گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏَ ميهارَ جا شاهه لطيف سر سهڻي داستان : 01 بيت : 23 ڏکين لفظن جي معني' مُنڌَ = ننڍي نيٽي نوجوان زال سهڻي زال هتي سهڻي وَسِيلا = آسرا، اُميدون، اُپاءَ ، ذريعا ، واسطا تِهان = تنهن کان، ان وقت کان سُئا = ٻڌا بيت جو پس منظر * دلو ڀڄي پيو، سهڻي ٻڏي وئي هاڻي ڪا اميد نه رهي. * تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا. سمجهاڻي سر سهڻيءَ جو هي بيت تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل آهي. ڀٽائي هن سر ۾ عاشق عورت کي ۽ مرد کي معشوق بڻايو آهي. تنهنڪري ساهڙ حقيقي محبوب ۽ سهڻي سالڪ آهي. جڏهن سهڻيءَ جو دلو ڀڄي پيو ته هوءَ لهرن ۾ لڙهي لهواري ٿي ۽ حق سان ملي هڪ ٿي وئي. _____ ڊزائن : آفتاب حسين کوهارو محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل