شاگردي وارو دور ڪئين هجڻ کپي

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اسان جي زندگي انڊلٺ جيان پنهنجي منجه کوڙ سارا رنگ رکي ٿي، اُهي رنگ مختلف دورن جي عڪاسي ڪن ٿا، جئين ننڍپڻ جو دور، ٻالڪپڻ جو دور، جواني جو دور ۽ وري آخر ۾ ڪراڙپ جو دور، اهڙي طرح هڪڙو دور هوندو آهي جنهن جو رنگ زندگي ۾ سڀني رنگن کان نمايا نظر ايندو آهي يا کڻي ائين چئجي تہ جنهن جو اثر پوري زندگي تي گهڻو ۽ گهرو رهندو آهي اهو آهي شاگردي وارو دور، هي زندگي جو اهو سونهري دور هوندو آهي جنهن ۾ وڏڙن جي خرچ تي پنهنجا شوق پورا ڪبا آهن، وري هن دور جو عروج جي حوالي سان ڳاله ڪبي تہ اهو عروج هوندو آهي يونيورسٽي لائيف، يونيورسٽين جي ڪشاده ۽ دلڪش ماحول ۾ داخل ٿيندي ئي ڪافي سارا نوجوان خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن، مثال طور تہ ” منهنجون سٺون مارڪون هجن هر سبجيڪٽ ۾، هر ڪوئي مون کي سٺي نگاه سان ڏسي، هر ڪنهن جي من ۾ منهنجي لا۽ مناسب جڳه هجي، معاشري جا ماڻهو مون کي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سرجهيل ماڻهن ۾ شمار ڪن، ڊگري کان پو۽ جلد از جلد ڪٿي نہ ڪٿي ڪنهن سٺي پگهار واري مناسب نوڪري ملي وڃي، وغيره وغيره “ هلو خواب تہ ڏسجي ويا پر انهن جي ساڀيا لا۽ ڪهڙي جدوجهد ڪجي اڪثر شاگرد ان طريقي ڪار کان اڻ واقف هوندا آهن جنهن جي سبب گهڻي محنت ڪندي، هوشيار هوندي بہ پوئتي رهجي ويندا آهن،
    يونيورسٽي لائيف ۾ ٽہ اهم خوصوصيتون بنيادي حيثيت رکن ٿيون جيڪي اوهان کي ڪامياب ڪنديون، اُهي خصوصيتون اوهان کي ڪاميابين جي حاصلات ۾ مدد فراهم ڪنديون، انهن جي هوندي ناڪامي جو تہ تصور ڪرڻ ئي غلط آهي ها البتہ باقي جي اگر قسمت جي بازي هڻي وڃي تہ پو۽ اها وري الڳ ڳاله آهي،
    يونيورسٽي لائيف ۾ جيڪا پهرين ۽ خاص خصوصيت شاگرد جي نوٽ ڪئي ويندي آهي اها آهي Behavior يعني اوهان جو رويو، اوهان ڪهڙي انداز ۾ پنهنجي ڪلاس فيلوز توڙي لاڳاپيل ماڻهن سان پيش اچو ٿا ؟، اوهان ڪهڙي انداز ۾ گفتگو ڪيو ٿا ؟، اوهان ۾ ڪيتري قوت برداشت آهي ؟، اوهان ڪيتري حد تائين پنهنجو پاڻ سان سنجيده آهيو ؟، ڪجه اهڙي طرح سان اوهان جي شخصيت جو مڪمل جائزو ورتو ويندو آهي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿي تہ اهو جائزو وٺندو ڪير آهي؟، اهو جائزو هر اهو استاد وٺندو آهي جيڪو اوهان کي پڙهائي رهيو هوندو آهي
    يونيورسٽي لائيف جي جنهن ٻي خصوصيت جو شاگرد منجه جائزو ورتو ويندو آهي اهو آهي شاگرد جي Personality يعني اوهان جي شخصيت، اوهان ڪهڙي شخصيت جا مالڪ آهيون، اوهان ڪهڙي قسم جو لباس اڪثر اوڍيندا آهيو، ڇا اوهان جو لباس پرڪشش آهي يا وري اڻ وڻندڙ، ڇا اوهان اڪثر اهو لباس پهرئيندا آهيو جيڪو اوهان جي ڪورس يا ڊگري سان مشابت رکي ٿو يا مناسب آهي، ڇا اوهان ظاهري طور واقعي شاگرد نظر اچو ٿا ؟، ڪجه اهڙي ئي طريقي سان اوهان جي شخصيت کي جاچيو ويندو آهي،
    آخري ۽ تمام اهم ترين پهلو جيڪو اوهان جي خصوصيتن ۾ تلاش ڪيو ويندو آهي اهو آهي confidence يعني اوهان جو پنهنجي پاڻ تي اعتبار، يقين ۽ ڀروسو، اوهان شين کي ڪهڙي نموني سان قابل اعتبار بڻايو ٿا، اوهان منجه ڪيتري حد تائين شين کي بيان ڪرڻ جي بي باڪي آهي، ڇا اوهان مليل ڪم کي وقت سر انجام تي ڪرڻ جي سگه رکو ٿا، ڇا اوهان ڪنهن بہ شئي کي آسان ۽ پر اثر طريقي سان بيان ڪرڻ جو فن رکو ٿا، اوهان ڪيتري قدر تائين ماڻهن کي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڏياري سگهو ٿا ؟،
    اهڙي نموني اوهان جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي جاچيو ويندو آهي، ان ڳاله ۾ ڪوئي شڪ ناهي تہ جيڪر اوهان پنهنجي شخصيت ۾ انهن خصوصيتن کي شامل ڪري ڇڏيو تہ اوهان جو هي دور جنهن کي شاگردي وارو دور سڏجي ٿو، سونهري دور ٿي پوندو ۽ يقين ڪريو تہ اوهان زندگي کي گذارڻ جو اهو فن سکي وٺندئو جنهن فن کان شايد ڪي ئي شاگرد يونيورسٽي ۾ هوندي بہ اڻ واقف هوندا آهن يا نہ سکي سگهندا آهن،

    يوسف جميل لغاري
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو