڪندا آهن تہ وري ڪڏهن پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي احتجاج ڪندا آهن، ڪڏهن دڪان ۽ شهر بند ڪري تہ وري ڪڏهن اُڀ ڏارئيندڙ نعرن سان روڊ تي نڪري ڪري، اسان توهان ۽ هن معاشري جي هر فرد زندگي ۾ ڪٿي نہ ڪٿي احتجاج ضرور ڪيو آهي، اسان سڌي طرح يا وري اڻ سڌي طرح ڪنهن نہ ڪنهن احتجاج جو حصو رهيا آهيون، ڪنهن شخص جي خاموشي بہ ان شئي جي علامت هوندي آهي تہ هو احتجاج واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهي.

    ڪجھ احتجاج اسان جي روز مره جي زندگي تي ڪافي اثرانداز ٿيندا آهن جهڙوڪ :

    استادن جو احتجاج - جيڪو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل تي اثرانداز ٿيندو آهي،

    وڪيلن جو احتجاج - ڪورٽن ۾ انصاف جي فراهمي کي اينگائي ڇڏيندو آهن،

    شاگردن جو احتجاج - سندن ئي نقصان جو
    سبب بڻجندي آهي.

    ٽرانسپوٽرن جو احتجاج - سفر جي عمل کي ڏکيو بڻائي ڇڏيندي آهي،

    اهڙي نموني انيڪ قسمن جا احتجاج ڏسڻ وٽان ملندا آهن مون پاڻ زندگي ۾ ڪئي دفعا ڪئي جڳهن تي احتجاج ڪيو آهي ۽ آءُ يقين سان چوا ٿو اوهان بہ ڪافي دفعا احتجاج ڪيو هوندو، ڪڏهن پنهنجي ذات سان احتجاج، ڪڏهن پنهنجي ڏات سان احتجاج تہ وري ڪڏهن وري پنهنجي جذبن، احساسن ۽ اميدن سان احتجاج، منهنجو هي اوهان سان مخاطب ٿيڻ بہ هڪ قسم جو احتجاج آهي،

    اوهان بہ هن معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف پنهنجي لفظن وسيلي احتجاج ڪريو، جئين سڀاڻي اڳتي هلي ڪري تاريخ جا معياري نہ بڻجو،

    يوسف جميل لغاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو